• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

استاد احمد علي ٻرڙو

رياضت ٻرڙو

سينيئر رڪن
تحرير: رياضت ٻرڙو

احمد علي ٻرڙو، استاد
استاد احمد علي ٻرڙو قنبر شهر جيسُريلن فنڪارن ۽ ڪئليگرافرن ۾ اهم شخص ٿي گذريو آهي. احمد علي ولد اللھ ڏنو خان ٻرڙو 15-1914ع ڌاري، نور شاهه محلي، قنبر ۾ پيدا ٿيو. سندس آواز بيحد سُريلو هو ۽ کيس ڪلاسيڪل موسيقي ڳائڻ جو گھڻو شوق هو، جنهن سبب هن مختلف ساز، جھڙوڪ: ڪلارنيٽ، اوبو ڪلارنيٽ، هارمونيم، سِتار وغيره وڄائڻ سکيا. پنهنجي مهارت جي ڪري هُو قنبر سميت نوابشاهه، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ شهدادڪوٽ ۾ ٿيندڙ مختلف اسٽيج ڊرامن جي موسيقي پڻ ترتيب ڏيندو هو. کيس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو به شوق هو، جنهنڪري هُو جوانيءَ ۾ انڊيا به ويو، جتي بمبئي، دهلي ۽ ڪلڪتو به گھمي آيو. پنهنجي ان شوق سبب هن مهراڻ سئنيما قنبر جي گيٽ ڪيپر ۽ مئنيجر طور به ڪم ڪيو. احمد علي ٻرڙي کي سٺا اکر لکڻ ۽ پينٽنگ جو به ڏانءُ هو. هُو قنبر جي سئنيمائن جي وڏن بورڊن جي لِکائي (ڪئليگرافي) ڪندو هو. جڏهن ته هن پنهنجا فن ــــــ موسيقيءَ ۽ ڪئليگرافيءَ جا ــــــ ٻنهي پٽن استاد محرم علي ٻرڙي ۽ استاد اشرف علي ٻرڙي ڏانهن به منتقل ڪيا. سندس وفات دل جي دوري سبب جُون 1965ع ۾ ٿي.
 
Back
Top