ٻيوطريقو :
ٻيو طريقو اهو آهي ته مختلف ويبسائيٽس تصويرون اپلوڊ ڪرڻ لاء مفت سهولت ڏينديون آهن۔ اوهان پنهنجو اڪائونٽ ٺاهيو ۽ تصويرون اپلوڊ ڪيو۔ اتان مليل فورم ڪوڊ ڪاپي ڪيو ۽ سنڌ سلامت تي موجود پنهنجي لکڻي ۾ مطلوبه جاء تي پيسٽ ڪيو ته تصوير شيئر ٿي ويندي۔
http://minus.com
http://imageshack.us/
http://tinypic.com/
مهربانيون اداتمام سٺي سمهاڻي آهي
۽ ٻيون ڪيتريون اهڙيون ويبسائيٽس آهن جيڪي، اهڙي سروس مهيا ڪنديون آهن۔
تصوير شيئر ڪرڻ لاء سنڌ سلامت جو نئون ٽيب کوليو ۽ اتان ٽني پڪ جي ٽيب مان برائوز Browse تي ڪلڪ ڪيو، مطلوبه تصوير تي ڪلڪ ڪيو ۽ هيٺ اپلوڊ نائو
Upload now تي ڪلڪ ڪيو۔ هڪ ڪوڊ نمودار ٿيندو اهو ڪاپي ڪيو ۽ سنڌ سلامت جي موجود لکڻي ۾ پيسٽ ڪيو۔
جڏهن اوهان موضوع موڪليندا ته تصوير به ظاهر ٿي ويندي۔
هن طريقيڪار کي سولي نموني سمجهائڻ لاء اسان جي دوست عبييدالله عبيد ٿهيم پاران وڊيو ٽيوٽرل به ٺاهيو ويو آهي. جيڪو هيٺ ڏجي ٿو.