جوکيو شفيق احمد
سينيئر رڪن
ڪراچي پورٽ ۾ سنڌين لاءِ ”نو-انٽري“ جو بورڊ!
گذريل 10 سالن کان سنڌ جون بندرگاهون هڪ لساني ڌر وٽ يرغمال بڻيل آهن. مشرف دور ۾ ته وري به ڪجهه بهتر صورتحال هئي، جو ادارن جا سربراهه رٽائر يا حاضر سروس فوجي هئڻ ڪري اها ڌر ايتري من ماني نه ڪري سگهندي هئي، پر جڏهن کان هي اسان جي مفاهمتي سرڪار آئي آهي، تڏهن کان ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم جهڙا قومي ادارا سنڌين لاءِ نوگوايريا بڻجي ويا آهن. ڪراچي بندرگاهه، سنڌ جي وڏي بندرگاهه آهي ۽ پاڪستان جو سڀ کان امير ترين ادارو آهي، جتي سنڌين جي ڀرتين تي بلڪل پابندي آهي. هن بندرگاهه کي وڌيڪ وڏو ڪري وڏا وڏا جهاز گهرائڻ وارو منصوبو ڊيپ سي پورٽ به زير تڪميل آهي، جنهن کانپوءِ هتي هر قسم جو ننڍو وڏو جهاز لنگرانداز ٿي سگهي ٿو. ڪي پي ٽي ۽ پورٽ قاسم ۾ هر اهم پوسٽ تي سٽي گورنمينٽ جا آفيسر ڊيپوٽيشن تي آڻي، انهن کي اتي ضم ڪيو ويو آهي، جيڪي هڪ مخصوص ڌر لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. جنرل مينيجر جي پوسٽ تي ويٺل هڪ آفيسرياڻي جڏهن ڀرتين لاءِ انٽرويو وٺندي آهي ته ڪراچي کان ٻاهران آيل اميدوارن کي اهو چئي ٽوڪيندي آهي ته توهان ته فلاڻي شهر جا آهيو، پوءِ هتي ڇو نوڪري وٺڻ آيا آهيو؟ اهو سلسلو گذريل ساڍن چئن سالن کان هلي پيو، پر ڪنهن جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي سُري. ان صورتحال کان حڪمران پارٽي جا مقامي اڳواڻ به خائف آهن، جن جي بقول جيڪڏهن اهي آواز اٿارين ٿا ته انهن کي چپ رهڻ جو چيو ٿو وڃي. ڪياماڙي ٽائون مان ئي چونڊيل ايم اين اي ڪجهه مهينا اڳ ڪيماڙي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ساک سان ڳالهه ڪئي ته بطور ايم اين اي هن اسلام آباد ۾ بندرگاهن واري وزير کي درخواست ڪئي ته نوڪرين ۾ سندس علائقي واسين کي به حصو ڏنو وڃي ته وزير موصوف کيس کتو جواب ڏيندي چيو ته، سنڌي، پٺاڻ، پنجابي ۽ بلوچ کان علاوه اگر ڪو ٻيو ماڻهو اٿئي ته ٻڌاءِ، باقي اهي قومون ڀرتي نٿو ڪري سگهان. ڪراچي پورٽ ۾ ته رياست جي اندر رياست قائم آهي، هتي هڪ بورڊ آف ٽرسٽيز جو ادارو آهي، جيڪو ايڏو ته پاورفل آهي جو جيڪو به فيصلو منظور ڪري ٿو ته ان کان ڪير پڇڻ وارو نٿو هجي. هڪ سال پهرين جڏهن فيڊرل آڊٽ ڊپارٽمينٽ ڪي پي ٽي ۾ ڀرتين سميت مختلف معاملن تي اعتراض اٿاريا ته ان کي هر ڳالهه جو جواب ايئن چئي ڏنو ته فلاڻي شيءِ اسان جي بورڊ منظور ڪئي آهي، ان ڪري اوهان جو اعتراض اجايو آهي. حڪومت جي هن معاملي کان لاتعلقي ڏسي سوال ٿو اڀري ته اڄ اسان کان هي موجوده بندرگاهون نه ٿيون سنڀالجن ته پوءِ سڀاڻي ذوالفقار آباد ۽ ڪيٽي بندر کي ڪيئن سنڀالي سنڌ واسين جي مفادن موجب هلايو ويندو؟
غلام سرور ساريجو/نوشهروفيروز
The Kawish Group of Publication
B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan.
Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167
Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com