محترم جوکيو صاحب سنڌي قوم لاءِ ته هر جڳهه تي نو اينٽري بورڊ لڳو پيو آهي، پوءِ جي هو حاظر سروس آهن يا سروس جا مُنتظر پر حيرت آهي ته انهيءَ نو اينٽري بورڊ لڳائڻ ۾ سنڌي پاڻ ئي ڀائيور ۽ اتحادي آهي جنهنجو هڪ ئي نعرو آهي مونکي نه ماريو باقي سنڌ لُٽڻي اٿوَ ته وڃي لُٽيو وڃي ٽُڪڙا ٽُڪڙا ٿئي بس مونکي ضلعو ٺاهي ڏيو ته مان پنهنجي وڏيرڪي ڪريان سنڌ ڪهڙي مُهنجي پيءُ ٺاهي هُئي۔ جيڪي اقتدار ۾ آهن يا جيڪي اقتدار ۾ ناهن يا جيڪي نوان نوان اچڻ جي تياري پيا ڪن بنيادي طور تي اُهي سڀئي آهن ته ظالم وڏيرا ڏسو نه ته غريبن جو مال هڙپائي ڪيترا وڏيرا ۽ ذاتيون ٿي پيون آهن جيڪي نه هن کان اڳ ٻُڌيونسين نه ڏٺيونسين، جيڪو راشي ڪامورو رٽائر ٿيو وڏيرو ٿيويو يا جاگيردار، جيڪو ڌاڙيل پئسي وارو ٿي ويو جهنگن واري ڌاڙيلگيري ڇڏي وڏيرڪي يا دفتري ڌاڙيلگيري اختيار ڪيائين۔اڳ اسان وٽ ورلي ڪي وڏيرا ماني مڇيءَ وارا هُئا ۽ اڄ به آهن پر اُهي منظر کان گهڻو پري خاموش تماشائي جو پئسي وارو وڏيرو ڪامورو وچ ويهي رهيو آهي ۔اسان وٽ وڏيرو عزتمند ۽ معتبر ماڻهو هو چاهي اُهو پئسي وارو هو يا نه! ۽ هاڻ جنهنجو نالو اڳ گُنديءَ يا وٽي تي به نه هو وڏيرو آهي، سنڌي رنگين ٽوپي ۽ مُڇ کي تائو ڏهه ڏهه گارڊ اڳيان پويان”ڊڄڻو به اهڙو اُهي ته متان حقدار ماري کسي نه وڃن“ اڄ جا ڀاءُ سڀ ظالم وڏيرا اعئي ، رُشوتي سنڌي ڪامورا، پوءِ ڪهڙي به پارٽي آهن سڀ هڪ آهن ادا، بس اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سياسي مُخالف آهن ۽ پوءِ هڪ ٻئي جا ٻانهه ٻيلي۔ اُنهن جا پوئلڳ سندن ذاتي مُلازم، نوڪر، بورچي جن وٽ ڪوڙيون ڊگريون يا جي اصلي آهن ته اٽو ڏئي ورتل، اجايو شوشي بازيءَ ۾ مُبتلا، ٽيڙي ۽ آڪڙ رکندڙ، پنهنجي ئي ميرٽ وارن سنڌين کي نه صرف پاڻ بلڪه غير سنڌين سان ملي سازشون ڪري، جيڪيون نوڪريون وڏيرن، جاگيردارن، زميندارن، رُشوتي ڪامورن يا ظالم وڏيرن کي ڪوٽا ڪري ملن ٿيون ته پنهنجي علائقي جي ميرٽ ماڻهن کي ڏيو ته جيئن علائقن ۾ ترقي اچي، سنڌي اڳيان وڌي اچي اُنهن تي قبضا اُهي هو يا ته پنهنجي ڪنهن مائٽ، اولاد کي ڏين ٿا جيڪو نه ته ادارن ۾ اچي ٿو، ڊاڪٽر انجنيئر ٿي انهن پيشن ۾ ڪم نٿو ڪري ۽ وري اها داداگيري، زمينداري، غريبن جو رتُ چوسڻ جي پُراڻي عادت، بيواهن، يتيمن، مجورن، لاچارن جو مال ملڪيت، عزت ڦٻائڻ، ڪاروباري قومن کي مجوبور ڪرڻ ته ڳوٺ ڇڏي وڃو، واڻين کي مجبور ڪرڻ ته مُلڪ ڇڏي وڃيو اهي سڀ انهن سنڌي وڏيرن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، ڪامورن، ڪانڀوخانن جا ڪم آهن ادا، اهي سڀ ڪم هو پاڻ وٽ ڌاڙيل جي روڦ ۾ يا لوفرن جو فورس ٺاهي ڪن ٿا يا اهي نوڪريون نوڪر کي ڏين ٿا يا انهن ڇاڙتن جي ذريعي کپائين ٿا جيڪي وري انهن ادارن ۾ وڃي ڪُجه ڪرڻ بجاءِ ٻن کي 52 ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن، نالو قومي يا پي پي جو ڀڀ پنهنجا پيا ڀرين جڏنهن ته ٻيون جيڪي قومون آهن اُهي آئنه فيوچر لاءِ پهرئين پنهنجي ميرٽ تي ايندڙ کي اڳيان وڌائين ٿيون. بابا سائين ڌاريو ماري ته سهبو، پنهنجو سنڌي ماري ته ڪيئن سهبو، بس سڀ چور ڳنڍي ڇوڙ پاڻ ۾ ملي ڀائيوار ٿي ويا آهن، ڪنهن ڪنهن کي روئيندئو، مـٺا مُٺي به ماٺ، مِٺي به ماٺ چئون ٿا ته من سمجهي وڃن ته ناراض ٿا ٿين، مرڻ مارڻ جون ڌمڪيون، ڳوٺ اچي ڪاه ڪرڻ جون ڌمڪيون، ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌي قوم ۾ ٽن جنريشن تائين ڪا ترقي يا واڌ ٿيندي؟ اُبتو شهرن ۽ آمريڪا ۾ وڃي پنهنجو سنڌي تشخص وساري ويٺا آهن، قومي نعرا ته هڻن ٿا پر گهرن ۾ انگريزي نظام ٿو هلي، سنڌي ڳالهائڻ به نٿا چاهين يا اچين ئي نٿي ها پئسي وارا آهن ڪو قومي ڏينهن ايندو ته محنگيون مهنگيون سنڌي ڪلچر جون پوشاڪون، اجرڪون، رليون گاڏين ته جهنڊا، ۡلاڪ ٻن جو وقت ضرور ڏين ٿا. هن قوم جهڙي ڪا قوم ملندا جو نعره هڻندي به 7000 سالن کان غلام آهي. وڏيرن کي اچي ويچارا مجبور بيوس، معصوم، غريب، اٻوجهه ۽ لاچار سنڌي مليا آهن جن کي هو روايتي مُختف سحرن ۾ مُبتلا ڪري ّغلام رکيو ويٺا آهن، غلام به اهڙو جو جنهن کي سمجهاڻي ٿي ڏجي يا ظالم وڏيرن جا ڪرتوت ٿي ٻُڌائجن ته اصل ڪُهاڙي اُڀي ڪريو بيٺو آهي، سمجهڻ ئي نه پيو چاهي ته اهي وڏيرن پنهنجا درباري ليکڪ ڇو ٺاهيا آهن ته هو سندن اڳين پوين جي واکاڻ ڪري سندن ذهنن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڪن ۽ جي ڦريا ته ڀسم ٿي ويندا ڪٿي ڪنهن عقيدي جي پرچار ته ڪٿي ڪنهن اجائي سوچ جي جنهن جو نه ته اسلام ۾ ڪو تصور آهي ۽ نه ئي ماڊرن دُنياگيريءَ وارن علمن ۾، جي ڪو اڻ پڙهيل آهي ته وڏيرو سُلفي، چرس ۽ ڀنگ پياري عادي ڪري کين ٻُچ ٻُچ ڪندو وتي، جيڪي سندس اوطاقن جا سرڻ وانگر لامارا پيا ڏين، ڀلي گهر ۾ اٽو نه هُجي زال اوسيئڙي ۾ ، پوڙها ماءُ پيءُ انتظار ۾، اولاد آوارهه گرديءَ ۾ ۽ سڀ انتظار ۾ ته مُهنجو جوڌو ڪمائي ايندو پر هو ته وڏيري جي در جي چانٺ ئي نه پيو ڇڏي چٽي چٽي گسائي ويٺو آهي محنت خاڪ ڪندو۔ جاهل ته ٺهيو هي حال پاڻ کي پڙهيل لکيل چوندڙ پروفيسرن، ڊاڪٽرن، مولوين يا سماجي شخصيتن ،جا به آهن مُفت جي ماني مسالو ۽ پروٽوڪول ڪوبه نٿو ڇڏي ٻاهي قوم کي جاڳائڻ جو تقريرون ڪري ساهيءُ ۾ ٺري جي محفل واهه! ڇا ته ٻه رُخي زندگي آهي ،ڪو ٻه ادب جا گفتا پڙهيو ته پوءِ ان جي ٻُچ ٻُچ وري وسڪي ۽ ٺري تي آهي سنڌي غريب (هن ۾ انتهائي پڙهيل ماڻهون به آهن حيرت ته اُنهن تي آهي اُهي اديب به آهن، شاعر به نالي وارا ليکڪ به) سڀني کي جيسين انهن وڏيرن جي غلاميءَ مان آزاد نه ڪرائبو سُلفي، ڀنگ، چرس، وسڪي، ٺري مان جان نه ڇڏائبي ۽ جيسين انهن جي برين واش ڪري کين اهو نه سمجهائبو ته اي سنڌي تون به ٻين قومن وانگر انسان هڪ آزد منش انسان پئدا ٿي نڪتو آهين نه ڪه غلام الله توکي به اشرف المخلوقات ڪيو ئي ان ڪري ته تون وڏيرن ۽ راشي ڪامورن جي ٻُچ ٻُچ تي نه پرپنهنجي پنهنجي عقل کي استعمال ڪري پرکي ۽ چڱي موچاري واٽ وٺ، پر اها جيڪا ٻُچ ٻُچ آهي ان هڻي سنڌي قوم جو خانو خراب ڪيو آهي۔ جواب ۾مُحترم شفيق جوکئي صاحب جي هيٺئين اقتساب جي Jokhio Shafique Ahmed ڪراچي پورٽ ۾ سنڌين لاءِ ”نو-انٽري“ جو بورڊ! گذريل 10 سالن کان سنڌ جون بندرگاهون هڪ لساني ڌر وٽ يرغمال بڻيل آهن. مشرف دور ۾ ته وري به ڪجهه بهتر صورتحال هئي، جو ادارن جا سربراهه رٽائر يا حاضر سروس فوجي هئڻ ڪري اها ڌر ايتري من ماني نه ڪري سگهندي هئي، پر جڏهن کان هي اسان جي مفاهمتي سرڪار آئي آهي، تڏهن کان ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم جهڙا قومي ادارا سنڌين لاءِ نوگوايريا بڻجي ويا آهن. ڪراچي بندرگاهه، سنڌ جي وڏي بندرگاهه آهي ۽ پاڪستان جو سڀ کان امير ترين ادارو آهي، جتي سنڌين جي ڀرتين تي بلڪل پابندي آهي. هن بندرگاهه کي وڌيڪ وڏو ڪري وڏا وڏا جهاز گهرائڻ وارو منصوبو ڊيپ سي پورٽ به زير تڪميل آهي، جنهن کانپوءِ هتي هر قسم جو ننڍو وڏو جهاز لنگرانداز ٿي سگهي ٿو. ڪي پي ٽي ۽ پورٽ قاسم ۾ هر اهم پوسٽ تي سٽي گورنمينٽ جا آفيسر ڊيپوٽيشن تي آڻي، انهن کي اتي ضم ڪيو ويو آهي، جيڪي هڪ مخصوص ڌر لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. جنرل مينيجر جي پوسٽ تي ويٺل هڪ آفيسرياڻي جڏهن ڀرتين لاءِ انٽرويو وٺندي آهي ته ڪراچي کان ٻاهران آيل اميدوارن کي اهو چئي ٽوڪيندي آهي ته توهان ته فلاڻي شهر جا آهيو، پوءِ هتي ڇو نوڪري وٺڻ آيا آهيو؟ اهو سلسلو گذريل ساڍن چئن سالن کان هلي پيو، پر ڪنهن جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي سُري. ان صورتحال کان حڪمران پارٽي جا مقامي اڳواڻ به خائف آهن، جن جي بقول جيڪڏهن اهي آواز اٿارين ٿا ته انهن کي چپ رهڻ جو چيو ٿو وڃي. ڪياماڙي ٽائون مان ئي چونڊيل ايم اين اي ڪجهه مهينا اڳ ڪيماڙي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ساک سان ڳالهه ڪئي ته بطور ايم اين اي هن اسلام آباد ۾ بندرگاهن واري وزير کي درخواست ڪئي ته نوڪرين ۾ سندس علائقي واسين کي به حصو ڏنو وڃي ته وزير موصوف کيس کتو جواب ڏيندي چيو ته، سنڌي، پٺاڻ، پنجابي ۽ بلوچ کان علاوه اگر ڪو ٻيو ماڻهو اٿئي ته ٻڌاءِ، باقي اهي قومون ڀرتي نٿو ڪري سگهان. ڪراچي پورٽ ۾ ته رياست جي اندر رياست قائم آهي، هتي هڪ بورڊ آف ٽرسٽيز جو ادارو آهي، جيڪو ايڏو ته پاورفل آهي جو جيڪو به فيصلو منظور ڪري ٿو ته ان کان ڪير پڇڻ وارو نٿو هجي. هڪ سال پهرين جڏهن فيڊرل آڊٽ ڊپارٽمينٽ ڪي پي ٽي ۾ ڀرتين سميت مختلف معاملن تي اعتراض اٿاريا ته ان کي هر ڳالهه جو جواب ايئن چئي ڏنو ته فلاڻي شيءِ اسان جي بورڊ منظور ڪئي آهي، ان ڪري اوهان جو اعتراض اجايو آهي. حڪومت جي هن معاملي کان لاتعلقي ڏسي سوال ٿو اڀري ته اڄ اسان کان هي موجوده بندرگاهون نه ٿيون سنڀالجن ته پوءِ سڀاڻي ذوالفقار آباد ۽ ڪيٽي بندر کي ڪيئن سنڀالي سنڌ واسين جي مفادن موجب هلايو ويندو؟ غلام سرور ساريجو/نوشهروفيروز The Kawish Group of Publication B/2 Civil Line Hyderabad,Sindh Pakistan. Phone:+92 (22) 2780026,2780027,2780525 Fax: +92 (22) 2780772, 2781167 Email: kawish12@gmail.com ---- thekawish_hyd@yahoo.com