بزم لطيف قنبر

'سنڌي ادب' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    تحرير:: رياضت ٻرڙو

    بزمِ لطيف
    هِن نالي سان ادبي تنظيم جو قيام 8 ڊسمبر 1980ع تي، قنبر ۾، اديبن ۽ ادب دوستن جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ رکيو ويو، جنهن جي صدارت غلام اللھ شيخ، ليڪچرر، گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قنبر، ڪئي. گڏجاڻيءَ ۾ جن اديبن شاعرن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، تن جا نالا هن ريت آهن: غلام رسول ”ظفر“ چانڊيو، معشوق علي ”سائل“ شيخ (آتش سنڌي)، محمد يوسف ”مسافر“ چانڊيو، نذير احمد ”آفتاب“ تنيو، ميهر ”مجاهد“، مينهل خان گوپانگ، ذوالفقار علي وَڌو ۽ عبداللھ. بزمِ لطيف جو ڪنوينر غلام رسول ”ظفر“ کي منتخب ڪيو ويو. هن تنظيم پاران ادبي گڏجاڻيون، طرحي ۽ غير طرحي مشاعره منعقد ٿيا. بزمِ لطيف جو نالو 10 فيبروري 1981ع تي تبديل ڪري، ”لطيف ادبي سنگت“ رکيو ويو ۽ هيٺيان عهديدار منتخب ڪيا ويا:
    صدر: غلام رسول ”ظفر“،
    نائب صدر: نذير ”آفتاب“ تنيو،
    جنرل سيڪريٽري: حَسن علي هڪڙو،
    جوائنٽ سيڪريٽري: ميهر مجاهد، ۽
    خزانچي: آتش سنڌي.
    سڀني عهديدارن کان خاص مهمان علي حسن خان هڪڙي حلف ورتو، جنهن کي لطيف ادبي سنگت جي سرپرستِ اعليٰ جي ذميواري سونپي وئي. لطيف ادبي سنگت قنبر 1982ع ڌاري غير فعال بڻجي، بند ٿي وئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان وٽ تنظيمون شروع ته ٿينديون آهن پر وڏي مشڪل سان جيئريون رهنديون آهن۔ اسان کي گهرجي ته تنظيمن کي ادارو ٺاهجي ڪنهن شخصيتن جي سهاري هلندڙ تنظيمون انهن شخصيتن جي وڃڻ کانپوء بند ٿي وڃن ٿيون۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اسان وٽ تنظيمون شروع ته ٿينديون آهن پر وڏي مشڪل سان جيئريون رهنديون آهن۔ اسان کي گهرجي ته تنظيمن کي ادارو ٺاهجي ڪنهن شخصيتن جي سهاري هلندڙ تنظيمون انهن شخصيتن جي وڃڻ کانپوء بند ٿي وڃن ٿيون۔
     
  4. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    بزم لطيف قنبر جي تاريخ جو هڪ ورق هو، جيڪو ڪتاب بڻجي نه سگهيو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو