• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هيڪرن جا اُهي قسم جيڪي مشغولين جي بُنياد تي سڃاڻجن ٿا سبق ڇهون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سبق ڇهون
هيڪرن جا اُهي قسم جيڪي مشغولين جي بُنياد تي سڃاتا وڃن ٿا
وائيٽ هَيٽ هيڪرس
هي اهو ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرو آهي جيڪو اخلاق هيڪنگ (ايٿيڪل هيڪنگ) ڪري ٿو. هي عمومن سيڪيرٽي پروفيشنل هوندا آهن جن کي هيڪنگ ۽ انهن جي ٽول سيٽ جي ڄاڻ ته هوندي آهي پر هو اها ڄاڻ سيڪيورٽي ليڪيج کي پرکڻ يا جانچڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا ۽ انهيءَ ليڪيج کي ختم ڪرڻ جا اُپاءَ وٺن ٿا. هنن کي ايٿيڪل هيڪر يا پينيٽريشن ٽيسٽر به چئبو اهي انهن جو فوڪس سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي سسٽم جي بچاءَ تي هوندو آهي.
بليڪ هَيٽ هيڪرس
هي اُهي ڪمپيٽر تي ڪم ڪندڙ ڇوڪرا آهن جيڪي غير اخلاقي هيڪنگ ۾ گهُسيل هوندا آهن. هي ڪرمنل هيڪرس آهن ۽ هنن کي ئي ڪريڪرس چئبو آهي. هي پنهنجي قابليت ۽ صلاحيتن کي ڏوهه جهڙن ڪمن ۾ استعمال ڪندا آهن اهي سسٽم ۾ داخل ٿي ان کي ٽوڙيندا آهن يا سسٽم جي رموٽ مشينن جي انٽيگريٽيءَ کي ٽوڙي پورو ڪندا اهن جنهن ۾ سندن ذهني جُرم چُڀڻ جو احساس ٿيندو آهي. هن جو فوڪس سسٽم جي سيڪيورٽي ٽوڙن يا ڊيٽا چورائڻ تي هوندو اهي.
گري هَيٽ هيڪرس
هي اُهي ڪمپيوٽر جا ڇوڪرا آهن جيڪي ڪڏنهن ته ليگلي ۽ سُٺي خواهشن ۽ سوچن سان هيڪنگ ٿا ڪن پر هي پنهنجي هيڪنگ ۽ سيکت دوران دوران ئي ڪڏنهن ڪڏنهن ڪرائيم ڪري به وٺن ٿا اهي وائيٽ هيٽ هيڪرس ۽ بليڪ هيٽ هيڪرس جا وچوٽا اهن يعني سُٺا به ته خراب به۔
 
هيڪنگ بابت سٺو ۽ معلوماتي ليک آهي۔

مهربانيون ميمڻ صاحب، اوهان اهم اشوز بابت آگاهه ڪندا رهو ٿا
 
Back
Top