ايٿيڪل (اخلاقي) هيڪنگ (بُنيادي مقصدن سان) سبق ٽيون

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هاڻ اچو ته پاڻ سکون ۽ سمجهون ته آخرهيڪنگ آهي ڇا.
    ايٿيڪل (اخلاقي) هيڪنگ (بُنيادي مقصدن سان)
    هيڪنگ
    1. هڪ اهڙو فن جيڪو سيڪيورٽيءَ جي گهڻن ئي سرحدن کي پار ڪري ٿو.
    2. دُنيا ۾ ڪمپيوٽر هيڪر گهڻن ئي سالن کان ڦرن پيا جيئن ئي انٽرنيٽ پوري دُنيا ۾ ڦهلجي وئي اسان هيڪرن بابت گهڻي ۾ گهڻو ٻُڌندا وڃون. پر فقط ڪي چند هيڪر آهن جيڪي نالي وارا ٿيا آهن. جهڙوڪ ڪيلون مٽنڪ گهڻومشهور آهي.
    3. اڇن ۽ ڪارن ماڻهن جي دُنيا ۾ ته اهو تمام سولو آهي ته ڪنهن به قسم جي هيڪرن کي آسانيءَ سان بيان ڪري سگهجي، قسم وارن هيڪرن ۾ ته اينٽي سوشل (غير سماجي)، پمپل فيس ٽين ايج بُواءِ (پچڪيل صورت وارو نئين نسل جو ڇورو) جهڙا هيڪر سُڇاتا وڃن ٿا پر توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته صرف اهڙن قسمن جي هيڪرن جي ڀرمار ڪانهين، هن جديد ڊجيٽل دُنيا ۾ ته هاڻ کوڙ قسمن جا هيڪر ٿي پيا آهن.
    4. هيڪر انسان آهن ائين ئي جيئن اسان ۽ ٻيا آهن يعني هڪ عام قسم جا فرد، اُن ڪري کين ڪو مخصوص قسم جو پروفائل نٿو ڏئي سگهجي. هن جا تمام پکيڙيل ۽ بهترين وصف اها ٿي سگهي ٿي ته سڀئي هيڪر هڪ جهڙا يا برابر حيثيتن جا هرگز ڪونه هوندا آهن. هر هيڪر جي ڪم ڪرڻ جو پنهنجو مقصد، طريقو ۽ قابليت آهي، پر هڪ عام اصول آهي جيڪو توهانکي کين سمجهڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. سڀئي هيڪر هرگز سماج دُشمن (اينٽي سوشل) پمپل فيس ٽين ايجرس ڪونه هوندا آهن، پر اُن جي مُقابلي ۾ هيڪرس اُنهن کي چئجي ٿو جيڪي نين نين شين کي سکڻ جو جُنون رکن ٿا، بهادر آهن اڳتي وڌي ايڪسٽرا آرڊنري ڪم ڪرڻ جا، ۽ هو هميشه تيز ذهنن وارا هوندا اهن.
    هيڪر
    1. هيڪرهڪ اهڙو لفظ آهي جنهنجون ٻه معنائون هونديون آهن.
    2. پيشوارنا طور تي هيڪر اُهو آهي جيڪو جيڪو ڪنهن سافٽ ويئر يا اليڪٽرانڪ سسٽم سان کيڏڻ پسند ڪري ٿو. هيڪر مزو وٺي کولي ڏسڻ ۽ سکڻ چاهي ٿو ته ڪمپيوٽر سسٽم ڪيئن ٿو ڪم ڪري. هيڪرن کي وڻندو آهي ته هو نوان نوان طريقا ڳولي اليڪٽرانڪلي کيڏن.
    3. پر هن دئور ۾ هيڪرن ، هيڪنگ جي نئين معنيٰ ورتي آهي يعني ڪي غلط قسم جا ڇورا سسٽم کي ٽوڙڻ لڳندا آهن ته جيئن ڪو ذاتي فائدو حاصل ڪري سگهجي. فني طرح سان انهن مُجرم ذهنيتن کي هيڪر نه پر ڪريڪر چئبو آهي ڪرمنل هيڪرس سڏبا آهن. ڪريڪرس مُفادن لاءِ سسٽمن کي ٽوريندا آهن جنهن ۾ سند نيت بد هوندي آهي.
    4. هي اهو صرف ۽ صرف ذاتي فائدن لاءِ ڪندا آهن. اهي ڪنهن جي ٺهيل سسٽم کي تبديل ڪندا آهن يا ڪٽي ڇڏيندا آهن يا وري ان مان ڪا اهم معلومات معلومات ڪڍي سسٽم کي تباهه و برباد ڪري ڇڏيندا آهن. مطلب ته هو ذهني بيمار هوندا آهن ۽ ماڻهن جي زندگين کي به ڪڙو ڪري ڇڏيندا آهن.
    5. هيڪنگ ڪرڻ جون الاهي گهڻيون معنائون ٿين ٿيون پر اُهو دارومدار رکن ٿيون هيڪر جي ناليج ۽ هُن جي ذهني اختراج تي. هيڪنگ هڪ فن سان گڏ هڪ قابليت به آهي. هيڪنگ هڪ اهڙي معلومات آهي جنهن سان ڪنهن ڪم جي گول کي حاصل ڪري سگهبو آهي ۽ اهو ڪنهن به طرح سان پنهنجي قابليت ۽ پاور کي استعمال ڪري حاصل ڪرڻ جو فن آهي.
    6. اڪثر ماڻهون سمجهن ٿا ته هيڪنگ جو مطلب آهي قانون جون ڀڃڪڙيون! تنهنڪري اُهي هر اُن شخص کي جيڪو هيڪنگ ٿو ڪري ڪرمنل مائينڊ تصور ٿو ڪري. اسان کي اعتراف آهي ته ضرور ڪي اهڙا هيڪر آهن جيڪي اهڙا ٽيڪنڪ استعمال ڪن ٿا جنهن سان قانون جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، پر هيڪنگ هرگز هرگز ان مقصد لاءِ ڪانه هوندي آهي. درحقيقت هيڪنگ ان کان به گهڻائي
    قدم اڳتي وڌي قانون جي مدد ڪري ٿي ۽ حدن اندر رهي ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏي ٿي.
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    تمام سٺو مضمون آ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو