ڪاڪي آچار جا ڪارناما۔۔۔ پارٽ ون

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪاڪو آچار پنهنجي دور جو وڏو ڏاهو ۽ عاقل ماڻهو هو۔۔۔۔
    هڪ ڀيري سندس دوست ولوءَ جو پٽ ڀڄندو آيو..
    ڪاڪو آچار! ڇورا ڏي خبر لُنڊي بلا ڏٺي اٿئي ڇا جو ايئڻ ٽِپ ڏيندو پيو اچين۔۔
    نينگر ! چاچا نه پڇ بس خير نه آهي۔۔۔
    ڪاڪو آچار! اڙي ڇورا هاڻي ڦاٽ به کڻي۔۔۔
    نينگر! چاچا هو اسان وري ڇيلو خبر اٿئي ڪيڏو نه حرڪتي آهي، هاڻي اڄ مَٽَ مان پاڻي پيئڻ جي پي ڪيائين منهن ڦاسائي ويٺو آهي، ڏس ڇا ڪيون چاچا۔۔؟
    ڪاڪو آچار ! چڱو چڱو هاڻي موٽ کاءُ آئون اجهو اچان ٿو..

    سائين ڪاڪو آچار وڏي نموني تيار ٿيو، ڇو نه ٿئي ڀلا.. ڳوٺ جو چڱو مڙس جو هو..
    دير ئي نه ڪيائين ٻه ٻرانگهون ورائي وڃي پهتو ولوءَ جي اوطاق تي..

    ڏسي ته ولو تسبيح کنيو بيٺو آهي... ٻڪرُن ٻڪرُن جي هڻ هڻان لڳي پئي اٿس..
    ٻيا اٺ ڏهه ماڻهو منهن بلڙو ڪري ويٺا آهن..
    ولو ڪاڪي آچار کي اصل پانجن مان وٺي چنبڙي پيو.. اڙي ڪاڪا آچار.. هي ٻَڪر منهنجو ولايتي ٻڪر آهي..
    ڪاڪو! بس هاڻي ٺهيو.. مائي وانگر واڪا نه ڪر... هيئنر ئي ٿو توکي ٻڪر ورائي ڏيان..
    ولو! ڪاڪا ڪو اهڙو نمونو ڪر جو مون وارو مٽ به نه ڀڃين. بابَي وڏي جي نشاني آهي.....
    ڪاڪو ٰ! بس نه ڳالهه به اها نه اجهو توکي مَٽ ورائي ٿو ڏيان، ٺيڪ آهي...
    ڪاڪي آچار حالات جو جائزو وٺڻ بعد ولوءَ جي ڇورَي کي چيو ڇورا وڃ ڪارائي کڻي آ...
    سَلوءَ دير ئي نه ڪئي ڪارائي سابه ٽي فوٽي کڻي آيو...
    ڪاڪو آچار سائين وڏو عاقل ماڻهو، ڪير اڳيان ڪُڇيس.. دير ئي نه ڪيائين ٻَڪر کي ڪنڌ وٽان ڪارائي هڻي مُنڍي الڳ ڪري ڇڏيائينس...
    ولوءَ جا پِتا سڙي ويا... پر ڪري به ڇا ڪري.. پنهنجو گهرايل حڪيم هئو، ..
    ٻين همراهن ڪاڪي آچار کي چيو... ڪاڪا هي ڇا ڪيئي، مُرڳو ئي ٻَڪَر کي ڪُهي ڇڏيئي...
    ڪاڪو...ادا وَلو پاڻ ئي ته چيو ڪاڪا مون کي مَٽ بچائي ڏي... مَٽ ته بچي ويو..
    همراهن چيس! چاچا مٽِ به ڪِهڙي ڪم جو، ٻَڪَر جي منڍي اندر اٿس، هاڻي هن ۾ پاڻي ته ڪونه پيبو نه...
    ڪاڪو سوچ ۾ پئجي ويو.. هائو ٻيلي اهڙو مَٽ ڪهڙي ڪم جو...
    سو دير ئي نه ڪيائين هڻين سِرَ مَٽ کي ڏهه ٽُڪر ڪري ڇڏيائين...
    ڪاڪي هٿ ڇنڊيندي چيو ان کي چئبو آهي نه asul matt
    مان نه هجان ته ڇورا توهان جا الائي جي ڪهڙا حال هُجن..
    khil sahi
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ادا

    بهترين

    توهان جي اهڙي ٻئي قسط جو انتظار رهندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهرباني ڦلپوٽا صاحب۔۔۔
    ادا هن ڪاڪَي آچار جا قصا اصل اهڙا آهن جو کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏين ٿا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاهاها
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    shabash
    هُو هُو هُو۔۔۔ ٿوڙو ٽُيون مٽائي به کلندو آ ماڻهو ادا asul matt
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    asul mattasul mattasul mattasul mattasul mattasul mattasul matt
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو