اچو ته هاڻ قابليتن جي ڀيٽ تي هيڪرن جي اڀياس ڪريون سبق پنجون

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق پنجون
    هيڪرن جا قسم
    اچو ته هاڻ قابليتن جي ڀيٽ تي هيڪرن جي اڀياس ڪريون.
    هيڪرس جو پهريون قسم (ڪوڊرس)
    1. دراصل ۽ حقيقي هيڪر ته ڪوڊرس ئي آهن اُهي جيڪي ميٿڊس يا طريقن کي ٻيهر جوڙي ٺاهين ٿا (جُڳاڙو) ۽ اهڙا ٽولز (ڪوڊس) ٺاهين ٿا جيڪي مارڪيٽ ۾ به آسانيءَ سان ملي ويندڙ آهن. ڪوڊرس ئي آهن جيڪي ڪنهن سافٽ ويئرس جي خالن يا خامين کي ڳولي لهن ٿا ۽ ان جي جڳهين تي پنهنجا ڪوڊز ٺاهي فٽ ڪن ٿا. اهي ئي ڪوڊرس (هيڪرس) انهن خامين کي اُڇالي هڪ مُڪمل پيچ يا سيڪيوئر سسٽم ٺاهين ٿا.
    2. ڪوڊرس اُهي پروگرامرس آهن جيڪي اها صلاحيت رکن ٿا ته ڪهڙي سافٽ ويئر يا پروگرام ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خاميون، جڳهيون ۽ خام شيون اهن جنهن کي جوڙي هو ٽوڙڻ ڦوڙڻ وارا ڪوڊ جوڙي سگهن ٿا ۽ هي اُهي خاص فرد آهن جيڪي او. ايس. آءِ ليئر ماڊل۽ ٽي.سي.پي ، آءِ.پي اسٽيڪ جي گهري ناليج رکندڙ آهن.
    هيڪرس جو ٻيو قسم(ايڊ من)
    1. ايڊمن اُهي ڪمپيوٽر جا ڇوڪرا آهن جيڪي ڪوڊرس جا ٺهيل ٽول استعمال ڪري سسٽم سان ڇيڙ ڇاڙ ڪن ٿا. اهي پنهنجي ڪا به ٽيڪنڪ ڪو نه ٺاهين پر هو اُهي ٽرڪون ضرور استعمال ڪرڻ جا ماهر آهن جن کي ڪوڊرس ٺاهي مارڪيٽ ڪيو هوندو. اهي عام طرح سان سسٽم ايڊمنسٽريٽر سڏبا آهن يا انهن کي ڪمپيوٽر نيٽ ورڪ ڪنٽرولر به چئبو آهي. اڪثر هيڪر ۽ سيڪيورٽي وارا ماڻهون هن ئي ڪيٽيگيريءَ ۾ اچن ٿا.
    2. ايڊمن کي گهڻن ئي سافٽويئر سسٽم هلائڻ جو تجربو هوندو اهي ۽ انهنن کي تجربو ڪندي خبر پئجي ويندي آهي ته ڪيتريون ڪوتاهيون ڪهڙن ڪهڙن پروگرامن ۾ آهن هڪ ميجارٽي سيڪيورٽي ڪنسلٽنٽس جو گروپ هن ئي ڪيٽيگيريءَ ۾ اچي ٿو ۽ هڪ سيڪيورٽي ٽيم جي حصي طور ڪم ڪري ٿو.
    هيڪرس جو ٽيون قسم (اسڪرپٽ ڪڊيز) يعني (ڊاٽ ڪامس)
    1. ڊاٽ ڪامس ٽيون ۽ تمام گهڻو خطرناڪ ۽ نا تجربيڪار تباهڪار منحوس هيڪرس جو ڪلاس آهي جنهن کي اسڪرپٽ ڪڊيز به چون. اها اُها نئين سون جي چمچن ۾ پيئندڙ بگڙيل ٽهي آهي جيڪا مائٽن لاءِ به عزاب ته جڳ لاءِ به عذاب ۽ اهي ڇتن ڪُتن وانگر اصل ڏينهن رات ڪمپوٽرن تي گهرن توڙي آفيسن توڙي ڪيفي ۽ ڪلبن ۾چنبڙيل هوندي آهي جيڪي مٿي ٻُڌايل هيڪرس جا ٺاهيل ٽولز استعمال ڪنج ٿا ۽ اُهي ڊاڪومينٽس جيڪي نيٽ تي مُفت ۾ ملي وڃن ٿا اُنهن جو استعمال ڪن ٿا اها ڄاڻ يا ناليج رکڻ کان سواءِ ته هنن ٽولن ۽ ڊاڪو مينٽس جي غلط استعمال سان پويان جنهنجي ڪمپيوٽر تي هي ٽول يا ڊاڪومينٽ استعمال ڪيا ويا هوندا انهن سان ڇا سين ٿيو هوندو، ڪهڙي ويڌن ٿي هوندي اهي ته بس ڪچا ۽ تخريبڪار ذهن آهن. اهي ته بس ايترو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته هنن ٽولز استعمالم ڪري ڪيترن جي مٿي ۾ سور وڌو ۽ اهو ٻُڌي خوش ٿي ذهني تسڪين وٺن ٿا. اهي بيوقوف ان سان گڏ پنهنجي خلاف الاهي ثُبوت ۽ ڊجيٽل فنگر پرنٽس به ڇڏيو وڃن. اهو هوندي به ته هي ڇوڪرا ٽين ايجرس هيڪرس آهن جن جي خرابين ۽ ڪرتوتن مُتعلق توهان مِيڊيا تي به ٻُڌندا رهندا هوندئوته اهي تمام معمولي اسڪل (ڄاڻ) رکڻندي به مد مقابل جي ڪمپيوٽرن تي اٽيڪ ڪن ٿا.
    2. ڊاٽ ڪامس يا اسڪرپٽ ڪڊيز اُهي ٻين هيڪرس جا پروگرام ۽ ٽولزاستعمال ڪري پروگمنگ سسٽمس ۽ نيٽ ورڪ تي اٽيڪ ڪرڻ ۾ پاڻ مٽ آهن. اهي گهٽ پبلڪ کان عزت وٺندڙ پر گهڻا چيڙاڪ ۽ خطرناڪ آهن ۽ هو ڪنهن به وقت ڪو وڏو مسئلو کڙو ڪري سگهن ٿا اصل ۾ هي اُهو سمجهن جي ڪوشش ئي نه ڪندا آهن ته اهي اٽيڪ ڪرڻ سان ڇا ڇا ٿيندو هوندو ۽ هو اهو سڀ ڪُجهه آخر ڪن چو پيا.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    بهترين معلومات آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺو معلوماتي ليک آهي۔

    اوهان جي ڪاوشن جي ساراهه ڪجي ٿي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو