قنبر تعلقي ۾ سياسي تحريڪون

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏31 جولائي 2012۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    306
    ورتل پسنديدگيون:
    879
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    قنبر تعلقي ۾ سياسي تحريڪون
    (ميانوال تحريڪ ، خلافت تحريڪ ، حُر تحريڪ، پاڪستان تحريڪ، ون يونٽ تحريڪ، ايم آرڊي ۽ ضلعي جدوجهد)
    رياضت ٻرڙو


    ميانوال تحريڪ (1657ع کان 1701ع تائين)
    تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته سنڌ جي اترين علائقن ۾، اڪبر بادشاهه جي دَور ۾، ميان آدم شاهه ڪلهوڙي، آزاد سنڌ ۽ سنڌ تي سنڌين جي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ، نئين سياسي فڪر هيٺ، ميانوال تحريڪ جي شروعات ڪئي، ته جيئن مغل راڄ جو خاتمو ڪري سگھجي. ميان آدم شاهه ڪلهوڙي جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ ميان الياس محمد ڪلهوڙي ۽ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي (مدفون قنبر تعلقو) ميانوال تحريڪ کي منظم ڪيو، پر انهن جي وفاتن کان پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙي لاڙڪاڻي مان لڏي وڃي دادو ضلعي ۾ تحريڪ کي وڌايو ۽ تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. هن لاهور ۽ ملتان جو سفر ڪري، مختلف هلندڙ تحريڪن ۾ رابطو پيدا ڪيو ۽ پنهنجي 36 ساله دَور ۾ مغلن سان 48 لڙايون ڪيون.
    ميانوال تحريڪ ۾ اڪثريت هارين جي هئي، جيڪي ڪلهوڙن جي زمينن تي ڪم ڪندا هئا يا مختلف ماڳن تي ڪلهوڙن پاران آباد ڪيل ماڻهو هئا. هن تحريڪ جو نعرو ”اللھ توهار“ ۽ لباس ۾ ڪاري رنگ جو کٿو شامل هو.
    ميان نصير محمد ڪلهوڙي ڪاڇي واري علائقي جي ڳوٺ ڳاڙهي ۾ هڪ عبوري حڪومت 1672ع کان پوءِ قائم ڪئي، جنهن جي علائقن ۾ قنبر تعلقو به شامل هو، جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته قنبر جي رهاڪن جو ميانوال تحريڪ ۾ حصو هيو، جيڪي مغلن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. مشهور محقق ڊاڪٽر غلام محمد لاکي ميان نصير محمد کي سنڌ جو پهريون ڪلهوڙو حڪمران ڪري لکيو آهي. ميان نصير محمد جي وفات 1692ع ۾ ٿي. سندس پٽن مان پهرين ميان دين محمد ڪلهوڙي ۽ پوءِ ميان يار محمد ڪلهوڙي تحريڪ کي برقرار رکيو. نيٺ ميان يار محمد ڪلهوڙي کي 1701ع ۾ فتح نصيب ٿي ۽ سنڌ تي ڪلهوڙا حڪمرانن جي حڪمراني قائم ٿي.
    (آزاد انور ڪانڌڙي جي مضمون تان ورتل ۽ وڌايل)
    خلافت تحريڪ (1918ع کان 1921ع تائين)
    پس منظر تي هڪ نظر: پهرين مهاڀاري لڙائيءَ (18-1914ع) ۾ جرمنيءَ پاران ترڪيءَ به جنگ ۾ حصو ورتو، ته اتحادي فوجن ترڪيءَ تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ انهن سلطنت کي ٽڪرا ڪري ڇڏيو. جڏهن ته سنڌ ۽ هند جي مسلمانن سلطنت کي برقرار رکڻ پئي گھريو.
    شروعات: خلافت تحريڪ جي شروعات 23 نومبر 1919ع کان، دهلي، انڊيا، ۾ ٿيل خلافت ڪانگريس کان باضابطا طور ٿي، جڏهن خلافت ڪاميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ تحريڪ زور وٺڻ لڳي. جڏهن ته مسلم ليگ عملي حصي وٺڻ بدران صرف ٺهراءَ بحال ڪيا.
    بنيادي ڪردارَ: خلافت تحريڪ کي سڄيءَ سنڌ ۾ پکيڙڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندڙ مولانا عبدالڪريم درس، مولانا تاج محمد امروٽي، رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا عبيداللھ سنڌي ۽ پير تراب علي شاهه راشدي هئا.
    قنبر ۾ خلافت تحريڪ: تعلقي قنبر ۾ پير تراب علي شاهه تحريڪ جو اڳواڻ هو، جيڪو انگريزن جو سخت مخالف هو. ڳوٺ ڇڄڙا جا تمام گھڻا ماڻهو هن تحريڪ ۾ سرگرم هئا، جن ۾ حاجي اللھ بخش ميمڻ، حاجي محمد اسماعيل ڇڄڙو ۽ حاجي نور احمد ميمڻ اهم آهن. ساڻس گڏ مولوي غلام فريد سپرو (تعلقي قنبر جي ڳوٺ نور محمد سپري جو)، مولوي علي محمد منگي (قنبر)، مولانا عبد اللھ قريشي (ٻير)، ڪائونسلر خير محمد ٻرڙو (قنبر)، حاجي عبد اللھ ميمڻ (ڇڄڙا)، حاجي پنجل شيخ (قنبر)، قاضي عزيز اللھ هڪڙو، پير علي انور شاهه راشدي، نظر علي گدائي (قنبر)، محمد عثمان ٻرڙو (قنبر) ۽ ٻيا سوين شهري ۽ ڳوٺاڻا هئا.
    خلافت تحريڪ جو زور ٽوڙڻ لاءِ قنبر ۾ مختيارڪار خاص ڏينهن تي عام ماڻهن کي ديڳيون لهرائي ماني کارائيندا هئا، پوءِ عالمن اعلان ڪيو ته اها ماني کائڻ حرام آهي، ته ماڻهن ماني کائڻ ڇڏي ڏني ۽ ڀَت جون ديڳيون هارايون ويون.
    هجرت تحريڪ: خلافت تحريڪ جو اڳيون قدم هجرت تحريڪ هئي، جنهن جي اڳواڻي رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو ۽ پير تراب علي شاهه ڪري رهيا هئا. تاريخ 7 جولاءِ 1920ع تي، هڪ خاص ريل رستي، 750 مسلمان مهاجرن تي مشتمل قافلو لاڙڪاڻي کان افغانستان لاءِ روانو ٿيو، جنهن سان گڏ ڪجھ اڳڀرو پير تراب علي شاهه به ويو ۽ ٻي ريل رواني ڪرڻ لاءِ موٽي آيو. اها ريل جلال آباد (افغانستان) 19 جولاءِ 1920ع تي پهتي، پر افغانين جي ڦِرڻ ڪري هجرت تحريڪ ڪامياب ٿي نه سگھي ۽ هجرت ڪري ويل مسلمان جبلن ۾ رُلي ويا. البت هن تحريڪ سنڌ جي مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي آندي.
    گرفتاري: هجرت تحريڪ ۾ ڪابل ويل حاجي اللھ بخش ميمڻ ۽ حاجي پنجل شيخ جا نالا ملن ٿا، جيڪي اتي گرفتار ڪري جيل موڪليا ويا.
    اختمام: خلافت تحريڪ 1921ع تائين سرگرميءَ سان هلي، پر ان جو خاتمو 1923ع ۾ ترڪيءَ ۾ آيل انقلاب سان ٿيو، جڏهن اتي ڪمال اتا ترڪ سربراهه ٿيو.
    حُر تحريڪ (1943ع ۾ ختم)
    حر تحريڪ جو مرڪز سانگھڙ ضلعو هو، پر ان جا ماڻهو قنبر جي ڳوٺ ڇڄڙا ۾ به هئا، جتي محمد سچل ڇڄڙي ۽ بيگ محمد ڇڄڙي وٽ رهڻ لاءِ حُر تحريڪ جو ڪمانڊر عبدالرحيم هڱورو سانگھڙ مان خفيه طور نڪري آيو، ته جيئن تحريڪ لاءِ نئين رٿا سوچي سگھجي، پر ڇڄڙن جي رهاڪو محمد فاضل پٺاڻ، جيڪو پوليس ۾ اي ايس آءِ هو، انگريز سرڪار وٽ مخبري ڪئي، جنهنڪري ٽئي ڄڻا گرفتار ٿي پيا. ڪامياب مخبري ڪرڻ تي محمد فاضل پٺاڻ کي ترقي ڏئي، ايس ايڇ او ڪيو ويو. ٻئي طرف، عبدالرحيم هڱوري کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو، محمد سچل ڇڄڙي کي سکر سينٽرل جيل ۾ ماري شهيد ڪيو ويو ۽ جيل ۾ ئي دفنايو ويو، جڏهن ته بيگ محمد ڇڄڙو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ آزاد ٿي ڳوٺ موٽيو. محمد فاضل پٺاڻ ۽ بيگ محمد ڇڄڙو به وفات ڪري ويا آهن.
    پاڪستان تحريڪ (پڄاڻي 1947ع)
    پاڪستان تحريڪ ۾ قنبر تعلقي جي ماڻهن جي، سنڌ جي ٻين شهرن جيان، دلچسپي رهي. هتان جي ماڻهن پاڪستان تحريڪ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان جي جھلڪ سنڌ مسلم ليگ جي هيٺ ڄاڻايل عهديدارن ۽ سندن سياسي سرگرمين مان ڏسي سگھجي ٿي، جنهن جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ محفوظ رهجي ويو آهي:
    · 1937ع جي سنڌ صوبائي اليڪشن ۾ ”لاڙڪاڻي اولهه“ تڪ تان مير محمد خان چانڊيو ڪامياب ۽ دريا خان مستوئي، پير بخش محمد بخش ۽ سيد عبد اللھ شاهه ناڪام ٿيا.
    · آڪٽوبر 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي نامزد ميمبرن ۾ خان بهادر غلام محمد خان اسراڻ (خيرپورجوسي جو) شامل هو، جنهن 3 مارچ 1943ع تي، سائين جِي ايم سيد پاران سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيل ”قراردادِ پاڪستان“ جي حمايت ڪئي.
    1938ع ۾ مسلم ليگ ڳوٺ گھٽهڙ جا هي عهديدار هئا:
    صدر:
    سيد الهه ڏنو شاهه راشدي
    نائب صدر:
    رئيس قربان خان
    جنرل سيڪريٽري:
    وڏيرو محمد بخش سومرو
    جوائنٽ سيڪريٽري:
    رضا محمد
    خزانچي:
    پير جعفر شاهه راشدي
    ڳوٺ حاصلي جو صدر ڀائي خان چانڊيو، نائب صدر ٻيڙو خان، سيڪريٽري مولوي فقير احمد ۽ خزانچي عبدالرحيم چانڊيو هئا. (حوالو: الوحيد، جُون 1938ع)
    ڳوٺ هليا جو صدر رحمت اللھ هُليو، نائب صدر غلام محمد هليو، سيڪريٽري دريا خان چانڊيو ۽ خزانچي علي خان چانڊيو هئا. (حوالو: الوحيد، جولاءِ 1938ع)
    ڳوٺ ٻير جو صدر محمد وارث ۽ سيڪريٽري ماستر الهه ڏنو خان تنيو هئا. ڳوٺ علي شير تنيي جو صدر شير محمد ۽ سيڪريٽري فقير محمد هئا. ڳوٺ راضي ڳورڙ (لڳ نورنگ) جو صدر مولوي غلام احمد نورنگي ۽ سيڪريٽري مولوي احمد ديوبندي هئا. (حوالو: الوحيد، نومبر 1938ع)
    28 جنوري 1939ع تي، سنڌ مسلم ليگ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي خان بهادر غلام محمد اسراڻ کي کنيو ويو.
    1941ع ۾ مسلم ليگ قنبر شهر جا هي عهديدار هئا:
    صدر:
    عبدالرشيد
    نائب صدر:
    سرائي ڪوڙو خان
    جنرل سيڪريٽري:
    گلاب خان
    خزانچي:
    سرائي ڪوڙو خان
    1941ع ۾ مسلم ليگ ڳوٺ گھٽهڙ جا هي عهديدار هئا:
    صدر:
    سيد الهه ڏنو شاهه راشدي
    نائب صدر:
    مولوي عبدالڪليم ٻرڙو
    جنرل سيڪريٽري:
    سيد حاجن شاهه
    جوائنٽ سيڪريٽري:
    وڏيرو محمد بخش سومرو ۽ خليفو عبدالحق
    خزانچي:
    تاج محمد بلوچ
    1944ع ۾ مسلم ليگ قنبر شهر جا هي عهديدار هئا:
    صدر:
    محمد عثمان ميمڻ
    نائب صدر:
    سرائي ڪوڙو خان
    جنرل سيڪريٽري:
    جان محمد قريشي
    خزانچي:
    قربان علي شاهه
    اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مسلم ليگ جي مڃيل شاخن ۾ ڳوٺ گھٽهڙ جو صدر سيد الهه ڏنو شاهه راشدي ۽ ضلعي لاءِ عيوضي شاهه صاحب سميت سيد حاجن شاهه، رئيس همايون، خليفو عبدالحق، رئيس غلام نبي ۽ مولوي عبدالڪليم ٻرڙو هئا. ڳوٺ خيرپور جوسي جو صدر خان بهادر غلام محمد اسراڻ ۽ ضلعي لاءِ عيوضي اسراڻ صاحب، مير محمد خان چانڊيو ۽ ٻيا هئا.
    24 فيبروري 1945ع تي، تنهن وقت جي سنڌ جي وزيرِ اعظم سَر غلام حسين هدايت اللھ خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ جي حمايت ۾ مير محمد خان چانڊيي ۽ خان بهادر غلام محمد اسراڻ ووٽ ڏنو.
    1945ع ۾ خان بهادر غلام محمد اسراڻ کي سنڌ مسلم ليگ جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ تي کنيو ويو.
    جنوري 1946ع جي سنڌ صوبائي اليڪشن ۾ قنبر-شهدادڪوٽ تڪ تان مسلم ليگ جو اميدوار مير محمد خان چانڊيو 900 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته سندس مخالف اميدوار خان بهادر دوست محمد خان هڪڙي 650 ووٽ کنيا.
    9 ڊسمبر 1946ع جي سنڌ صوبائي اليڪشن ۾ قنبر-شهدادڪوٽ تڪ تان مسلم ليگ جو اميدوار مير محمد خان چانڊيو ڪامياب ٿيو.
    ساڳئي دَور ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ پير الهه ڏنو شاهه راشدي، غلام مصطفى اسراڻ ۽ محمد عثمان ميمڻ شامل هئا.
    پاڪستان تحريڪ جا ٻيا ڪردار هي هئا: رئيس غلام مصطفى اسراڻ، حاجي هدايت اللھ ميمڻ، جان محمد قريشي، محمد بخش کوکر، حاجي عبدالڪريم قادري، حاجن شاهه راشدي، ساهه محمد نائچ، محمد ابراهيم منگي، احمد ڪنڀر، الاهي بخش دِيرِي، گالو دايو، محمد صالح لاکو، عبدالنبي لوهر، قائم الدين انصاري، ڪريم بخش چنو، محمد صفر گوپانگ، هدايت اللھ ولد محب علي گوپانگ (جنهن پاڻ کي ساڙيو ته جيئن هُو ”لعل“ بڻجي)، غلام حسين شيخ (شيخ جو تڪ)، مير ڪلهوڙو (ڳوٺ آبڙي)، روشن علي اسراڻ (خيرپور جوسو) ۽ ٻيا.
    ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ (1960ع جو ڏهاڪو)
    سنڌ جي لاءِ ون يونٽ ڪاريهر نانگ مثل هو. 1956ع ۾ ون يونٽ جي نفاذ کان وٺي 70-1969ع ۾ ان جي خاتمي تائين، سنڌ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ يادگار جدوجهد ڪئي. هيءَ ئي اها تحريڪ هئي جنهن سنڌ ۾ قومي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ۽ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
    قنبر ۾ ون يونٽ جي خاتمي لاءِ ڪجھ سرگرميون ٿيون، جن ۾ نمايان سرگرمي 1968ع ۾ ون يونٽ خلاف بک هڙتال هئي، جيڪا موجوده ٽانگا اسٽينڊ وٽ، پ پ پ آفيس سامهون ڪئي وئي، جنهن ۾ پهرئين ڏينهن منصور عالم ابڙو ۽ شبير قادري ٻن ڏينهن لاءِ، ٽئين ڏينهن محمد صفر تنيو ۽ محمد موسى بروهي هڪ ڏينهن لاءِ ويٺا. چوٿين ڏينهن محمد عظيم سومرو ۽ رفيق انڍڙ هڪ ڏانهن لاءِ بک هڙتال تي ويهڻا هئا، پر ان ڏينهن جنرل يحى خان حڪومت جون واڳون سنڀاليون جنهنڪري چوٿين ڏينهن بک هڙتال ٿي نه سگھي. انهن بک هڙتالن دوران جلوس ڪڍيو ويندو هو، جنهن کان پوءِ بک هڙتال شروع ڪئي ويندي هئي. ٻئي طرف ڄامشوري ۾، يونيورسٽي ڪئمپس ۾ سائين محمد عالم ابڙي جي ڌيءَ مارئي صحرا به ون يونٽ جي مخالفت ۾ فيبروري 1969ع ۾ ٽي ڏينهن بک هڙتال ڪري هڪ نئون مثال پيدا ڪيو. ان حوالي سان هندستان جو سنڌي اديب ”اُتم“ پنهنجي ڪتاب ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ ۾ لکي ٿو: ”مارئي! منهنجي ڀيڻ، توکي نوجوانان وطن سلام ٿا ڪن. تو انهيءَ ڳالهه جو سنگ بنياد وڌو جيڪا ڳالهه اڳتي هلي راههِ آزاديءَ جو سنگ ميل ثابت ٿيندي...“
    ٻئي طرف سنڌ هاري ڪاميٽي پاران لاڙڪاڻي ۾ بک هڙتال تي ڪامريڊ نبي بخش تنيو (ڳوٺ ٻير جو) ٻين عهديدارن قاضي غفار (وارهه)، محمد امين کوسي (وڳڻ) ۽ مولوي نذير جروار سان گڏ ويٺو.
    ون يونٽ جي خاتمي جو اعلان جنرل يحى خان، اقتدار جي اعلى مسند تي ويهڻ کان پوءِ ڪيو.
    ايم آر ڊِي (جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ) (1983ع ۽ 1986ع)
    جدوجهد جو ڪارڻ: ايم آر ڊِي (Movement of Retardation Democracy/ جمهوريت جي بحاليءَ جي تحريڪ) 1983ع ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت کي بحال ڪرڻ (۽ جنرل ضياء الحق کي هٽائڻ ۽ مارشل لا ختم ڪرڻ) لاءِ هلايل جدوجهد هئي، جنهن ۾ پ پ پ، تحريڪ استقلال، جمعيت علماء اسلام (ف)، عوامي نيشنل پارٽي، عوامي تحريڪ، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، وطن دوست پارٽي ۽ ٻيون پارٽيون شامل هيون.
    جدوجهد لاءِ سرگرميون: ايم آر ڊِي ۾، قنبر ۾ تنهن وقت موجود ٽن وڏين پارٽين --- پ پ پ، عوامي تحريڪ ۽ جمعيت علماء اسلام --- وڌ ۾ وڌ سرگرمي ڏيکاري، جنهن ۾ انهن پارٽين قنبر شهر ۽ ٻهراڙين جي ماڻهن کي سجاڳ ۽ سرگرم ڪيو، جنهن لاءِ ڪارنر گڏجاڻيون ڪيون ويون، پمفليٽ ورهايا ويا، بينر ۽ شيٽون لڳايون ويون ۽ وال چاڪنگ ڪئي وئي.
    شهيد فاضل راهو قنبر ۾: ان جدوجهد کي همٿائڻ لاءِ شهيد محمد فاضل راهو سڄيءَ سنڌ جي دوري دوران قنبر ۾ آيو ۽ نثار شيخ مرحوم جي جڳهه تي مختلف ڪارڪنن کي ذميواريون سونپيون.
    جدوجهد جو هڪ يادگار ڏينهن: 19 آگسٽ 1983ع قنبر جي سياسي تاريخ ۾ هڪ حيران ڪندڙ ڏينهن هو. ان ڏينهن عوامي تحريڪ جي آفيس ”عوامي اوطاق“ تان عوامي تحريڪ جا ڪارڪن جمهوريت جي حمايت ۾ ۽ مارشل لا جي مخالفت ۾ نعرا هڻندا نڪتا، جن سان سپاف جا سرگرم ڪارڪن به ساڻ هئا. نور شاهه پرائمري اسڪول وٽان ڪارڪنن جو اهو ميڙ هڪ ننڍي جلوس جي شڪل اختيار ڪري ويو، جيڪو سرڪيولر روڊ سان هلندي، پٺاڻ مسجد (سوچِي چوڪ) وٽ اوچتو ئي هڪ وڏو جلوس ٿي ويو، جنهن ۾ اسڪولي شاگرد ۽ سوين ڳوٺاڻا به شامل ٿي ويا. اهو جلوس اسٽيشن روڊ کان ٿيندو، بلال مسجد وٽان گذرندو، گرلس هاءِ اسڪول کان ٿيندو، پراڻي جيپ اسٽينڊ ۽ موجوده پ پ پ چوڪ وٽ هڪ جلسي جو روپ اختيار ڪري ويو. اتي تمام گھڻي نعري بازي ٿي، ٽائر ساڙيا ويا، پوليس سان جھڙپون ٿيون، جنهن تي ماڻهن مڇرجي پٿراءُ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ٽيليفون ايڪسچينج کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ لڳو لڳ سٽيزن ڪلب قنبر ۽ يونين آف جرنلسٽس جي آفيس کي ساڙيو ۽ مختيارڪار آفيس جي سب جيل تي حملو ڪري، پوليس کان هٿيار ڦري ورتا ۽ جيل جا ڪلف ڀڃي قيدين کي ڇڏايو ۽ مال خاني جا هٿيار کڻي قيدين کي ڏنا، جيڪي شهر ۾ ٽڙي پکڙي ويا. ويڙهه دوران ڪجھ سپاهي ۽ شهري شديد زخمي به ٿيا، جڏهن ته حراس ۾ سڄو شهر مڪمل طور بند ٿي ويو هو ۽ هر رستي کان ماڻهو ڊڪندي پئي نظر آيا. سڄو شهر قنبر ڄڻ ته جنگ جو ميدان هو. اهو ايم آر ڊِي جو وڏو واقعو هو، جنهن جي رپورٽ بِي بِي سِي تان نشر ڪئي وئي.
    ان واقعي کان پوءِ پوليس سرگرم اڳواڻن، ڪارڪنن، انهن جي والدن ۽ ڀائرن جون تمام گھڻيون گرفتاريون ڪيون، جڏهن ته سياسي سرگرميون بحال ٿيون، سياسي قيدي آزاد ٿيا ۽ ڪجھ عرصو پوءِ غير جماعتي اليڪشن ۾ محمد خان جوڻيجو پاڪستان جو وزيراعظم چونڊيو ويو.
    گرفتاريون: 1983ع جي ايم آر ڊِي ۾ هنن ڪارڪنن/فردن گرفتاريون ڏنيون: مولانا عبدالعزيز قريشي، محمد ڪامل ڀٽو، شبير ڀٽو، اڪبر ٻرڙو، بشير چانڊيو، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، علي انور گوپانگ وڪيل، اللھ ڏنو ڪوري، اعجاز شيخ، عبدالحميد سومرو، سليم ملڪ، لياقت مغيري، ستار گوپانگ، نور مگسي، آفتاب شاهه، اللھ ڏنو چانڊيو، مختيار شيخ، ذوالفقار قادري، حبيب آدرش ڀٽو، بشير مڱڻهار، ڊاڪٽر منظور شيخ، صحبت ٻرڙو، اصغر ڀٽو ۽ ٻيا. جڏهن ته ڊاڪٽر ظفر قادري ۽ ڊاڪٽر عبدالرحمان سومرو جنرل ضياء خلاف هلچل جي ڪري اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيا ويا هئا. ٻئي طرف ڊاڪٽر محبت ٻرڙي ۽ صحبت ٻرڙي جو والد شوڪت علي ٻرڙو، ڊاڪٽر نذير شيخ، آفتاب شيخ ۽ محفوظ شيخ جو والد والي ڏنو شيخ، ڊاڪٽر اعجاز شيخ ۽ زاهده شيخ جو والد بخشل شيخ ۽ ڊاڪٽر بخت جمال شيخ جو چاچو۽ ڊاڪٽر ايوب شيخ جو والد وَڏو غلام سرور شيخ، عبدالرحمان سومري جو والد ملا سومرو، مجيد منگي جو ڀاءُ خدا بخش منگي ۽ ڊاڪٽر علي گل ميتلي جو والد پير محمد ميتلو گرفتار ڪيا ويا.
    سرگرم ڪارڪن: ايم آر ڊِي جي سرگرم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جا نالا هن ريت آهن: مولانا عبدالڪريم قريشي، ڊاڪٽر نذير شيخ، ڊاڪٽر عبدالرحمان سومرو، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ڊاڪٽر علي گل ميتلو، مجيد منگي، ڊاڪٽر بخت جمال شيخ، ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، ڊاڪٽر ظفر قادري، مجيب ميتلو، ڊاڪٽر اعجاز شيخ، ڊاڪٽر بشير شيخ، صحبت ٻرڙو، لال محمد چانڊيو، نثار ٻرڙو، نثار احمد شيخ، ڀائو درمحمد ٻرڙو، مشتاق شابراڻي (معشوق بلوچ)، آفتاب شيخ (ٻَئِي)، محبوب راهوجو، محفوظ شيخ، امداد راهوجو، اعجاز سومرو، علي حسن جوڻيجو، سرتاج جوکيو، عبيد اللھ شيخ، غني راهوجو، مختيار راهوجو، نظير شيخ، اسحاق ميمڻ، مقبول چانڊيو، اسد ميمڻ، منظور ڇڄڙو، حاجي قدوس چانڊيو، غفار ميمڻ، احسان شيخ ۽ ٻيا. جڏهن ته عورتن ۽ شاگردياڻين ۾ زاهده شيخ، خالده شيخ، رخسانه شيخ، ساجده شيخ، ريحانه شيخ، بتول قادري، صفيه ميتلو، امرتا ميتلو ۽ ٻيون شامل هيون.
    1986ع جي جدوجهد: 1986ع ۾ پ پ پ جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان آئي، ته پاڪستان سرڪار مٿس سختي شروع ڪئي، جنهنڪري ٻيهر جدوجهد شروع ٿي، جنهن ۾ قنبر جي مختلف پارٽين ۽ شهرين پڻ عملي جدوجهد ڪئي.
    قنبر ضلعو بچايو جدوجهد (ڊسمبر 2004ع-جُون 2005ع)
    اعلان: سنڌ جي وڏي وزير ارباب غلام رحيم 12 ڊسمبر 1994ع تي، ٻيا ڪجھ ضلعا ٺاهڻ سميت، لاڙڪاڻو ضلعو ٽوڙي قنبر ضلعي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو، جنهن جو ضلعي هيڊڪوارٽر پڻ قنبر رکيو ويو. اهڙي خبر ساڳئي ڏينهن تي نشر ٿي ۽ 13 ڊسمبر 2004ع جي اخبارن ۾ ڇپي.
    ٻن شهرن جو ردعمل: ان اعلان تي قنبر شهر جي ماڻهن تمام گھڻي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ مِٺايون ورهايون. جڏهن ته شهدادڪوٽ جا شهري رنج ٿيا، جن احتجاج وغيره جي شروعات ڪري ڏني، جنهن سان ٻن شهرن منجھ ٽڪراءَ جي صورتحال پيدا ٿيڻ لڳي.
    ٻيو اعلان: شهدادڪوٽ واسين جي ردعمل کي ڏسندي ۽ ”اثرائتن“ ماڻهن جي ڳالهين کي ٻُڌندي، وزيرِ اعلى ارباب غلام رحيم مٿئين اعلان جي ڏهين ڏينهن، 22 ڊسمبر 2004ع تي، ٻيو اعلان ڪري ضلعي جو نالو قنبر مان ڦيرائي ”شهدادڪوٽ ايٽ قنبر“ ڪيو. اها خبر به ان ئي ڏينهن ڪي ٽي اين تي نشر ٿي ۽ 23 ڊسمبر 2004ع جي اخبارن ۾ ڇپي.
    ٻيو انتهائي ردعمل: 22 ڊسمبر 2004ع تي، خبرون ٻڌندي ئي قنبر جا شهري رستن تي نڪري آيا، جيڪي حڪومتي فيصلي خلاف اُڀ ڦاڙ نعرا هڻي رهيا هئا، گھڻن ئي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏنڊا هئا، جن جي مُنهن تي ڪاوڙ ۽ ڪِروڌ جا گھرا اثر ظاهر هئا. ڪجھ مڇريل نوجوانن جذباتي ٿيندي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جن مان هڪڙو سخت زخمي ٿي پيو. قنبر کان ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ شهدادڪوٽ ويندڙ ٽن وڏن ۽ مکيه روڊن تي شهرين ڇهن فوٽن جي اوچائيءَ تائين ڀِتيون ٺاهي ڇڏيون ۽ سڄي رات مَچ ٻاري انهن جي نگراني ڪئي. (اهي ڀتيون ٻه ڏينهن جڙيل رهيون.) قنبر جي ماڻهن اڳ ڪڏهن به اهڙي ردعمل جو اظهار نه ڪيو هو. قنبر ضلعي ٿيڻ جي شديد خوشي، ان وقت شديد ڏک ۽ رنج ۾ بدليل هئي. ٻئي طرف، حڪومت ايندڙ ڏينهن تي ان ردعمل کي سفارت ڪاريءَ بدران تشدد سان منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجين ڪارواين جي تياريءَ ۾ رُڌل هئي ۽ پوليس فورس ڪَٺي ڪري رهي هئي.
    شهادتن جو ڏينهن: 24 ڊسمبر 2004ع قنبر جي تاريخ جو هڪ بنهه ڪارو ڏينهن آهي. ان ڏينهن صبح ٿيندي ئي شهر جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل هو. هڪ افراتفري هئي. شهر اڌوگابرو کليل هو. احتجاجِي شهري مختلف روڊن رستن تي نعري بازي ڪري رهيا هئا. پوليس پنهنجي ڪاروائيءَ جي شروعات ڪندي 250 کان وڌيڪ شهرين کي گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن تي موڪلي ڇڏيو هو. گرفتارين جي خبرن سان شهرين ۾ تاءُ وڌندو پئي ويو. پوليس پنهنجين ڪارواين ۾ شدت آڻيندي ڳوڙها گئس فائر ڪرڻ ۽ معصوم شهرين تي سڌيون گوليون وسائڻ شروع ڪري ڏنيون، جنهن سان ڪيترائي زخمي ۽ چار شهري ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا. ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ فلسطين تي اسرائيل حملو ڪيو آهي. شهيد ٿيلن ۾ هڪڙو 13 سالن جو معصوم ٻار عبدالفتاح تنيو هو، جيڪو پنهنجي ڳوٺان شهر آيو هو، ٻيو 16، 17 سالن جو نوجوان ناصر حسين خانزادو، ٽيون 18، 19 سالن جو نوجوان رياض حسين ٻرڙو ۽ چوٿون هاءِ اسڪول قنبر جو جوان استاد مدد علي مگسي هو. ٻيا ٽئي شهيدَ شهر جي مختلف محلن جا رهاڪو هئا. هڪ ڀيرو وري، پنهنجي ئي ملڪ جي پوليس پنهنجن شهرين تي گوليون وَسايون هيون ۽ قتلام ۾ ملوث ٿي هئي. ان صورتحال ۾ قنبر ٿاڻي تي به ڪجھ ماڻهن حملو ڪري ڏنو، جنهن جو پوليس 1200 شهرين تي ڪيس داخل ڪري ورتو. پوليس قتل ڪري لِڪي ڇُپي وئي هئي ۽ گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪيو ويو هو. پر شهر سوڳ ۾ وٺجي ويو هو، گھر گھر ۾ هراس ڇانيل هو. ڪنهن کي به يقين نه پئي آيو، ته ضلعي ٺهڻ جِي نوبت چئن شهرين جي شهادتن تائين وڃي پهچندي. حڪومت ڪرفيوءَ جو اعلان ڪيو، پر ان تي شهرين ڪجھ به عمل نه ڪيو.
    ڪي ٽِي اين جو بهادر ڪئميرامئن هادي سانگي سڄو ڏينهن ان ظلم جي مووي رڪارڊنگ ڪندو رهيو. اها رڪارڊنگ جڏهن ڪي ٽِي اين تان نشر ڪئي وئي، ته قنبر جو ڏک ۽ الميو، سڄيءَ سنڌ جو ڏک ۽ الميو بڻجي ويو هو، هر اک آلي هئي ۽ هر جيءَ ۾ ٽوڙ ڦوڙ ٿي هئي: چار شهيدَ صرف چئن گھرن جا شهيد نه هئا، اهي سڄيءَ سنڌ جا شهيد هئا.
    وڏي وزير جو بيان ۽ نواب شبير احمد چانڊيي جو جوابي بيان: شهادتن ۽ ٻيءَ صورتحال بابت ڪي ٽِي اين جي نيوز ڪاسٽر وڏي وزير ارباب غلام رحيم کان پڇيو، ته هن ان سڄي واقعي کي هڪ ڊرامو ڪوٺيو (جنهن تان پوءِ کيس معافي به وٺڻي پئي). ان تي قنبر جي نمايان سياسي شخصيت نواب شبير احمد خان چانڊيي چيو ته جيڪڏهن ڪو ان المناڪ واقعي کي ڊرامو ڪوٺي ٿو، ته پوءِ ان ڊرامي جو ليکڪ، پروڊيوسر ۽ هدايتڪار به اهو ڪوٺيندڙُ آهي.
    جنازي نماز: شهيدن جي اجتماعي جنازي نماز لاءِ 25 ڊسمبر 2004ع تي، صبح جو، تمام گھڻي تعداد ۾ شهري ۽ ڳوٺاڻا قنبر بيڪري وٽ، شهداء چوڪ تي گڏ ٿيڻ شروع ٿيا. شهيدن جون ميتون آنديون ويون. سوڳواريءَ جي انتها هئي. سرڪيولر روڊ سان هزارين ماڻهو شهيدن کي ڪنڌو ڏيڻ لاءِ اڳ اڳ ۾ هئا. قنبر جي تاريخ ۾ هيءُ وڏي ۾ وڏو جنازي نماز جو ميڙ هو، جنهن جي مُهڙ ۽ آخر جي ڄڻ ته ڪا حد ئي نه هئي. جنازي نماز عيد گاهه جي اولهه ۾ مارڪيٽ ڪاميٽيءَ جي پَٽ تي سائين سيد غلام حسين شاهه پڙهائي.
    قنبر ضلعو بچايو جدوجهد ڪاميٽي: قنبر ضلعي جي بحاليءَ ۽ قاتل پوليس اهلڪارن جي گرفتاريءَ لاءِ سڄاڻ شهرين ۽ سمورين سياسي، سماجي ڌرين تي مشتمل ”قنبر ضلعو بچايو جدوجهد ڪاميٽي“ جوڙي وئي، جنهن پنهنجي حڪمت عملي تڪڙين ميٽنگن ۾ طَي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ مرحلي وار جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ جي سوچ ويچار ڪري، پُر امن لائحه عمل جوڙي ورتو. ٽن مهينن لاءِ ”جدوجهد ڪاميٽيءَ“ جو سيڪريٽري ڀائو درمحمد ٻرڙي کي منتخب ڪيو ويو، جيڪو قنبر جي سڄاڻ سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيت هو ۽ تنهن وقت سنڌي ادبي سنگت قنبر شاخ جو سيڪريٽري هو. سندس رهنمائيءَ هيٺ ”جدوجهد ڪاميٽيءَ“ ڪاميابيءَ سان جدوجهد جي شروعات ڪري ڏني. اپريل 2005ع کان ٽن مهينن لاءِ جدوجهد ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري ڪامريڊ نذير احمد تنيي کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو جيئي سنڌ قومي محاذ سان تعلق رکندڙ قنبر شهر جي مشهور شخصيت هو. ”جدوجهد ڪاميٽيءَ“ کان پهرين هفتي ۾ ئي پاڪستان پيپلز پارٽي الڳ ٿي وئي، جيڪا نئين ضلعي جي حامي نه هئي، پر پوءِ پ پ پ شهيدن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ الڳ ڪيمپ هڻي ورتي.
    ڇهه-ماهي ضلعي جدوجهد تي مختصر نظر: هيءَ ضلعي جدوجهد قنبر جي تاريخ ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿي، جنهن بابت هڪ مڪمل ڪتاب اميد ته پيش ڪيو ويندو. هتي مختصر طور جدوجهد بابت آگاهي ڏجي ٿي:
    1. ضلعي جدوجھد دوران 28 ڏينهن شٽربند ۽ ڦيٿا روڪ هڙتالون ٿيون، جنهن ۾ شهرين جو لکين رپين جو ڪاروبار ۾ نقصان ٿيو، پر شهرين ان تي ڪڏهن به نا اتفاقي نه ڪئي ۽ هر مرحلي تي جدوجهد ڪاميٽيءَ سان ڀرپور ساٿ ڏنو.
    2. ضلعي جدوجھد دوران 24 ڪلاڪن واريون بک هڙتالون 14 ڏينهن ٿيون، جنهن ۾ 7، 8 ماڻهو ڏيهاڙي بک هڙتال تي ويهندا هئا.
    3. ضلعي جدوجھد ۾ 45 ڏينهن علامتي بک هڙتالون ڪيون ويون.
    4. 10 ڀيرا مختلف نوجوانن پاڻ کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ ڪجھ نوجوان سڙي به پيا.
    5. ٽي ڀيرا سنڌ حڪومت جو جنازو کنيو ويو ۽ عوامي عدالت لڳائي قاتل پوليس اهلڪارن کي ٽي ڀيرا ڦاهيون ڏنيون ويون.
    6. ضلعي جدوجھد دوران عوامي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي ڪو به نقصان نه رَسايو ويو.
    7. ٽي مهينا پوليس اهلڪار بنا ورديءَ جي قنبر ۾ وڏي ڊپ ۾ رهيا.
    8. ٽي ڀيرا ”وزيرن جي ٽيم“ قنبر آئي. هڪ ڀيري هاءِ اسڪول قنبر ۾ تمام وڏو ميڙ ٿيو، جنهن ۾ صحيح معنى ۾ هزارين شهرين ۽ ڳوٺاڻن شريڪ ٿي، قنبر ضلعي جو مطالبو ڪيو. وزير اعلى قنبر جي چئني تعلقن وارهه، قنبر، شهدادڪوٽ ۽ ميروخان جو دورو ڪري عوامي راءِ معلوم ڪئي ۽ 22 مارچ 2005ع تي ”جدوجهد ڪاميٽيءَ جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.
    9. جدوجهد کي وسيع ڪرڻ لاءِ فيبروري 2005ع ۾ جدوجهد ڪاميٽيءَ جا اڳواڻ ۽ ٻيا ماڻهو ڪراچيءَ روانا ٿيا، جتي کيس ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪرڻو هو، پر اتي اڳواڻن کي وزيرِ اعلى پاڻ وٽ گھرائي ڳالهيون ڪيون.
    10. جُون 2005ع ۾، ڪراچيءَ ۾ وزيرِ اعلى ارباب غلام رحيم وٽ قنبر ۽ شهدادڪوٽ جي بااثر شخصيتن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ضلعي جو نالو ”قنبر-شهدادڪوٽ ايٽ قنبر“ مقرر ڪيو ويو، جنهن سان ان سڄي معاملي جي پڄاڻي ٿي. سنڌ جي روينيو کاتي نئين نالي جو ترميمي نوٽيفيڪيشن نمبر 8/41/2005 Rev-I (IV) 616 تاريخ 5 جولاءِ 2005ع تي جاري ڪيو.
    قنبر ضلعو بچايو جدوجهد ڪاميٽي پاران چئني شهيدن جي ياد ۾ هڪ خوبصورت وال ڪئلينڊر 2005ع جو ڇپايو ويو ۽ سندن پهرين ورسي 24 ڊسمبر 2005ع تي، ڇنڇر ڏينهن، شهداء چوڪ تي ملهائي وئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اڳوڻو تعلقو ۽ هاڻوڪو ضلع قنبر سنڌ جي تاريخ ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿو ۔۔۔ هن شهر مان ڪئي سهڻا ۽ ڏاها انسان پئدا ٿيا جن سنڌ جي سياست ۽ رياست ۾ پر اثر ڪردار ادا ڪيو آهي ۔۔۔ پريان چانڊين جي ديهه ۽ کيرٿر جبل جا سهڻا نظارا، اتر طرف شهدادڪوٽ ۽ اتر اوڀر طرف ميروخان ۽ اوڀر کان لاڙڪاڻي جهڙو تاريخي شهر۔ مطلب ته قنبر خوشحالي ۽ ڏاهپ جي ڍنڍ جي وچ ۾ ڪنول جي گل جيئان تري پيو ۔۔۔

    لک قرب ۔۔۔ قنبر جي سياسي ڊائري ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔ ٽئي قسطون پڙهڻ جهڙيون آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو