راشد بروهي جي ڪتاب ”انت کان پو“ بابت ويچار

'مقالا' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    رياضت ٻرڙو
    ”ڪاش! اهڙي ڪلا هٿ اچي...“
    ]راشد بروهيءَ جي ڪوتا-ڪتاب ”انت کان پوءِ“ بابت ڪجھ ويچار[

    ٿَــلهه:راشد بروهي انهن شاعرن مان هڪ آهي، جن جي سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جي گڏجاڻين ۾، منهنجي آڏو، ادبي اوسر ٿي آهي. هن جي سڀاوَ ۽ ورتاوَ مان مون کي محسوس پئي ٿيو آهي ته هُو شعر ۽ ادب سان سٺو لڳاءُ رکي ٿو، لکڻ ۽ پڙهڻ چاهي ٿو (۽ اهڙي ڪوشش ڪندو رهندو آهي)، پنهنجن شعرن جي اصلاح جي تنما رکي ٿو، تنقيد جو خيرمقدم ڪندو آهي، پنهنجي وس آهر سٺو شعر لکندو آهي، شعر ۽ ادب بابت غور سان ڳالهيون ٻڌندو آهي، ٻين ليکڪن ڏانهن سٺو رويو رکي ٿو، سندن لکڻين تي پنهنجي علم ۽ سمجھ آهر راءِ ڏيندو آهي، شاعريءَ سميت نثر ۾ به لکيو اٿائين ۽ ٻيو به ڪافي ڪجھ.
    مجموعي طور، راشد بروهي سنگت قنبر سان لاڳاپو رکندڙ اهڙو شاعر آهي جنهن جو سنجيده ادبي سڀاءُ پاڻ منجھ ڪشش رکي ٿو ۽ اسان کي اميد ڏياري ٿو، ته پنهنجي مشقِ سخن سان هُو اڳي کان اڳڀرو رهندو.
    سندس پهريون ڪتاب:انت کان پوءِ“ راشد بروهيءَ جي پهرين ڪتاب جو نالو آهي، جنهن جون کيس بي انت واڌايون هجن. شال هُو اهڙيون واڌايون انيڪ ڀيرا ماڻي! سندس هن ڪتاب ۾ غزل ڏنل آهن. صرف غزل لکڻ ۽ اهڙا مجموعا ڇپرائي پڌرو ڪرڻ اڄ ڪلهه شاعرن ۾ رويو آهي، جنهن سان هُو سمجھن ٿا ته غزليه مجموعو سندن شاعراڻي حيثيت کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ٻيو ته هُو غزل جي شاعريءَ کي عمومي طور ٻين صنفن جي نسبت وڌيڪ پسند به ڪن ٿا. هتي ان بابت گفتگو ڪرڻ جي گنجائش بنهه ناهي، ته غزل وڌيڪ پسند ڇو آهي! منهنجي راءِ آهي ته اسرندڙ شاعر کي پنهنجي اظهار لاءِ ڪنهن هڪ صنف تائين محدود نه ٿيڻ گھرجي، ڇو ته اها ڳالهه سندس سوچن جي رخ کي ٻن سٽن جي شعر سرجڻ تائين محدود ڪري سگھي ٿي، ان ڪري بهتر آهي ته شاعر کي مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪرڻ گھرجي.
    انت کان پوءِ“ جي ارپنا:هيءُ جيتوڻيڪ شاعر جو پنهنجو مامرو آهي، جنهن ۾ اسان کي ڪنهن مداخلت جي اجازت ناهي، پر اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو. ارپنا هن ريت آهي:
    هُن لاءِ
    جنهن، هَن جهان ۾
    منهنجو جنم
    لازمي سمجھيو.
    مٿين لفظن ۾ ”هَن“ اصولاً ”هِنَ“ هجڻ گھرجي، ۽ آهي به ايئن، ڇو ته ”هَن“ بي معنى لفظ آهي. اها ”پروف جي غلطي“ آهي (موجوده ڪتاب ۾ ڪيترن ۾ ئي هنڌن تي اهڙيون زبرن ۽ زيرن جون ”پروف واريون غلطيون“ آهن، جن جي اڳتي نشاندهي ڪبي، ته جيئن آئنده ان معاملي ۾ احتياط ڪيو وڃي) پر منهنجو ڌيان ارپنا ۾ آهي، جيڪا شاعر مبهم رکي آهي.
    ”هُن“ ــــــــــ ”اِها“ آهي يا ”اُهو“؟
    جنم يا ته ماءُ ڏيندي آهي، يا خدا، جيئن مذهبي طور ڄاڻايل آهي، ۽ جيڪو هونئن ئي پوريءَ ڪائنات جو خالق آهي! پر شاعر سان گفتگوءَ کان پوءِ معلوم ٿيو ته ارپنا ۾، ”هُن“ خُدا آهي.
    ٻِي ڳالهه اها به، ته ”جنم لازمي سمجھيو“ اسان کي سمجھائي ٿو ته شاعر کي پنهنجي هستيءَ جي اهميت جو، پنهنجي هئڻ جو، پنهنجي ڪردار جو اندازو آهي.
    ڪتاب ۾ شامل ٻيو مواد:هن ڪتاب جي پٺئين (بئڪ) ٽائيٽل تي، سنڌ جي مشهور شاعر ع. غ. تبسم جو عمومي رايو ڏنل آهي. پـٺئين ٽائيٽل ۾ چڱي ڳالهه فقط اها آهي ته راشد جي هڪ شعر جي واکاڻ ”بنهه نئين تشبيهه“ جهڙن لفظن سان ڪئي اٿائين. ڪاش هُو اهڙيون ٻيون سٽون به تلاش ڪري ها! ٽائيٽل ۽ بئڪ ٽائيٽل جي فليپن تي سنڌ جي نامور شاعرن جواد جعفريءَ ۽ راشد مورائيءَ جا رايا آهن، جن ۾ ٻنهي مانائتين شخصيتن جا سٺا ۽ سهڻا، محبت ڀريا لفظ ۽ دادَ سمايل آهن. ”اداري پاران“ ۾ ڪتاب جي پبلشر ۽ مشهور شاعر سعيد سومري پنهنجن مخصوص لفظن سان راشد بروهيءَ کي نروار ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. سعيد سومري، فقط هڪ صفحي ۾، جيڪي خيالَ، لفظن جي جذبات جي وهڪري ۾ اچي بيان ڪيا آهن، تن مان صرف ٻه هن ريت آهن:
    1. هن دور ۾ جيڪي به غزل جي دنيا جا شهنشاهه/بادشاهه/شهزادا سڏيا وڃن ٿا، انهن جا پهريتا مجموعا به فن ۽ فڪر سان ايترو لبريز ۽ دلپذير ناهن، جيترو نئون ليکاري ٿي ڪري راشد بروهيءَ جو هيءُ غزليه مجموعو آهي.
    (ايڏي وڏي دعوى خبر ناهي ته سعيد سومري ڪهڙن شهنشاهه/بادشاهه/شهزادن جي شاعريءَ جا پهريان مجموعا پڙهي، هڪ سَٽ ۾ سڀئي ٺُڪرائي، ڪئي آهي!)
    1. هن جي هر غزل جي الڳ الڳ بند ۾ فلسفي جا نوان نوان آسمان آهن.
    (هتي ته شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام جي سموري شاعريءَ کي به مات اچي وئي.)
    سعيد سومري کي اهڙي قسم جا رايا ڏيڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺڻ گھرجي.
    ڪتاب جو شايد ته مهاڳ ”واس ۽ ون“ عنوان هيٺ، نامياري شاعر سرمد چانڊيي لکيو آهي، جنهن ۾ هن راشد جي مختلف سٺن شعرن کي سمجھائڻ جي ڪارائتي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مهاڳ جون روايتي تقاضائون پوريون ڪيون آهن.
    اُس ۾ ڇانورن جو سفر“ عنوان سان، سنڌ جي ٻئي مشهور شاعر وسيم سومري، راشد جي شاعريءَ جا مختصر طور روپ پسايا آهن، جن ۾ تعريفي ۽ اصلاحي، ٻئي رُخ سمايل آهن. راشد جي شاعريءَ جي مطالعي جي حوالي سان وسيم سومري جي هيءَ لکڻي بهترين ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، جنهن مان هيءُ ٽُڪرو اهم آهي: ”راشد بروهيءَ جي شاعري سچ پچ هن جي دل جو لکيل نئون اتهاس آهي، ان ڪري ان جي خوشبوءِ به نئين آهي.“
    ۽ ”ڪويءَ جي قلم مان“ جي ڄاڻ سان ”اڪيلاين جي انت کان اڳتي“ عنوان تحت راشد بروهيءَ پاڻ ۽ پنهنجي شاعريءَ بابت ڪجھ احساساتي ڳالهيون ٻڌايون آهن ۽ ڪجھ حقيقت پسنديءَ جو اظهار ڪيو آهي. سندس لکيل نثر مان هي سٽون لکڻ چاهيان ٿو: ”... بس جيڪو ڪجھ محسوس ڪيو آهي انهن کي لفظن جو ويس ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
    سمجھان ٿو ته، پهرئين مرحلي ۾ اهو ئي هڪ شاعر جو ڪارج آهي ته هُو جيڪو ڪجھ محسوس ڪري، ان جو فورِي ۽ اثرائتو اظهار ڪري. سُٺِي، مٿاهين، اعلى ۽ عظيم شاعريءَ جا ٻيا سڀ مرحلا ان مرحلي مان ئي ڦُٽي نڪرن ٿا.
    راشد بروهيءَ پنهنجن لفظن ۾، ٻين دوستن سميت منهنجا به ٿورا مڃيا آهن، جنهن لاءِ سندس شڪرگذار آهيان. اسان جو ساٿ سکڻ ۽ سيکارڻ جي بهترين اصول تي بيٺل آهي، جيڪو اميد ته، سدائين سلامت رهندو.

    هڪ پڙهندڙ جي پسند:هر پڙهندڙ جي پنهنجي پسند ٿئي ٿي. راشد بروهيءَ جي هن پهرين غزليه مجموعي ۾، 90 صفحن تي، جُملي 89 غزل آهن. انهن غزلن مان ڪيترائي شعر، هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون کي وڻيا آهن، جن مان ڪجھ اوهان آڏو، ڪتاب ۾ آيل ترتيب موجب، پيش ڪريان ٿو:
    1. هن جون جئن جئن سَڳيون ويون کُلنديون،
    واس وَن جون ڳنڍيون ويون کلنديون.

    2. ڪَري جا موسم جو روح زخمي،
    نه ڇيڙ دک جي سا تار، جانان!

    3. پِگھارِ يادن جا هي گليشئير،
    ڄمِي وئي آ ڄمارَ، جانان!

    4. تو جئين چاهيو، ائين ٿيندو رهيو،
    ڄڻ خدا جا فيصلا تو سان هئا.

    5. حُسن اهو حَسين ڇا چئجي!
    جيڪو ناز وَ ادا کان خالي آ.

    6. ائين نه ٿئي جو حياتي گناهه ۾ گھارين!
    او گھوٽ! ڪنوارِ جِي دل سان رضا ضروري آ.

    7. نگاهن ۾ وارِي اڏامي پئي،
    وڇايو وڇوڙي جو ڪنهن دشت آ.

    8. هن جو مدت کان پوءِ ڏٺو مُرڪي،
    ويو مٽائي سڄي ڪٿا جو رُخ!

    9. ڪاش! اهڙي ڪلا هَٿ اچي،
    دل کٽڻ جِي ادا هٿ اچي.

    10. نه ڪنهن منجھڌار ۾ ڦاٿو، نه ڪنهن پهتو ڪناري تي،
    سدائين دل جي ساگر ۾، تَريو امڪان وڇڙڻ جو.

    11. سهيڙي خوف رڳ رڳ ۾، پڳو دل جي دوارن تي،
    جڏهن ممڪن جي صورت ۾، مِڙيو امڪان وڇڙڻ جو.

    12. ٻُڌِي هاڻ ئي ٿيو روئڻهارڪو آ،
    درد ايندا ڪٿا ۾ اڃا ڀي.

    13. ڪنهن جي خوشبوءِ پٺيان هئي نڪتي،
    دل جو ناهي پتو اڃا تائين.

    14. هُو جو ورهين کان پو مليا دڳ تي،
    ڀاڪرن ۽ چمين ۾ گُم ٿي ويا.

    15. اسان جو سفر ٿو شروع ٿئي اتان ئي،
    جتي رستو ’راشد‘ ٿئي هر ختم ٿو.

    16. ڏُور هوندي به ٿو لڳين ويجھو،
    تون خدا آهين يا خدا جَهڙو.

    17. گلاب جَهڙيون گھڙيون نه ڇنجو،
    اڏامي ويندا خوشين جا پوپٽ.

    هي خوبصورت خيالن وارا شعر ٻُڌائن ٿا ته راشد وٽ شعر سرجڻ جي سگھ آهي. سندس سوچ تخليقي سفر ڪري سگھي ٿي ۽ وٽس درد ڀَري ڀوڳنا جو اظهار لفظن جو بهتر لباس اوڍي سگھي ٿو. پر ان کي ڪيئن هڪ تسلسل سان اڳتي وٺي هلڻو آهي، ان بابت کيس وڌيڪ سوچڻو پوندو. منهنجي خيال ۾ ان لاءِ مستقل مزاجيءَ جو هجڻ بيحد ضروري آهي.

    ڪجھ شعرن بابت رايا:هيٺ ڪجھ شعرن بابت راءِ، جيئن مون کي محسوس ٿي آهي، ڄاڻائجي ٿي:
    — توهان لاءِ آڻيون ڪٿان روشني، ڪا؟
    اسين بند هون خود غفا جي اکين ۾!

    ”غفا جون اکيون“ جيتوڻيڪ اڻ چٽو استعارو آهي، پر ٻي مصرع ۾ ”بند هُون“ بدران ”قيد هُون“ وڌيڪ چڱو محسوس ٿئي ٿو.
    — خوف جا خار ڪئن چُڀن دل ۾،
    ڪنهن آ ارپي پناهه جي مالها.

    هن شعر ۾ ”ڪنهن“ لفظ جي استعمال شعر جي اهميت کي سخت هاڃو رسايو آهي. شاعر شخصيت کي لِڪ ۾ رکڻ بدران چٽو ڪري اظهاري ها.
    — اوهان جي عشق ۾ رَچي رلياسين ايترو،
    زمين آسمانَ جي خبر نه ٿي پوي.

    عشق ۾ رچڻ، هڪ اعلى ڪم آهي، جيڪو ماڻهوءَ کي مقصدن جي ماڳ تائين پهچائيندو آهي، پر هتي شاعر ان کي منفي معنى ۾ ڪتب آڻي رلائڻ جي لاءِ وقف ڪري ٿو، جنهن سان زمين ۽ آسمان جي به خبر نه ٿي رهي.
    — تون مرڪندي جو اوچتو اڳيان اچِي وئينءَ،
    بزار ۽ دڪانَ جي خبر نه ٿي پوي.

    ڪيفيت ڪيڏي بهتر ــــــــــ مرڪندي اڳيان اچڻ، پر ماحول وري ڪهڙو ـــــــــ بزار ۽ دڪان جو! لڳي ٿو ته شاعر بس قافيو ۽ رديف ملايا آهن. هي شعر ئي ڀرتيءَ جو ٿي پيو آهي.
    — ڄڻ ته ٻوٽيل هيون حياتيءَ ۾،
    انت کان پو کُليون اکيون آهن.

    هن شعر جو مطلب انتهائي مبهم آهي. شعر جو ڪارج اهو ناهي ته بس چئي ڏجي، پوءِ پڙهندڙَ يا ٻڌندڙَ وڃِي پاڻ سوچ ڪن ته شاعر ڇا ٿو چوي. ابهام شاعريءَ جو ساهه آهي، پر ايئن به ناهي ته ابهام سان ساهه ئي سُڪائي ڇڏجي.
    — مَٽي رنگَ پل پل ۾ سنسار ڪيڏا!
    ڏِئي رنگ ڪهڙو، خدا سوچ ۾ آ!

    مون کي عجب ٿو لڳي ته هِي ۽ ٻيا ڪيترائي خدا جي حوالي سان اهڙا شعر لکي، راشد خدا بابت ڇا ٿو ٻڌائڻ چاهي! خدا بابت اهڙي قسم جا شعر پڙهي ئي شايد هن ڪتاب ۾ وسيم سومري هيءَ ڳالهه لکي آهي ته ”اڄوڪي گھڻي شاعريءَ ۾ ’خدا‘ لفظ جو گھڻو بي معنى استعمال ڪيو ويو آهي.“ خدا جي حوالي سان راشد هڪ ئي بهترين شعر سرجيو آهي، جيڪو مٿي مون پنهنجي پسند جي شعرن ۾ به ڄاڻايو آهي ته
    ڏُور هوندي به ٿو لڳين ويجھو،
    تون خدا آهين يا خدا جَهڙو.

    ۽ اهو ئي شعر وسيم سومري به پسند ڪيو آهي ۽ صحيح راءِ ڏني آهي ته ”مٿئين شعر ۾ خدا جو تصور خدا جي سطح تحت ڪيو ويو آهي، اها ئي هن شعر جي اوچائي آهي.“
    پر ان اُوچي تصور کي راشد پنهنجي هڪ ٻئي شعر ۾ مشڪوڪ بڻائي، سخت ضرب رسائي آهي:

    — نيٺ نظرِ ڪرم ڪندو، راشد!
    آهي جي هر طرف خدا جو رُخ!

    يا هي شعر ڏسو:
    — ڇو اسان کي نه ٿو ملائي پيو؟!
    ڪيئن چئجي، خدا تي بندش آ!؟

    راشد کي منهنجي صلاح آهي ته خدا جي اهڙي جوڙيل پنهنجي دائري مان جيترو جلد ٿي سگھي، نڪري اچي. ان شعر ۾ ”پيو“ به نه ٿو ٺهڪي، ان بدران ”اڃا“ لفظ بهتر هجي ها.
    راشد جي هيٺئين شعر جي پهرين مصرع به انتهائي مبهم آهي:
    — توکي ’راشد‘ لکائي لِکئِي،
    جي لِکئي جو خدا هٿ اچي!

    پهرين سِٽ ۾، اهو ”لکئِي“ الائي ڇا آهي؟
    اڳتي وڌون ٿا:
    — سڌي منهن نه ڪنهن سان ڪري ڳالهه ٿي،
    ملِي هُن کي شايد آ شهرت نئين!

    اردو اصطلاح ”سيڌي مُونهه“ کي راشد ”سڌي منهن“ ڪيو آهي، جڏهن ته اسان وٽ ”سنئين منهن“ چئبو آهي.
    — گُهلِي هوا ۾ ڪنهن جي هيءَ صدا لهو ۾ لال آ،
    ’اروڙ‘ جي زمين ۽ فضا لهو ۾ لال آ.

    اروڙ سنڌ جو تخت گاهه هو، جيڪو درياءَ جي رخ مٽائڻ سبب ڦِٽي ويو. سنڌ جي تاريخ ۾ اروڙ جي حوالي سان ڪا اهڙي ويڙهه يا جنگ نه ٿي ملي، جنهن جو ذڪر راشد ڪيو آهي.
    — وري ڪا ذرد ذرد شام، ساز ساز ۾ لٿي،
    ٿِي ڀيروِي وڍي اندرُ، ڪلا لهو ۾ لال آ.

    ”ساز ساز“ جو مطلب آهي هر ساز، جيئن ”ماڻهو ماڻهو“ معنى هر ماڻهو، پر ”زرد زرد شام“ جو مطلب اهو ناهي ته هر شام زرد آهي، ان جي اها معنى نه ٿي نڪري، اهڙي مفهوم لاءِ چئبو ”شام شام زرد“. تنهن کان سواءِ ”زرد“ جي صورت خطي ”زي زنجير“ سان لکڻ بدران ”ذال ذري“ سان لکي وئي آهي، جنهن کي پڻ درست ڪجي.
    — مِلڻ اسان جو ٿئي ته ڪئن ٿي؟
    اسين خزان، هُو بهار جا گل!

    هي شعر سٺو آهي، پر ”ملڻ“ بدران ”ٽڙڻ“ هجي ها ته گلن سان ٺهڪي بيهي ها، ڇو ته گل ٽڙندا آهن.
    — اڃ اجھائي متان وڃون ڪنهن جي،
    هَل وَسايون ڪٿي گھٽا دل جي.

    هن شعر ۾ ”وڃون“ بدران ”سگھون“ هجي ته شعر جو مفهوم سگھارو ٿئي ٿو. ڏسو: اڃ اجھائي متان سگھون ڪنهن جي...“
    — ناهن خدا، ٿو ڄاڻان، پر ڪا ته ڳالهه آهي،
    انسان جو ڪروڙين پوڄين پيا بتن کي.

    هن شعر مان ظاهر ٿو ٿئي ته راشد بروهي عموميت جي وهڪري ۾ لڙهي ويو آهي. ڪهڙي به مذهب وارا جيڪڏهن ڪي عقيدا رکن ٿا ته اهو سندن عمومي رويو آهي، ڇو ته عقيدي سان دليل يا سوال لڳي ئي نه. ٻئي طرف جيڪڏهن ان بنياد تي پنهنجي راءِ بيهارجي ته ”ڪا ته ڳالهه آهي“ ته پوءِ بحث جي گنجائش ئي ختم ٿي وڃي ٿي.
    هاڻ پنهنجا رايا مختصر ڪريان ٿو. وري به ورجايان ٿو ته منهنجو مقصد اصلاح آهي، ته جيئن راشد جهڙو سٺو شاعر آئنده اهڙيون ننڍڙيون غلطيون نه ڪري، جيڪي شعر جي مقصد کي ڌڪين ٿيون.
    راشد جي غزلن ۾ ڀراءَ وارا لفظ به انيڪ آهن، جيڪي هن فني جوڙجڪ پوري رکڻ يا غير ضروري وضاحت لاءِ استعمال ڪيا آهن. هتي اهڙا ڪجھ لفظ ڄاڻائجن ٿا، جن هيٺان ليڪ ڏني وئي آهي:
    • جياپي لاءِ جئن هي هوا ضروري آ. (صفحو 35)
    • مُرڪن جا باقي موتي ڪاٿي وڃي لڪايان؟ (صفحو 39)
    • ڪهڙي دل ٿا رکن اهي ’راشد‘!
    دوست ننڍپڻ جا، جي ڀلائن پيا. (صفحو 46)
    • لٿو وجود تي ’راشد‘ ڪو ڏات جو پاڇو! (صفحو 52)
    • ڏئي ساٿ سپنن کي ڪنهن کنڊ جهڙو. (صفحو 57)
    • چپن تي چمين جا ڪي چشما وهائي. (صفحو 57)
    • ڪنهن به ماڻهوءَ جي ته صورت چٽي ناهي! (صفحو 71)
    • واعدو اڪثر ڪرڻ سولو لڳي،
    پر نڀائڻ ٿو اهو اولو لڳي! (صفحو 72)

    زبرن ۽ زيرن جون غلطيون:مٿي ”ارپنا“ تي بحث ڪندي، اهڙو اشارو ڏئي آيو آهيان، ته راشد زبرن، زيرن ۽ پيشَن جون ڪيترن ئي هنڌن تي غلطيون ڪيون آهن، جن مان هتي ڪجھ شعرن جي سٽن ۾ لفظ هيٺان ليڪ ڏئي نشاندهي ڪجي ٿي، ان اميد سان ته ان تي به آئنده غور ڪيو ويندو:
    • هوءَ چمين سان روز پُوئي ٿي. (صفحو 41)
    • اچي پُڳي حيات آهي اهڙي مُوڙ تي. (صفحو 42)
    • تو کي ’راشد‘ لکائي لِکئِي. (صفحو 47)
    • ڏنو هُوڪو هاڪر مزي ساڻ ’راشد‘! (صفحو 61)
    • جاتي ڪلفت جو سدا جُهولو لڳي! (صفحو 72)
    • مُور ٿي جھومڻ لڳا ارمان هن. (صفحو 76)
    • ضرور بي گناهه تي گناهه ڪنهن مُڙهيو وري. (صفحو 77)
    • اسان جي شايد نه هن لَکئي ۾. (صفحو 94)

    پڄاڻي:ڇا به هجي، راشد بروهي قنبر جي اُسرندڙ شاعرن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. هيءَ سندس سٺي شروعات آهي، هوري هوري اڳتي وڌڻ ۽ پوءِ ڇالون ڏيڻ جا مرحلا اڃا رهيل آهن. منهنجي خواهش آهي ته هُو فڪر جي اڏام جاري رکي، ٻوليءَ تي ڌيان ڌري، فن جي ڄاڻ پرائيندو رهي ۽ مشاهدي ۽ مطالعي کي وسعت ڏي.
    — پرهه جهڙو ڪو پل اکين ۾ آ،
    شوخ، چنچل غزلُ اکين ۾ آ.

    هيءَ حياتي ته ٿورڙي آهي،
    پيار تو لئه ڳپل آکين ۾ آ.



    (12 مئي 2009ع تي، سنڌي ادبي سنگت قنبر پاران راشد بروهي جي ڪتاب
    انت کان پوءِ“ جي مهورتي تقريب ۾، اعزازي مهمان طور پڙهيل ليک)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جو هي مضمون يا جائزو پڙهي مونکي به اها پروڙ پئي ته ڪتابن تي يا شخصيتن تي ڪيئن لکجي۔

    لک ٿورا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو