ڪاڪو آچار پنهنجي دور جو وڏو ڏاهو ۽ عاقل ماڻهو هو۔۔۔۔ هڪ ڀيري سندس دوست ولوءَ جو پٽ ڀڄندو آيو.. ڪاڪو آچار! ڇورا ڏي خبر لُنڊي بلا ڏٺي اٿئي ڇا جو ايئڻ ٽِپ ڏيندو پيو اچين۔۔ نينگر ! چاچا نه پڇ بس خير نه آهي۔۔۔ ڪاڪو آچار! اڙي ڇورا هاڻي ڦاٽ به کڻي۔۔۔ نينگر! چاچا هو اسان وري ڇيلو خبر اٿئي ڪيڏو نه حرڪتي آهي، هاڻي اڄ مَٽَ مان پاڻي پيئڻ جي پي ڪيائين منهن ڦاسائي ويٺو آهي، ڏس ڇا ڪيون چاچا۔۔؟ ڪاڪو آچار ! چڱو چڱو هاڻي موٽ کاءُ آئون اجهو اچان ٿو.. سائين ڪاڪو آچار وڏي نموني تيار ٿيو، ڇو نه ٿئي ڀلا.. ڳوٺ جو چڱو مڙس جو هو.. دير ئي نه ڪيائين ٻه ٻرانگهون ورائي وڃي پهتو ولوءَ جي اوطاق تي.. ڏسي ته ولو تسبيح کنيو بيٺو آهي... ٻڪرُن ٻڪرُن جي هڻ هڻان لڳي پئي اٿس.. ٻيا اٺ ڏهه ماڻهو منهن بلڙو ڪري ويٺا آهن.. ولو ڪاڪي آچار کي اصل پانجن مان وٺي چنبڙي پيو.. اڙي ڪاڪا آچار.. هي ٻَڪر منهنجو ولايتي ٻڪر آهي.. ڪاڪو! بس هاڻي ٺهيو.. مائي وانگر واڪا نه ڪر... هيئنر ئي ٿو توکي ٻڪر ورائي ڏيان.. ولو! ڪاڪا ڪو اهڙو نمونو ڪر جو مون وارو مٽ به نه ڀڃين. بابَي وڏي جي نشاني آهي..... ڪاڪو ٰ! بس نه ڳالهه به اها نه اجهو توکي مَٽ ورائي ٿو ڏيان، ٺيڪ آهي... ڪاڪي آچار حالات جو جائزو وٺڻ بعد ولوءَ جي ڇورَي کي چيو ڇورا وڃ ڪارائي کڻي آ... سَلوءَ دير ئي نه ڪئي ڪارائي سابه ٽي فوٽي کڻي آيو... ڪاڪو آچار سائين وڏو عاقل ماڻهو، ڪير اڳيان ڪُڇيس.. دير ئي نه ڪيائين ٻَڪر کي ڪنڌ وٽان ڪارائي هڻي مُنڍي الڳ ڪري ڇڏيائينس... ولوءَ جا پِتا سڙي ويا... پر ڪري به ڇا ڪري.. پنهنجو گهرايل حڪيم هئو، .. ٻين همراهن ڪاڪي آچار کي چيو... ڪاڪا هي ڇا ڪيئي، مُرڳو ئي ٻَڪَر کي ڪُهي ڇڏيئي... ڪاڪو...ادا وَلو پاڻ ئي ته چيو ڪاڪا مون کي مَٽ بچائي ڏي... مَٽ ته بچي ويو.. همراهن چيس! چاچا مٽِ به ڪِهڙي ڪم جو، ٻَڪَر جي منڍي اندر اٿس، هاڻي هن ۾ پاڻي ته ڪونه پيبو نه... ڪاڪو سوچ ۾ پئجي ويو.. هائو ٻيلي اهڙو مَٽ ڪهڙي ڪم جو... سو دير ئي نه ڪيائين هڻين سِرَ مَٽ کي ڏهه ٽُڪر ڪري ڇڏيائين... ڪاڪي هٿ ڇنڊيندي چيو ان کي چئبو آهي نه asul matt مان نه هجان ته ڇورا توهان جا الائي جي ڪهڙا حال هُجن.. khil sahi