رياضت ٻرڙو
سينيئر رڪن
تحرير:: رياضت ٻرڙو
صدر: غلام رسول ”ظفر“،
نائب صدر: نذير ”آفتاب“ تنيو،
جنرل سيڪريٽري: حَسن علي هڪڙو،
جوائنٽ سيڪريٽري: ميهر مجاهد، ۽
خزانچي: آتش سنڌي.
سڀني عهديدارن کان خاص مهمان علي حسن خان هڪڙي حلف ورتو، جنهن کي لطيف ادبي سنگت جي سرپرستِ اعليٰ جي ذميواري سونپي وئي. لطيف ادبي سنگت قنبر 1982ع ڌاري غير فعال بڻجي، بند ٿي وئي.
بزمِ لطيف
هِن نالي سان ادبي تنظيم جو قيام 8 ڊسمبر 1980ع تي، قنبر ۾، اديبن ۽ ادب دوستن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ رکيو ويو، جنهن جي صدارت غلام اللھ شيخ، ليڪچرر، گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر، ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ جن اديبن شاعرن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، تن جا نالا هن ريت آهن: غلام رسول ”ظفر“ چانڊيو، معشوق علي ”سائل“ شيخ (آتش سنڌي)، محمد يوسف ”مسافر“ چانڊيو، نذير احمد ”آفتاب“ تنيو، ميهر ”مجاهد“، مينهل خان گوپانگ، ذوالفقار علي وَڌو ۽ عبداللھ. بزمِ لطيف جو ڪنوينر غلام رسول ”ظفر“ کي منتخب ڪيو ويو. هن تنظيم پاران ادبي گڏجاڻيون، طرحي ۽ غير طرحي مشاعره منعقد ٿيا. بزمِ لطيف جو نالو 10 فيبروري 1981ع تي تبديل ڪري، ”لطيف ادبي سنگت“ رکيو ويو ۽ هيٺيان عهديدار منتخب ڪيا ويا:صدر: غلام رسول ”ظفر“،
نائب صدر: نذير ”آفتاب“ تنيو،
جنرل سيڪريٽري: حَسن علي هڪڙو،
جوائنٽ سيڪريٽري: ميهر مجاهد، ۽
خزانچي: آتش سنڌي.
سڀني عهديدارن کان خاص مهمان علي حسن خان هڪڙي حلف ورتو، جنهن کي لطيف ادبي سنگت جي سرپرستِ اعليٰ جي ذميواري سونپي وئي. لطيف ادبي سنگت قنبر 1982ع ڌاري غير فعال بڻجي، بند ٿي وئي.