دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي هڪڙي وائي غم جانان کان وٺي غم دوران جي حوالي سرجي آهي توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو حصو بنائي رهيو آهيان وائينثاراحمدنازاحساسن کي ، آڳ لڳِي وَئِي ..! آڳ لَڳِي وئي.سجني تُنهنجي هيلا الا ڇو؟ سينگارن کي...! آڳ لَڳِي وَئِي.بدبُو بدبُو شهر سڄو هِي ، مَهڪارن کي...! آڳ لَڳِي وَئي.مالِيءَ جِي نا اهلِيءَ سببان ، باغاتن کي ...! آڳ لڳِي وَئِي.ننڊَ نُڀاڳَ جِي اهڙي آئِي ، اوڄاڳن کي ...! آڳ لَڳِي وَئِي.جرڳي ۾ حق ڳالهه چَوَڻَ تي ، سردارن کي ...! آڳ لَڳِي وَئِي .سنڌ جو سودو ڇو ؟ ته پُڇڻ تي، زردارن کي ..! آڳ لَڳِي وَئِي .هُو”ناز“ مڙيا جي مچ مٿان تن، پروانن کي ...! آڳ لَڳِي وَئِي .