جڏنهن توهان ويب هوسٽنگ ڪريو ٿا ته اُن تي ڪُجهه به ڪرڻ کان پهرئين اُن جو بيڪ اپ ضرو ٺاهي رکو ته جيئن سسٽم ۽ ڪنفگريشن فائلون پنهنجي اصلي حالت ۾ آڻي سگهجن ۽ توهان وٽ ان ڪم لاءِ موجود هُجن ۽ جي ڪي فائلون خراب به ٿي پيون ته ڪاپي ٿي صحيح ڪري سگهبيون۔ ويب سائيٽ هي هر وڏي اپ ڊيٽ کان پوءِ بيڪ اپ وٺڻ لازمي آهي۔ جيڪڏنهن ويب سائٽ وائرس يا مالويئر سان مُتاثر ٿي وئي آهي ته پوءِ ويب سائيٽ کي وائرس کان صاف ڪرڻ گهُرجي ۽ صاف ڪرڻ کان پهريائين به مُتاثره فائلن يا ڊيٽا بيس جي بيڪ اپ کي جانچڻو ضروري آهي ته جيئن خرابي هٽائي سگهجي ۽ پوءِ گوگل ويب ماسٽ ٽول يا سوڪوري سيڪيورٽي، ويب ماسٽر ٽول جي مدد سان سندس پاڙون ڳولڻ جي ڪوشش ڪريو ته جيئن ڪنهن صورت ۾ کيس گهڻو نقصان نه پُهچي۔ متان اُن ۾ ڪو وائرس يا ڪي لوگر ته ڪونهين، جي هُجي ته پهرين لوڪل مشينن کي وائرس کان آجو ڪريو۔ هيڪر طرفان شامل ٿيندڙ فائلن جي ڳولا جڏنهن هيڪر پنهنجي مرضيءَ جان فائلون شامل ڪري ڇڏيندو آهي ته پوءِ هو مرصيءَ جو مالڪ اهي ته توهانجي ڪمپيوٽر جو ڪهڙو بُڇڙو حال ڪري۔ عام طرح سان هيڪر اهي فائلون خُفيا طريقن سان رکي ڇڏيندا آهن۔ ياد ڪريو ته لنڪ سرور تي هڊن فائلون (۔) سان شروع ٿينديون اهن۔ htaccess. فائل اپاچي ۽ اڪثر گهڻن ئي سرور ڊائريڪترس کي ڪنترول ڪرڻ لاءِ هڊن فائل htaccess. کي استعمال ڪندا آهن۔ هوسٽنگ جي روٽ ۽ ٻين ڊائريڪترس ۾ جتي به اهي فائلون موجود آهن انهن کي جانچيو هيڪر گهڻائي دفعا هن فائلن کي تبديل ڪري ڪنٽرول حاصل ٿو ڪري ۽ عام طرح سان ان سان ئي ري دائريڪٽ ڪندو ٿو وتي۔ جيڪڏنهن هن فائل ۾ ٻي ڪنهن فائل جي ايڊريس يا ڪا آءِ پي يا ڪو ڪوڊ اوهان جي مرضيءِ سان نه هُجي ته اُن کي تبديل ڪري ڇڏيو۔
سي۔ايم۔ايس يا ڪانٽينٽ مئنيجمينٽ سسٽم اڄ ڪلهه جي وقت ۾ هڪ مُفت جو سي۔اي۔ايس (ڪنٽيڪٽ مئنيجمينٽ سسٽم) شايد ويب سائٽون ٺاهڻ ايترو ڏُکيو ڪم ڪونهين جيترو سندس وائرس کان بچاءُ ۽ ٻي چوڪيداري۔ اڪثر دوست چند ڪلڪن سان ويب سائيٽ ته ٺاهي وٺندا آهن پر ان جي حفاظتي پاسن تي توجه نٿا رکن۔ وقت سان گڏوگڏ جيئن ئي ويب سائٽون ٺهڻ مشهور ٿي ويون تيئن تيئن ان لاءِ هيڪنگ ۽ ٻيا سيڪيورٽي مسئلا به وڌڻ لڳا۔ هن وقت دُنيا ۾ گوگل سڀ کان وڌيڪ مشهور سرچ انجڻ آهي ان ڪري ويب سائيٽ ٺاهڻ کان پوءِ گوگل سان دوستيءَ جا رستا وڌايو گوگل ويب سائيٽن جي مالڪن کي الاهي کوڙ مفت ۾ سهولتون به فرهام ٿو ڪري جيئن گوگل انالائٽڪس ۽ گوگل ويب ماسٽر ٽول وغيره وغيره ۔ گوگل انالائيٽڪس جي ذريعي ويب سائيٽ تي ماڻهن جي ڀيرو ڀرڻ جو تفصيل سان جائزو وٺي سگهجي ٿو ۽ گوگل ويب ماستر ٽول جي مدد سان ڪنهن به ويب سائيٽ جي سرچ انجڻ جي حوالي سان سار سنڀال ڪري سگهجي ٿي جيڪڏنهن ويب سائيٽ تي ڪو وائرس حملو به ڪري ٿو ته هي ٽول هن جي سار سنڀال لهڻ لاءِ آگاهي ڏيڻ سان گڏ اڪثر مسئلن جا حل به ٻُڌائي ٿو ۽ جي ويب سائيٽ وائرس سان مُتاثر ٿيل هوجي ته ۽ گوگل ان کي بليڪ لسٽ ڪري ڇڏيو هُجي ته ته ويب سائيٽ کي وائرس کان صاف ڪرڻ کان پوءِ ماسٽر ٽول جي ذريعي ئي گوگل کي درخواست موڪلي سگهجي ٿي ته بليڪ لسٽ سائيٽ کي وائيٽ لسٽ سائيٽ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو۔ ويب سائيٽ ٺاهڻ کان پوءِ پهريون ڪم اهو ڪريو ته گوگل جي مٿي ٻُڌايل ٻنهين سهولتن کي پنهنجي ويب سائيٽ جي حفاظت تي مامور ڪرائي ڇڏيو۔ ائين ڪرڻ سان ويب سائيٽ جي ٽريفڪ جي به خبر پوندي رهندي ۽ مسئلن کان به آگاهي ملندي رهندي۔ حالانڪه ويب ماسٽر ٽول وائرس جي حملي جي آگاهي ڪري ٿو پر اڃان وڌيڪ خرابين جي معلومات لاءِ ۽ ويب سائيٽ جي گهٽتائي وڌائيءَ لاءِ جنهن جي ڪري وائرس حملو پيو ڪري ان بابت ڄاڻڻ لاءِ ويب سائيٽ ڊفينڊر جهڙي مُفت سروس مان به فائدو وٺي سگهجي ٿو اهي سهولتون توهان کي وائرس جي حملي ٿيڻ کان پهرئين نساندگي ڪري ٿيون ڇڏين ته فلاڻي ڪوڊ يا فلاڻي فائل ۾ فلاڻو پرابلم اهي جنهن خال جي ڪري وائرس توهانجي ويب سائيٽ تي حملو ڪري سگهي ٿو ۔ ويب سائيٽ ڊفينڊر جي مدد سان ويب سائيٽ کي چيڪ ڪري انهن خرابين کي هٽائي سگهجي ٿو ۔ جي ويب سائيٽ ورڊ پريس سي۔ ايم۔ ايس سان ٺاهي وئي اهي ته پوءِ ويب سائٽ ڊفينڊر وارن جو ڊبليو پي سيڪيورٽي اسڪين پلگ زبردست ڪم ڪندو۔ ان کان علاوه وقت سان گڏوگڏ سوڪوري سيڪيورٽي جهڙي سروس سان به ويب سائيٽ کي اسڪين ڪري سگهجي ٿو۔ ويب سائيٽ وائرسن کي اسڪين ڪرڻ جي ڪي لنڪ McAfee SiteAdvisor Norton Safe Web AVG Online Web Page Scanner ScanURL.net Virus Total Scanner
سائين جس هجي توهان کي جو اهڙي ڄاڻ کان ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽي سان لاڳاپيل ماڻهن کي آگاه ڪري رهيا آهيو. يقينن بهترين سلسلو آهي اميد ته جاري ۽ ساري رهندو هن محبتي اڱڻ تي.