جاويد نواز
سينيئر رڪن
انسان ڦري اڄ جو حيوان ٿي پيو آ
هر شئي جي خبر هوندي نادان ٿي پيو آ
پنهنجي ئي ڀاءُ کي ماري ٿو ڀاءُ گهمي فخر سان
جهنگ واري بلا جهڙو مروان ٿي پيو آ
سڪ پيار وفا جڏهن جو سونهن سان ملايئين
ننڍڙو سجيل گُلن جو گُلدان ٿي پيو آ
محبوب جو اسان کي اُمتي ڪري اُٿارئين
رب جو اسان تي ڪيڏو احسان ٿي پيو آ
صلوات گر پڙهي جنهن محبوبِ مصطفي تي
اولو ڀي ڪم انهيء جو آسان ٿي پيو آ
جنهن ڏينهن کان نبي جي صلوات ڪئي شروع آ
ان ڏينهن کان دردن جو درمان ٿي پيو آ
ڪئين ڪون رڳو سجدو الله ڳي نبي کي
توڻين هو رب جو پيارو شيطان ٿي پيو آ