سنڌي ڪمپيوٽنگ سي ڊي حاصل ڪريو

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ عبدالعزيز منڱريو طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2009۔

  1. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    پيارا دوستو.
    ڪافي عرصو ٿيو جو گروپن تي اچڻ ڪون ٿي رهيو هيو پر انهيءَ جو مقصد اهو هرگز ڪون هيو ته ڪو خاص ڪم ناهيون ڪري رهيا. سنڌي ڪميپوٽنگ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ پيادا پيا گڏ ڪريون ۽ اميد ته توهان سمورا دوست انهيءَ معاملي ۾ هر ممڪم ساٿ ڏيندئو. ۽ جيڪو ڪجهه به توهان سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ ڪري سگهندئو اهو ڪري ڏيکاريندئو. ڳالهه آسان آهي جي اسان جو دوست ثناءُالله منڱڻيجو جيڪو ڪمپيوٽر جو خاص ماهر به ڪونهي ۽ نه ئي ڪا خاص ڊگري اٿس پر انهيءَ هوندي به دلي شوق سان فانٽ جوڙي ويب سائيٽ تي ڏنا اٿئين اميد ته اهو شوق هر هڪ دوست ۾ جاڳندو ۽ هيئر هتي توهان دوستن کي آگاهي ڏيندو هلان ته سنڌي ڪميوٽنگ جي سي ڊي مارڪيٽ ۾ اچي رهي آهي ڪجهه ڏينهن اندر سموري سنڌ جي سي ڊي شاپس تي موجد هوندي جيڪي دوست معلومات ڪرڻ چاهين اهي هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪري معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا، باقي جيڪو ڪجهه سي دي ۾ آهي انهيءَ جي ڊٽيل ڪجهه هن ريت آهي،

    1. سنڌي ۾ قرآن شريف جو ترجمو عربي سان گڏ
    2. ايم بي سنڌي ايپليڪيشنس سمورين ونڊوز لاءِ
    3. 250 کان وڌين سنڌي فانٽ
    4. سنڌي ٽو انگلش ۽ انگلش ٽو سنڌي ڊڪشنري
    5. سنڌي انپيج ٽو يونيڪوڊ ڪنورٽر
    6. سنڌي اياز شاهه واري سافٽويئر ٽو يونيڪوڊ ڪنورٽر
    7. ڊاڪٽر اشفاق ڀٽوجو پي ايڇ پي ڪنورٽر
    8. سنڌي اي ميل موڪليندڙ
    9. ويب سائيٽ لاءِ سنڌي ٽيڪسٽ اينيمشن ٽاهيندڙ
    10. سنڌي ٽائيپنگ ٽيوٽر
    11. اردو ٽيڪسٽ اينيمشن ٺاهيندڙ
    12. سنڌي ويب ٽيڪسٽ ايڊيٽر
    13. سنڌي ورڊ جي سارٽنگ يوٽلٽي
    14. سنڌي ۾ فليش گيمس
    15. اردو فانٽ 50
    16. ايم بي اردو
    17. فانيٽڪ اردو ڪي بورڊ
    18. 120 کان وڌيڪ سنڌي ڪتاب
    19. سنڌ جا فوٽو
    20. سنڌي ويب سائيٽن جي ڊٽيل
    21. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جا وڊيو ليڪچرس
    22. مختلف شخصيتن جا پروفائل

    ۽ ان کان علاوا ٻيو گهڻو ڪجهه.. اها سي ڊي پهريان اسان آءِ بي اي سکر ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي وڊيو ڪانفرنس دوران پبلش ڪيئي هئي پر انهي سي ڊي جو تعداد گهٽ هو سو هاڻي اها سي ڊي مارڪيٽ ۾ پرنٽنگ جي مرحلي هيٽ آهي جلد توهان دوستن لاءِ حاضر هوندي، ۽ ڪجهه دوستن کي اعتراض اهي ته انهيءَ سي ڊي مان سنڌي دوستن کي ڪو لاڀ حاصل نه ٿيندو ۽ اسان هوا ۾ تير ٿا اڇلايون. سو انهيءَ لاءِ گذارش آهي ته پنهنجا پنهنجا رايا ڏيڻ نه وسارجو،
    ۽ ڪوشش اها پڻ آهي ته جن دوستن وٽ اها سي ڊي نه پهچي سگهي انهن کي بغير ڪنهن خرچ ڪرائڻ جي سندن جي هڪڙي ايل تي موڪلي ڏيون جلد انهيءَ سلسلي ۾ توهان کي سموري معلومات فرهائم ڪبي، ۽ ڪوشش ڪري سموري سي ڊي کي انٽنيٽ تي شيئر پڻ ڪبو. ۽ اسان بغير ڪنهن فائدي ۽ لالچ جي ڪم ڪري رهيا آهيون معني ته پنهنجي سر پاڻ خرچ ڪيون ٿا. سو مهرباني ڪري گهڻي کان گهڻن دوستن تائين اهو ميسيج پهچايو جيئن اها سي ڊي هر ڪنهن وٽ پهچي سگهي. وڌيڪ معلومات لاءِ اسان جي دوست غلام حيدر ڄاموٽ کان معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    00923312146037
    00923312461201

    دعاگو
    عبدالعزيز منڱريو
    ڪمپيوٽر پروگرامر
    وزارت داخلا
    سعودي عرب
    http://www.mangrio.org/url] [email]aziz@live.com[/email]
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌي زبان جي جاکوڙ لاءِ توهان جا کڻندڙ سمورا قدم انتهائي ساراهه جوڳا آهن۔۔۔۔
    اهڙي بهترين سي ڊي بنائڻ تي توهان سميت سموري ٽيم داد ۽ تحسين جي مستحق آهي۔۔۔
    يقينن توهان جي بڻايل هن ڪارآمد سي ڊي جي مون سميت سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي پڻ ضرورت رهندي ۔۔۔
    اسان جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون توهان سان گڏ آهن ۔۔۔
     
  3. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين نهايت ئي قيمتي تحفو آهي انشاء الله ضرور وٺبو
     
  4. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    دوست توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ترت ڪمنٽس ڏيو ٿا، خير اسان جو ڪم پراڻو آهي ڪوشش ڪندا آهيون، سنگت ساٿ گهڻي رابطي ۾ آهي دوست هر شهر ۾ ڪم ڪن ٿا پيا پر ڪجهه مفلسي ۽ ڪجهه زماني جي مار به دوستن کي انهن ڪمن کان پري ڌڪيو آهي. خير سو هاڻي ڪوشش ڪري جيترو ٿي سگهندو آهي ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهندا آهيون، هونءَ صرف گروپن تي خالي پيلي حوال ڪرڻ ۾ يقين ناهيون رکندا، ڪوشش ڪري ڪجهه سيمينار ۽ ڪجهه ليڪچر پروگرام ترتيب ڏيندا آهيون، اميد ته توهان کي جيڪڏنهن ڪجهه صلاح مشورو ڏجي ته توهان انهيءَ نيڪ ڪم کي اڳتي وڌائڻ ۾ اسان جو ساٿ ڏيندئو، پرابلم اهو آهي ته اسان جا گهڻا دوست ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي ويهي ڪجهه ٻه چار لفظ لکي سمجهڻ لڳا آهن ته اسان گهڻو ڪجهه ڪري رهيا آهيون، پر دوستون هيئر به 100 مان اسان جي 80 کان 90 پرسنٽ دوستن وٽ انٽرنيٽ موجود ڪانهي ڪا، سو انهن کي انهن جي ڳوٺن ۽ انهن جي شهرن ۾ ونڃي سيمينار ۽ ليڪر پروگرام ارينج ڪري آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. وري توهان جو راضپو هجي ته توهان سان ڊٽيل ۾ ڳالهائجي؟
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادا انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته توهان جي جستجو تعريف جي لائق آهي۔۔۔
    توهان فرمايو ته 80 کان 90 فيصد سنڌي انٽرنيٽ کان پري آهن ۔۔۔ جنهن لاءِ توهان سيمينار ڪندا رهيا آهيو۔۔ انهي سلسلي ۾ عرض ته انٽرنيٽ تي راغب ڪرڻ لاءِ سيمينار ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌي ۾ معلوماتي ۽ تفريحي مواد انٽرنيٽ تي رکڻ ۽ دوستن کي ان طرف راغب ڪرڻ به هڪ بهترين جستجو آهي۔۔ اهڙي جستجو اسان جا ڪافي دوست ڪري رهيا آهن انهن سلسلي ۾ سنڌ سلامت به هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي اهڙي جستجو توهان جي طرفان به جاري آهي جنهن لاءِ توهان هڪ دفعو ٻيهر مبارڪباد جا مستحق آهيو۔۔۔
     
  6. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    محترم سائين!
    اوهان کي تمام گھڻي مبارڪ هجي پر ير اسان سڀني کي مبارڪ هجي جو پهريون ڀيرو ئي ٿيندو ته ڪا اهڙي سي ڊي مارڪيٽ ۾ عام ٿيندي، جنهن ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ سان لاڳاپيل ڪيتريون ئي شيون ميسر هونديون، يقيناً اها اسان سڀني سنڌين لاءِ گھڻي کان گھڻي مسرت جو ڪارڻ آهي.
    ايس ـ ايم صارم
    http://www.mangnejo.com
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم ادا عبدالعزيز صاحب

    سڀ کان پهريائين ته مان توهان کي سنڌ سلامت تي تحرڪ ۾ ڏسي خوش ٿيس ادا عزيز توهان جون ڪوششون سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي حوالي سان خراج تحسين لائق آهن توهان جون ڳالهيون 100 سيڪڙو صحيح آهن انشاالله اها سي ڊي جيئن ئي مارڪيٽ ۾ آئي ته ضرور خريد ڪبي منهنجي دعا آهي ته توهان کي الله پاڪ ڪامياب ڪري فقير لا۽ ڪو حڪم هجي ته فقير حاضر آهي باقي هڪڙي ڳالهه آهي ادا عزيز ته ڪافي ڏينهن کان توهان رابطو ناهي ڪيو ڇا ڳالهه آهي مصروف آهيو يا دِل کڻي ويا آهيو جي دل کڻي ويا اهيو ته بيانو واپس ڪيو ته وري هتي آهي هڪڙو انٽرنيشنل ان کي بيانو اٽڪايان :sadayeen gudD:D:D
    shal judy hujeen


    suhnan saan


    sindhsalamatsaathsal
     
  8. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    سمورن دوستن جي نهايت مهرباني جو ترت جواب ڏيو ٿا معني ته گروپ تمام سٺو ايڪٽيويٽ آهي. پر خبر ناهي ته ٻئي گروپ کي ڇا ٿيو آهي ڪو به ڪمٽ ڪون آيو آهي، شايد ڊليٽ ڪري ڇڏين ٿا، يا شايد ڪجهه دوستن جي رويي جي ڪري دوست گهڻو وزٽ ڪون ٿا ڪن؟ خبر ناهي پر فرق صاف ظاهر آهي، خير الله ڀلي ڪندو، باقي مان ڪوشش ڪري ڪجهه ڪم کي اڳتي ڌڪڻ جي ڪوشش پيا ڪريون اميد ته توهان دوستن جو ساٿ سلامت رهندو، ۽ ايئن ئي آباد رهندئو، باقي ها دل ته کڻي ويو آهيان پر ضدي به آهيان ايئن بيانو ڪون موٽائي ڏيندو آهيان سمجهو ته کائي ويس، هاهاهاهاهاها، خير مزاق پنهنجي جڳهه تي جيترو به ٽائيم مليو ته گروب تي حاضر ٿي روز ڪجهه نه ڪجهه رکيل انفارميشن شيئر ڪندو رهندس. سدائين گڏ
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا هن موضوع تي ادا رشيد ئي ڳالهائي سگهي ٿو

    ،

    ادا ائين بيانو اسان به کائڻ ڪو نه ڏينداسين توهان کي ها ها ها ها سِرُ لڳي توهان سان ها ها ها

    پنهنجو قيمتي وقت ڏيڻ لا۽ مهرباني ادا عزيز shal judy hujeen


    sindhsalamatsaathsal
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا سچ پڇو ته مون کي انهن ايڏين سارين سنڌي ايپليڪيشنز جي باري ۾ خبر نه هئي پر اها تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته اهي سڀ ايپليڪيشنز هڪ ئي وقت هڪ ئي سي ڊي ۾ ملنديون۔ ادا سارم جي ڳالهه وانگر واقعي هي پهريون ڀيرو لڳي ٿو ڪا سنڌي سي ڊي ايتري جامع سافٽ ويئرس سان گڏ مارڪيٽ ۾ ايندي۔۔ مون کي سچ پچ ڏاڍو انتظار رهندو
     
  11. عبدالعزيز منڱريو

    عبدالعزيز منڱريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    80
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    Computer Programmer
    ماڳ:
    Hail, Kingdom of Saudi Arab
    دوستون ڳالهه اها آهي ته انهيءَ کان وڌيڪ به ڪجهه اپليڪيشن موجود آهي پر هيئر هر هڪ ايپليڪيشن هتي ايترو جلدي پبلش ڪون ٿي ڪري سگهجي، اصل ۾ ته ڪجهه ادارن وٽ گهڻا ئي سنڌي جا سافٽويئر جيڪي انهن لکين رپين جي لاڳت سان جوڙايا آهن استعمال ٿيندا رهن ٿا پر انهن جي پببلسٽي آن لائين ڪون ٿي ڪري سگهجي. خير اهي حاصل ڪرڻ به ڪجهه ڏکيو آهي، پر ڪوشش ڪري ڪجهه ٻين دوستن کي عرض رکيو آهي ته ملٽي ميڊيا سان واسطو رکندڙ سافٽويئرس جيڪي ٽي وي چينلس ۾ استعمال ٿين ٿا اهي مهيا ڪيا ونڃن. اميد ته ڪوشش ڪامياب ٿيندي، ۽ سنڌي ڪميپوٽنگ جي سموري سي ڊي جا سافٽويئر ڪجهه مختلف جڳهن تي اپلوڊ ڪري رکيا آهن جيئن ئي سي ڊي مارکيٽ ۾ ايندي ته پوءِ آهستي آهسي هڪ هڪ ڪري اهي لنڪس پبلش ڪبيون. ان کان علاوه وڊيو ٽيوٽوريئلس پڻ جاري ڪرڻ جو سوچيان پيو. پر اهو ڪم ڪجهه سست رفتاري سان ٿي رهيو آهي. سو جلد سڀ کان پهريان فانٽ جوڙڻ جو ڪمپليٽ وڊيو ٽيوٽوريئل آن لائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي، پر اهو به منهنجي ويب سائيٽ سينڌ پي ڪي ڊاٽ ڪام جي پبلش ٿيڻ کان پوءِ. ۽ اها سائيٽ انڊر ڪنسٽرڪشن آهي… اميد ته سموري سنگت ڪجهه پريڪٽيڪلي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ساٿاري ٿيندي.
    دعاگو
    عزيز منڱريو
    سعودي
    www.mangrio.com
     
  12. ميمڻ

    ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    ادا اسان کي يقين نٿو اچي ته ايترا سافٽوير ان سي ڊي ۾ هوندا اسان کي ان سي ڊي جو انظار رهندو ڀاءُ اوهان جي اها ڪو شش تمام سٺي لڳي ۔ ادا اها سي ڊي مارڪيٽ ۾ ڪڏهن ايندي ضرور اگاه ڪندا مهرباني۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو