رضوان علياڻي
سينيئر رڪن
آئون ميرپورخاص ضلعي جي هڪ ننڍي شهر جهڏي جو آهيان جيڪر ته اهو به هڪ تعلقو آهي۔ مون الائي ڪيترائي سنڌ جي شهرن وارا شعر، گانا ڊراما وغيرا ڏٺا آهن پر جتي سنڌ جي ننڍن ننڍن شهرن جا نالا ورتا وڃن ٿا اتي هميشه اسان واري علاقي جي اسان جي شهر ٺهيو ويجهو وڏو شهر(ڊگهڙي) ڇڏيو اسان جي ضلعي ميرپورخاص جو به نالو نه ٿو ورتو وڃي۔۔۔ مون اها شڪايت الائي ڪيتري ڪئي آهي۔۔۔۔ ٻي ڳاله ته ڪجه مهينا پهري علي قاضي جتي ڪتي جلسا ڪري رهيو هو اهي مون ٻڌا ۽ الائي ڪيترن قومپرستن جا مون جلسا ٻڌا آهن اتي اتر واري سائيڊ جي صفا ننڍن ننڍن شهرن جا نالا ورتا وڃن ٿا پر هميشه اسان جي ضلعي کي به وساريو وڃي ٿو۔۔ ان ڪري آئون اهو چوڻ چاهيندس ته يا پوري سنڌ چئو جيڪڏهن شهرن جا نالا وٺو اتي اسان جي ضلعي کي وساري اسان جي دل آزاري نه ڪريون۔۔۔ آ مهرباني افسوس۔۔۔۔۔۔۔