Sindhi Media
سينيئر رڪن
سنڌيڪاري ۽ تحقيق : انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ
گُذارش : جي هنن مضمونن ۾ اوهانجي ناليج ۾ اضافو ٿيو هُجي ۽ چاهيو ٿا ته اهڙا جديد ٽيڪنيڪل اشوز پنهنجي زبان ۾ اڳيان آڻجن ته پنهنجا ڪامينٽس ڏيڻ نه وساريندا. توهانجا ڏنل ڪامينٽس اسان ۾ همٿ افزائي ۽ اڳتي هلي ٻين جديد سبجيڪٽن تي سنڌيڪاري ۽ تحقيق ڪري اڳيان پيش ڪرڻ تي مجبور ڪندا. پر توهانجي خاموشيءَ مان سمجهبو ته شايد اسانجي هيءَ سنڌ سُڌار علمي ڪاوش سنڌي قوم لاءِ بلڪل فضول ۽ بيڪار محنت ڪرڻ جيان آهي. هڪ علم دوست سنڌيت رکيڻ ۽ هئڻ جو ثبوت ڏيو (مهرباني)
جي توهان معمولي ڪمپيوٽر جي ڄاڻ رکو ٿا ته توهانجي توجه گهرجي !
اُنهن ڪمپيوٽرس (هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر) سان دلچسپي رکندڙ شاگردن لاءِ بطور خاص اسانجو تُحفو ۽ اُنهيءَ ٽهيءَ لاءِ به جيڪا هيڪنگ ۽ ڪريڪنگ فرق سان سمجهڻ چاهي ٿي. (ايجيوڪيٽ سنڌ، موالي ڀڄايو سنڌ بچايو) سکو ، سمجهو پاڻ به پڙهو، ٻين کي به پڙهايو ۽ سنڌي قوم جو هي نئون ۽ اڄ جو ڪاپي ڊسڪو ۽ بگڙيل نسل جيڪو ترقي سمجهي موالي ڪلچر ڏانهن تيزيءَ سان رغبت رکي ڊوڙي ٿو. انهن کي بچايو. قوم بچايو.
ويب سائيٽ هيڪر يا ڪريڪر ڇا ۽ ڪيئن هيڪنگ يا ڪريڪنگ ڪندا آهن سبق پهريون
هيڪرن ۽ ڪريڪرن جا گهڻائي قسم آهن. هيڪنگ حقيقت ۾ ڪو ڪوڌو ڪم ڪونهين پر اها سافٽ ويئر جي ڄاڻ جي ناليج جو فن آهي ها البته ڪريڪنگ بُڇڙو ڪم آهي جنهن سان توهان ڪنهن پروگرام جي سافٽ ويئر جو خانو خراب ڪندا آهيو۔ هيڪنگ ڪرڻ سان توهان ڪنهن به سافٽ ويئر ۾ موجود خامين کي پنهنجي مهارت سان ڪڍي پروگرامر کي در اصل ان جي پروگرام جي ڪوتاهين بابت ٻُڌايو ٿا۔ بحرحال اهو علم آهي ۽ ڪنهن به علم جو غلط طريقي سان استعمال ڪرڻ اخلاقي، سماجي، مذهبي ۽ قانوني جُرم اهي۔ مان هيڪنگ تي اڳتي هلي توهان کي انهن جي مُختلف برانچن ۽ انهن جي ڪمن ۽ ڪرڻ جي طريقن ۽ مقصدن سان ٻُڌائندو هلندُس ۽ توهان کي به هڪ ننڍو وڏو هيڪر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندس ڇو جو اهو علم آهي يعني سافٽ ويئر پروگرامنگ آهي جيڪو ڪمپيوٽر جي ڄاڻ واري لاءِ لازمي آهي۔ توهان کي هيڪنگ کان بچاءَ جا نسخا به ڏيندُس پر صبر سان، پهرئين توهان کي سيکاريندُس ته در حقيقت هيڪنگ يا ڪريڪنگ آهي ڇا۔
اڄ مان جيڪو پهريون قلم کنيو آهي اهو شروع ۽ بُنياد کي ڇڏي وچ مان سمجاڻي ڏيندو هلان ٿو ڇو جو اهو هر ڪمپيوٽر واري لاءِ سمجهڻ ضروري آهي باقي جيڪو سمجهائيندُس يا تجربا ڪرائيندُس ان جو تعلق علم پرائڻ وارن سان آهي۔ ته سائين مُهنجو اڄ جو عُنوان آهي
ويب سائيٽ هيڪر يا ڪريڪر ڇا ۽ ڪيئن ٿو ڪري
هيڪر يا ڪريڪر عام طرح سان ويب سائٽن سان ٻن طريقن سان جُٺيون ٿا ڪن۔ پهرئين ته هو ويب سائيٽ تي پنهنجا اشتهار لڳائي ٿا ڇڏين ۽ پوءِ ويب سائيٽن جي ڀيرو ڀريندڙن(وزيٽرن( کي موڙي ( ڊائريڪٽ ڪري) پاڻ وٽ يعني پنهنجي سائيٽن تي گهلي يا ڇڪي يا توجهه ڏياري وٺي وڃن ٿا۔ گهڻئي دفعا ته پنهنجن اشتهارن ۾ يا پنهنجي طرف موڙڻ وارين ويب سائيٽن ۾ جنهن ۾ هڪ اهڙو ڪوڊ لڳائيندا آهن جو جيئن ئي ڪو ڪمزور ڪمپيوٽر جوڄاڻو چٽ پٽيون شيون يان تصويرون يا خبرون ڏسي هرکجي ٿو وڃي اهو سڌو سئون انهن جو شڪار ٿيو پوي۔ جيئن ئي هو سند ويب سائٽ کولي ٿو ته پاڻ سان گڏ پنهنجي ڪمپيوٽر کي به هُن جي قبضي ۾ ڏيو ڇڏي ۽ اهو ڪوڊ جنهن کي وائرس چئون سندس دماغ جا اسڪرو ته ڍلا ڪري ئي ٿو پر سندس ڪمپيوٽر ۾ به گهُسي ان کي به نقصان ٿو پُهچائي۔ ۽ پوءِ اهو ياري دوستيءَ وارو سلسلو هلندو رهي ٿو ۽ اُن سان گڏ ٻيا ڪوڊ يعني وائرس (مٽ مائٽ) به ان غريب جي دماغ سان گڏ هُن جي ڪمپيوٽر ۾ جڳهه ٺاهي ويهي رهن ٿا۔۽ پوءِ هو توهانجي ذهن سان گڏ توهانجي ڪمپيوٽر تي رسائي ڪري اُن کي مُسلسل نقصان پُهچائي ٿو ڇڏي، هڪ طرف توهان اخلاق کان پُستيءَ طرف ته ٻي طرف توهانجو ڪمپيوٽر به بهتر کان بدتر ٿيندو وڌندو وڃي ٿو ۽ پوءِ هو وڏيرن وارو ڪم ڪري ٿو يعني جيئن وڏيرو توهان کي سگريٽ، سُلفيءَ، مُفت جي چانهه تي هرائي، پوءِ ڀنگ، چرس، ٺرو ۽ آخر ۾ هيروئن ۾ پنهنجو خرچ ڪري ڦاسائي ٿو ته توهان سست ڪاهل ٿي ڪم کان انڪار ۽ گهر ٻار کپائي اُهي پئسا وڏيري جي اوطاقن ، سندن شادين مُرادين، ماءُ ، ڌيئرن، زالن جي زيورن، کي کپائي، مائٽن جي جائداد ، ٻني، گھر ۾ وڏيري وٽ گروي رکي خرچ ڪري تباهه ٿا ڪريو ته ڪمپيوٽر به ساڳئي طرح سان توهان وانگر سسُست ڪاهل، ڪم چور ۽ وڏيرن جي پُڇ(مسترين) ور چڙهي وڃي ٿو۔
هيڪنگ جا حملا عمومن ٽن قسمن جا ٿين ٿا
1، هوسٽنگ يا ايف پي ٽي جو يوزر نيم جيڪي توهان جو پاسورڊ يا ٻيوم معلومات توهان کان حاصل ڪن ٿا۔ جيڪي گهڻي ڀاڱي ”ڪي لوگر“ وغيره جي مدد سان ڪريڪر ڪندا رهندا آهن۔ ۽ پوءِ اُنهن تي توهان جي ويب سائٽن يا اي ميل يا ٻئي ڪنهن مواد جا دروازا کُلي پون ٿا جتان هو پنهنجي من ماني هلائين ٿا۔ ۽ توهان جي ديتا ۾ پنهنجي مرضيءَ جي تبديلي ڪن ٿا۔
2۔ ٻيو طريقو آهي لوڪل ڪمپيوٽرن ۾ ۽ ان ۾ موجود فائلن ۾ ڪوڊ (وائرس) کي شامل ڪرڻ جو۔ جنهن جو فائل اپلوڊ ٿيڻ سان سندن منشا جا سڀئي ڪم پنهنجو پاڻ ٿيو وڃن۔ اهڙا ڪم اڪثر مفت سافٽويئر جي لالچ ڏئي، سافٽويئر جا ڪريڪر يا سافٽ ويئر جي لالچ ڏئي ڪيا وڃن ٿا۔ يا ڪنهن خراب ڇوڪريءَ جي اُهاڙي تصوير ڏئي يا وڊيو ڏيکاري ڪئي وڃي ٿي۔
3۔ ٽيون طريقو آهي چور رستن تان هوسٽنگ يا توهانجي فائلن تائين پوهچ حاصل ڪرڻ۔ جيڪي عام طور جڏنهن فائلون لوڪل ڪمپيوٽر مان هوسٽنگ ڏانهن مُنتقل ٿي رهيون هونديون آهن تڏنهن ڪمزور صورتحال ۽ کُلو ميدان ڏسي يا کُلي رپورٽ وغيره ڏسي اُهي اند گهُسڙجي وينديون آهن ۽ انهن سان مليل جُليل ڪم ئي اصل ۾ هيڪنگ سڏبا آهن۔
وڌيڪ جڏنهن گوگل يا ٻي ڪنهن سرچ انجڻ ۾ ”هيڊر انجيڪشن اٽيڪ“ يا ”ايس ڪيو ايل انجيڪشن اٽيڪ“ يا وري ”ڪراس سائيڊ اسڪرپٽ اٽيڪ“ وغيره لکي تلاش ڪريو ته ان بابت تمام تفصيلي خبرون ملي سگهن ٿيون۔

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: