Sindhi Media
سينيئر رڪن
ڪي ٽي اين سنڌ جي پهرئين سئٽيلائيٽ چئنل تي ماما لالُوءَ جهڙي بهترين ڪاميڊي سيريل جي تخليق ڪار، اداڪار ۽ ڊراما ڊائريڪٽر مُنور سومرو کي ٽيون ڏينهن بروز سومر 30 جولاءِ تي دل جو دئورو پيو جنهنڪري کيس هڪدم ڪارڊيو ويسڪيولر هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو ۽ ڊاڪٽرن ٻئي ڏينهن تي اينجيوگرافيءَ جي تجويز ڏني. سنڌ جي مڙني سورمين، سُورمن ۽ فنڪارن ۽ فنڪارن سان مُحبت رکندڙن کي اها خبر ڏيندي کائُن دُعا جي اپيل ٿي ڪجي ته هن رمضان ڀلاري جي مهني ۾ پنهنجن رو
زن، عبادتن، نمازن سان الله جل شانهُ جي در تي ٻاڏائي مُنور سومري لاءِ دُعائي صحت گهُري وڃي جيئن هُو به توهان ۽ اسان وانگر نه صرف هن ڀلاري ۽ با برڪت مهني ۾ عبادت ڪري پنهنجا ڏٺل، غير ڏٺل گُناه بخشائي سگهي ۽ توهان ۽ اسان وانگر راتيون جاڳي الله جي عبادت ڪري روزا، نمازون ۽ زڪوات پنهنجي هٿن سان ڏئي، عيد جوي فطري جي ادائگي ڪري سڀني دوستن عزيزن، مٽن مائٽن سان عيد جون خوشيون ملهائي سگهي.
سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جا تمام رجسٽر ميمبر، سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ ۽ ساليوُوڊ پروڊڪشن پبليڪيشن، ريسرچ سينٽر نيوسعيدآباد جي انتظاميا ۽ ٿنڪ ٽيم هن فنڪار جي صحت يابيءَ لاِ هر وقت الله جل شانهُ جي در تي سر سُجود آهي ۽ توهان به دُعا لاءِ هٿ کڻي ٻاڏايو ته مُنور سومرو کلندو ڪُڏندو هميشه جيان اسان سان گڏ صحت سان موٽي. آمين ثم آمين يا رب العالمين.
