Sindhi Media
سينيئر رڪن
اچو ته سنڌي ڪلچر سان گڏ سنڌي ادب لکڻيءِ جي به حفاظت ڪريون اهو به اسان جو قومي فرض آهي
اچو ته سنڌي ڪلچر سان گڏ اصل سنڌي ادب ”لکڻيءِ جي ادب“ جي به حفاظت ڪريون اهو به ته اسان جو قومي ۽ اهم فرض آهي اسان سنڌ جي جُدا جُدا علائقن جي ڪلچر، ٻوليءَ (يعني ڳالهائڻ جي اندازن جي) کي هڪ اصلي ۽ لکڻي سنڌي ادب، جيڪو مختلف سنڌي علائقن جي تهذيبن ٻولين ۽ ڪلچر، رسمن، رواجن کي ئي پاڻ م سميٽي هڪ ٿو ڪري، اچو ته ان ڳالهه جي تميز ڪرڻ سکون ته ڳالهائڻ جو ادب هڪ ۽ لکڻ جو ادب ٻيو آهي ، اچو ته حقيقي ۽ سولي سنڌي لکي، گَهڻ سنڌي ٻولين کي ٽوڙڻ بجائي هڪ هار ۾ پويون. ته اُها اسانکي اڳتي وٺي هلي، ٻين قومن ۽ تهذيبن کي سولي سنڌي ۾ سمجهاڻي ڏئي اسانجي ٻولي ڳالهائڻ سيکاري ۽ اسان لا پيار ۽ مُحبت جا رستا ڳولي لهي ۽ اهو تڏنهن ٿيندو جڏنهن توهان پنهنجي ڳالهائڻ واري زبان ۽ انداز کي سنڌي لکڻي ادب کان پاسي ڪرايو، ان جي بهترين جڳهه ڊراما نگاري آهي۔ ڊرامائي طريقن سان ٻين قومن کي پنهنجي حيثيت، شناخت ُجود کي ذهن نشين ڪرايو پر لکو سولي ۽ اسٽينڊرڊ سنڌي ۾۔
نون اُستادن کي ته بک هڙتالن، جلوسن، ڪاممورن جي ڪُرسي کني هلن۽ پريس ميٽنگن، ٽيوشن سينٽرن مان واندڪائي ئي نٿي ملي پر پُراڻا ماستر يعني اُستاد به الائي ڇو خاموش آهن شايد اهي به اثر وٺي اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون بند ڪرائي هڙتال تي ويل آهن ۽ تيسين شاگردن کي چڻا کپائڻ جو درس پيا ڏين۔ هي انهن جو ڪم آهي، رُڳو ڪامورن ۽ وڏيرن جي پُڇ ۾ ٻڌجي گوسٽ اسڪولن جي حفاظت يا کين اوطاقن ۾ تبديل نه ڪن۔
نسلي ڪمزوري آهي، ڪنهن ڳالهه کي ٿا وٺون ته اصل لٺ کنيو هلون مقصد سمجهه ۾ اچي نه اچي نه اچي بس کوهه ۾ ٽُپو ڏيڻو آهي ، رپورٽر ٿيڻو آهي، رائيٽر بڻجڻو آهي، ڊرامان نگار ٺهڻو آهي ادا ائين ڪرڻ جا شفيق جوکئِ ٍجهڙي ڪنهن اُستاد کان به گُر سکڻا پون ٿا، اهو سمجهڻ کان سوا ته ڇا اسان جي دال به ڳرندي يا نه ، بس ڪنهن جي يا پنهنجي ڦاڙڻي آهي ته ڦاڙي ڇڏجي پوءِ ڀلي ڦاڙڻ نه ايندو هُجي۔ ادا ڏاڍو سو گابو ميمڻ ويچاري تي ڪهڙي معيار اسان جي ماٺ آهي يقين نه اچوَ ته مُهنجي يار مُحترم شفيق جوکيو صاحب کان تصديق ڪرائي وٺو۔ شروع ڇو ٿيس جو ”سائين پوري دُنيا جي زبانن ۾ هوندو آهي ته لکت لا هڪ طريقو ۽ ڳالهائڻ لا ٻيو طريقو استعمال ڪيو ويندو آهي، ڪنهن به کڻي زبان کي کڻو توهانکي اهي ئي ٻه شيون اُتي ملنديون ۽ اهڙي ريت لکت واري سنڌي ۾گرامر جي صحيح استعمال ۽ صحيح اُچار جي خبر به پوندي آهي جيڪو سنڌي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارن لا لازمي هوندوآهي ان ڪري ئي سنڌي ادبي بورڊ جو وجود آيو جيئن صحيح سنڌي زبان جي حفاظت ڪري سگهجي ، اهو دئور واڻين جي دئور کان مُسلسل ڀُٽي صاحب جي دئور تائين هلندو رهيو۔ ۽ پو ڀُٽي صاحب جي نوڪري ڏيڻ واري عهد کان جيئن ئي اُتر سنڌ مان لڏ پلاڻ ٿي لاڙ پُهتي لکت جو طريقو به بدلجندو ويو۽ ڪنهن به برک اصلي لکت واري سنڌي ان کي صحيح رُخ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي ممڪن آهي سياسي پريشرن جي ڪري يا نوڪري ۽ آفيسري بچائڻ جي ڪري ٻين ڪنهن مجبورين جي ڪري۔ اڄ جي سنڌي ڊراما نگاري واري سنڌي آهي۔ اهڙي طرح سُگهڙن جون پُراڻيون ڪچهريون يا سائين صالح محمد شاه جي ريڊئي تي نشر ٿيل فتح خان جي ڪچهري مان به گهڻو ڪُجهه سکي سگهجي ٿو۔ڊرامان نگاري وري هڪ ٻيو فن آهي ها ان ۾ ڊائلاگ علاقائي ڳالهائڻ واري زبان جا لفظ اُچاري سگهجن ٿا ۽ سگهبا آهن جنهن سان علائقي جي تهذيب و تمدن جي خبر گيري ٿيندي آهي ته فلاڻي فلاڻي طريقي سان ڳالهايو پر ان ڊرامي کي کڻي هلڻ لا به لکت اُهائي اصلي سنڌي واري هُئڻ کپندي هُئي، وقت جي گُذرڻ سان ۽ اُتر سنڌ جي اثر ڪري اُتر جي پاسي وارن جي علم ادب، جاب ، ٽيچنگ وغيره ۾ اڪثريت وڌندي وئي ۽ هُنن لکڻ واري سنڌي کي به پنهنجي ڳالهائڻ ورا ڍنگ (ڊراما نگاري)سنڌي سان بدلائي ڇڏيو جيڪو اڄ تائين جاري و ساري آهي۔ هاڻ هرڪو سنڌي لکڻ وارو ليکڪ آهي جيڪو ڳالهائي ٿو اھو ئي لکي ٿو جڏنهن ته لکت جا به اُصول آهن جن جو خيال نٿو رکيو وڃي ۽ ڪا پابندي ناهي، باقي سنڌي جو خانو خراب انهن سنڌي ليکڪن به ڪيو جن مئٽرڪ به مُشڪل سان پڙهي هُجي ۽ جن سنڌي چئنلن تي لکيو، مشهور ٿي ويا جو کين ميڊيا تي پبلسٽي ملي ۽ ماڻهون خاص طور نئين جنريشن اهو رستو اختيار ڪندي وئي ۽ سنڌي ادب هڪ عام ادب بڻجي پيو آهي جنهن جا هاڻ ڪي اُصول ناهن۔ هاڻ فرهاد قائم خاني به سنڌي لکي ٿو ته ڪي ڪي به جن شايد ئي سنڌي اسڪولن جي شڪل ڏٺي هجي ۽ شاهه نواز ڀُٽو ته اسلم ڀُٽو به رائٽر سڏرائجن ٿا اڪثر ڊائريڪٽر ويچارا ته پئسا بچائڻ لا پاڻ به رائيٽر ٿي پيا آهن ۽ سنڌي ڊراما نگاري، اڙدو ڊرامان يا ڊائجسٽون يا هندي فلمون ڏسي ڪهاڻين کي توڙي موڙي سنڌي زبان جون ٽنگون ئي ڀڃي چُڪا آهن ۽ ڪو به ڪلچر سان وابستا اٿارٽي وارو اعتراض نٿو ڪري اُبتو کين رائٽر ايوارڊ سان نوازي ٿو۔ سنڌي ادب جي رهي سهي ڪثر به ختم ٿيندي وڃي ۔ جيئن نثري نظم ۾ هوندي آهي جنهن ۾ نه بحر ۽ نه ئي وزن جو خيال نٿو رکيو وڃي جنهن ۾ شعر جو ماڊرن طريقو ڏسي سگهبو آهي۔ لکت واري سنڌي کي بچائڻ لا ان کي به ڪو نثري نظم جهڙو ئي نالو ڏجي ها،اهڙو ڪو نالو ڏجي ها ته بهتر هُجي ها جيئن نثري نظم ٿي پيو۔ ڇو ته ڳالهائڻ واري زبان گرامر ۽ اُچار ڪرڻ کان آزاد هوندي آهي۔ ۽ اڄ ڪلهه سنڌي ڪلچر ۾ به ڳالهائڻ واري زبان استعمال پئي ڪئي وڃي پو اهو ڀلي ليکڪ ئي ڇو ناهي۔