گيت جو بهترين شاعر سرمد چانڊيو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    تحرير: رياضت ٻرڙو

    سرمد چانڊيو
    سرمد چانڊيو سنڌ جي اهم ۽ مشهور شاعرن مان هڪ آهي. هن ڪيترائي اهم تحقيقي مقالا، مضمون ۽ مهاڳ پڻ لکيا آهن. ان کان سواءِ سرمد چانڊيي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگيءَ، فڪر ۽ فن تي پڻ هڪ مفصل ناول لکيو آهي (جيڪو اڃا اڻ ڇپيل آهي).
    سرمد جو ڇٺيءَ نانءُ سونو خان ولد جمعو خان چانڊيو آهي. هُو جولاءِ 1952ع ۾ تعلقي قنبر جي ڳوٺ جمال خان چانڊيي ۾ ناناڻن ۾ پيدا ٿيو. سندس اباڻو ڳوٺ، تعلقي شهدادڪوٽ ۾، حاجي فقير محمد چانڊيو آهي. هن ابتدائي تعليم شهدادڪوٽ جي ڳوٺ نيڪ محمد مغيري ۾ ۽ تعلقي ميرو خان ڳوٺ ميرڻ ماڇي ۾ پڙهيو جنهن کان پوءِ وڌيڪ تعليم پرائي نه سگهيو ۽ هارپو ڪرڻ لڳو. هو روزگار سانگي ڪجھ وقت سعودي عرب ۾ رهيو (جتي ”سر وينگس“ لکيائين). 1984ع ۾ سرمد چانڊيو ٻارن جي بهتر تعليم ۽ روزگار لاءِ قنبر لڏي آيو ۽ نصيرآباد ناڪي لڳ اچي ويٺو. هتي هن مخلتف روزگار ڪيا. ٻارن جي اڃا سٺي تعليم ۽ تربيت جي خيال سان 1996ع ۾ هو لاڙڪاڻي لڏي اچي، رائيس ڪئنال جي اولهندي/ساڄي ڪپ تي واقع ميراڻي محلي ۾ ويٺو. اتي ئي سندس مستقل رهائش آهي.
    هن 1978ع ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪافين جي صنف سان ڪئي پر صحيح طور سندس شاعريءَ جي اوسر ۽ پختگي 1984ع ۾ قنبر ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي، جتي هو سنڌي ادبي سنگت (س.ا.س) شاخ قنبر جو ميمبر ٿيو ۽ نامور اديب ۽ محقق ڊاڪٽر محبت ٻرڙي، عظيم سومري، ميهر مجاهد، پيرل قنبر ۽ ٻين دوستن جو ساٿ مليس، تنهن کان سواءِ 1984ع ۾ ئي مشهور شاعر سرڪش سنڌيءَ سان دوستي ٿيس. شاعريءَ ۾ سرمد چانڊيي جا استاد ميهر مجاهد ۽ عظيم سومرو ٿيا جن کان رهبري ورتائين. هو 1985ع کان 1988ع تائين س.ا.س قنبر شاخ جو سيڪريٽري، ڊسمبر 1988ع کان اپريل 1992ع تائين س.ا.س قنبر شاخ جو ڪائونسلر، سيپٽمبر 1994ع کان ڊسمبر 1995ع تائين ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي ۽ پوءِ ڊسمبر 1995ع کان مارچ 1996ع تائين، لاڙڪاڻي لڏڻ ڪري استعيفا ڏيڻ تائين، سيڪريٽري رهيو، جنهن کان پوءِ س.ا.س قنبر شاخ جو تاحيات اعزازي ميمبر ڪيو ويو. هو س.ا.س ضلعي لاڙڪاڻي جو 1992ع ۾ ضلعي رابطا سيڪريٽري به رهيو. 1985ع کان مارچ 1996ع تائين ”سرمد جي اوطاق“ ادبي سنگت جي سرگرمين جو مرڪز رهي، جتي پورو ڏهاڪو ورهه اديبن جي ادبي ترتيب ٿي. سنڌي، سرائڪي، بلوچي ۽ اردو ٻوليون ڄاڻيندڙ سرمد چانڊيي جي شاعريءَ جا 3 ڪتاب ڇپيا آهن: (1) ”ڪارا ڪڻڇي ريٽا گيت“ 1995ع ۾ لوڪ گيتن ۽ گيتن تي مشتمل، (2) ”مون کي سڏ اروڙ جا“ 1999ع ۾ وايون، لوڪ گيت ۽ گيت، (3) ”سانوڻ پهرين بوند“ 2006ع ۾ غزل، نظم، وايون ۽ لوڪ گيت، (4) ”جمهوريت جو چنڊ“ (ذوالفقار علي ڀُٽي جي حوالي سان سه حرفيءَ جي صنف ۾)، (5) ”جمهوريت جي شهزادي“ (محترمه بينظير ڀُٽو جي حوالي سان) ۽ (7) ”جمهوريت ڪِي نوِيد (اردوءَ ۾).هن ٻه ٽي تخليقي ڪهاڻيون لکڻ سميت روسي اديب پشڪن جي ناوليٽ ”خدوءَ جي راڻي“ جو ترجمو پڻ ڪيو، جيڪو اڃا اڻ ڇپيل آهي. هن ڪيترائي ادبي ليڪچر پڻ ڏنا آهن. هو لاڙڪاڻي مان پڌري ٿيل هفتيوار اخبار ”چانڊڪا“ جو ايڊيٽر پڻ رهيو، جيتوڻيڪ ايڊيٽر طور سندس نالو لکيو نه ويو. ان اخبار جو صرف هڪڙو پرچو پڌرو ٿيو.
    سندس سياسي تعلق جيئي سنڌ قومي محاذ قنبر ۽ پوءِ عوامي تحريڪ قنبر سان رهيو. هو ”سنڌي ڪلاڪار ساريندڙ سٿ“ سان به لاڳاپيل رهيو ۽ ”ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر“ جو ميمبر پڻ رهيو.
    سرمد جو وڏو پٽ عزيز قاسماڻي ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي شخصيتن کي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء اوهان جا قرب

    هڪ عرض ته ٿي سگهي ته لاڳاپيل شخصيتن جي ڪا يادگار تصوير به شيئر ڪيو ته تمام سٺو ٿيندو۔
     
  3. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    تصوير ڪيئن شيئر ڪجي؟
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي ڀيرو ڀريو۔ پوء به ڪا پريشاني سامهون اچي ته رابطو ڪجو۔ اسان حاضر آهيون۔
     
  5. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    خوبصورت شاعر سرمد چانڊيو جي شخصيت بابت سهڻو ليک
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو