هيڪر بمُقابلا ڪريڪر سبق چوٿون

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق چوٿون
    هيڪر بمُقابلا ڪريڪر
    هيڪر ۽ ڪريڪر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    1. توهانکي نيٽ تي ان سوال جي جواب ۾ الاهي کوڙ لکيل آرٽيڪل ملي ويندا هوندا جنهن ۾ پبلڪ جو هيڪنگ خلاف مس ڪنسيپٽ دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هوندي. ميڊيا گهڻن ۾ گهڻن سالن تائين لفظ هيڪر استعمال ٿيندو آيو اهي جڏنهن ته حقيقت ۾ اهو لفظ ڪريڪر هُئڻ گهُرجي ها ۽ اُهي هيڪر نه پر ڪريڪر آهن. ميڊيا جي انهن غلط فهمين کي پکيڙڻ جي ڪري هيڪر لفظ تمام گهڻو بدنام ٿي چُڪو اهي اهوئي سبب آهي جو پبلڪ سمجهي ٿي ته هيڪر معنيٰ ڪمپيوٽر جي سسٽم جو قانون ٽوڙڻ وارو ۽ اُهو جيڪو ڪمپيوٽر مان ڪانفيڊينشل ڊيٽا کي چورائي ٿو. اهو ڪنسيپٽ بلڪل غير سچائيءَ تي ٻڌل ۽ غلط آهي ۽ اسان جي ٽيلينٽيڊ هيڪر جي ان سوچ سان پريچار ڪرڻ بيعزتي ۽ زيادتي آهي.
    الاهي ٽُٻڪا آهن جيڪي هيڪر ۽ ڪريڪر جي تفاوت کي کولي واضح ڪندا.
    2. هيڪر جي ڊيفينيشن . هيڪر هڪ اهو ٽيلنٽ آهي جيڪو ڪنهن به ڪمپيوٽر جي آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪرڻ ۾ دلچسپي چاهي ٿو. اڪثر هيڪر ڪمپيوٽر جا پروگرامر ئي آهن. هيڪر ڪمپيوٽر جي آپريٽنگ سسٽم ۽ پروگرامنگ لينگئيج جي ايڊوانس ناليج حاصل ڪري ٿو تنهنڪري هو ان سسٽم جي الاهي سيڪيرٽي خالن کان ۽ انهن خالن جي هوئڻ جي سببن کان واقف ٿي سگهي ٿو، هيڪر اُن سسٽم جي پوري ۽ مُسلسل ناليج حاصل ڪندو رهي ٿو ۽ ٻين سان شيئر ڪري ٿو ته هُن ڪهڙي سسٽم جي ڪمزور پوانٽ يا ان ۾ ڇڏيل غلطي پڪڙي ورتي آهي ان هوندي به هيڪر ڪڏنهن به نه ته ان جي ڊيٽا چورائيندو ۽ نه ئي ان سسٽم کي تباهه ڪندو.
    3. ڪريڪر جي ڊيفينيشن . ڪريڪر اهو بد دماغ انسان آهي جيڪو غلط ذهني ڪيفيتن جي ڪري ذهني طور اپاهج ۽ مفلوج هوندو آهي ۽ ٻين جي سسٽمن کي تباهه ڪرڻ جو ارادو رکندو آهي. هو سسٽمن تي ناجائز پُهچ رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ اُن تي رکيل امپارٽينٽ ڊيٽا کي تباهه ڪندو آهي، ۽ سرور جيڪي سسٽم کي سهولتون ڏنيون هونديون ان کي بند ڪري يا مٽائي ڇڏيندو آهي يا بُنيادي طرح هو پنهنجي ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ختم ڪندو آهي. ڪريڪر پنهنجي انهن غلط روين ۽ ايڪشنن سان تمام آسانيءَ سان سُڃاڻي ۽ ڳولي لهي سگهجن ٿا.
    4. پر ڪهڙو به کڻي سبب هُجي اڪثر ماڻهو هيڪر کي ئي نگيٽو آئوٽ لائين ڏين ٿا گهڻائي گند ذهنيت ۽ خراب ارادن وارا هيڪر اليڪٽرانڪ چور سڏبا آهن ان ساڳيءَ طريقي سان جنهن سان ڪو عام ماڻهون ڪنهنجي شي چورائڻ تي چور، يا ڪو ڌاڙيل ڊاڪو سڏبو آهي. ڪو به شخص ، چاهي ڪهڙي به عمر، جنس، يا مذهب جو حوجي هيڪر ٿي سگهي ٿو فني صلاحيت جي ميدان ۾ هر هيڪر جي قابليت هڪ ٻئي کان گهٽ وڌ ٿي سگهي ٿي، توهان کي حيرت جي ڳالهه ٻُڌايان ته ڪي هيڪر ته بلڪل معمولي ڄاڻ رکندڙ آهن انٽرنيٽ سرف ڪرڻ جي جڏنهن ته ڪي اهڙا ته قابل آهن جو باقاعدي سافٽويئر لکندا آهن جن تي ٻيا هيڪر ڀاڙيندا آهن.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    سائين بهترين ڪم آهي پر سنڌي لکڻ ۾ ڪجھ غلطيون ڪيو ٿا لکڻ کان پوِ چيڪ ضرور ڪيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هيڪر ته ٻڌو هو پر ڪريڪر ان کان به وڏو خطرناڪ نڪتو، اهاڄاڻ به اڄ ئي ملي۔

    لک ٿورا، سهڻي شيئرنگ آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ٽائپوگرافڪ ارر کي ڇڏي باقي غلطين جي نشاندهي ڪريو ته انشا الله تصيح ڪري ڇڏيندُس، هون به مضمون لکڻ يا مُڪمل ڪرڻ کان پو وقت ملندي ئي تصيح ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، ٽائپوگراف ارر عُمر ۽ اکين جي جهور ٿيڻ جي تقاضا آهي، مهرباني ڪري اهڙين غلطين کان آگاهي ڏيندا وڃو ته تصيح ڪندو وڃان، ڪي دوست حوالا نٿا ڏين يا تصيح لا چون ٿا، اُهي مهرباني ڪري حوالا به ڏيندا وڃن ته بهتر ۽ جلد تصيح ٿي سگهي ٿي ڇو جو هي توهانجو ۽ اسانجو پنهنجو سنڌيت جو ڪم آهي۔ جزاڪ الله۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو