احساسن کي آڳ لڳي وئي (وائي) نثاراحمدناز

نثارناز

سينيئر رڪن
دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي
هڪڙي وائي غم جانان کان وٺي غم دوران جي حوالي سرجي آهي توهان سان ونڊ ڪري رهيو آهيان ۽ سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو حصو بنائي رهيو آهيان

وائي
نثاراحمدناز
احساسن کي ، آڳ لڳِي وَئِي ..!
آڳ لَڳِي وئي.
سجني تُنهنجي هيلا الا ڇو؟ سينگارن کي...!
آڳ لَڳِي وَئِي.
بدبُو بدبُو شهر سڄو هِي ، مَهڪارن کي...!
آڳ لَڳِي وَئي.
مالِيءَ جِي نا اهلِيءَ سببان ، باغاتن کي ...!
آڳ لڳِي وَئِي.
ننڊَ نُڀاڳَ جِي اهڙي آئِي ، اوڄاڳن کي ...!
آڳ لَڳِي وَئِي.
جرڳي ۾ حق ڳالهه چَوَڻَ تي ، سردارن کي ...!
آڳ لَڳِي وَئِي .
سنڌ جو سودو ڇو ؟ ته پُڇڻ تي، زردارن کي ..!
آڳ لَڳِي وَئِي .
هُو”ناز“ مڙيا جي مچ مٿان تن، پروانن کي ...!
آڳ لَڳِي وَئِي .
580747_10151074667023216_1030327692_n.jpg
 
Back
Top