• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي صوفي شاعرن جو ڪلام

دونهان روز دل ۾ هزارين دکن ٿا
ڏاڍو عشق ايذاءُ، عضوا ڏکن ٿا

ڌوڌڙا دکائي وئين، مچڙا مچائي وئين
گهايل دل کي گهائي وئين، گوندر گهٽن ٿا

اندر کورو ٿو کامي ، ڪڏهن ڪين اجهامي
سڀيئي عيب مون ۾، سي جيءَ ۾ جکن ٿا

ٻڍل چوي مان جن جي، ٻانهي هان توڙئون تن جي
اچي سڄڻ منهن ڏيکاريو، منهنجا نيڻ سڪن ٿا
 
ستي سنجهيئي ، ويڙهي منهن موئن جيان،
اوجاڳو اکهين ،کي ڄاتئي نه ڄيئي،
هٿان تو پيئي ،وري ڪچو ڪيچن کي چئين.
 
%D9%81%D8%AF%D9%81%DA%AF.jpg
 
عِشق جني سر آئيو سهيتيائُون سور
پَڙهي تَنِ پروڙيو مُحبت جو مذڪور
تن کي ذوق ضروُر ٻُڍل سُولي سِرُ ڏيڻو پيو

On whose divine love is bestowed, suffer pains


Having read, they discovered the theme of love
They do have great desire for such, O Budhal, giving one’s life on gallows becomes necessary

شرح بيت
هن بيت ۾ حقيقي عاشقن جي ڪرِت بابت حضرت شهنشاهه ٻڍل فقير ڪجهه اهڃاڻ ڏنا آهن ته حضرت عشق جڏهن سچي طالبن جي سر تي اچي ٿو ته هو محبوب جي سڪ ۾ سور سهن ٿا. هُو (سچا طالبَ) محبت جون اُونهيون اُلٽين ماڳن ۽ منزلن جي پڙهي پروڙ ڪن ٿا. هيءَ پروڙ هي خود ڪن ٿا. جڏهن هُنن کي ان حقيقي منزل جي خبر پوي ٿي ته هُو ان طرف وڃڻ پاڻ تي فرض سمجهن ٿا. پوءِ ڀلي هن راهه تي هلندي هنن جو سر به ڇو نه وڃي
 
Back
Top