• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سبق ستون ايٿيڪل يا اخلاقي هيڪنگ جون برانچون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
سبق ستون
ايٿيڪل هيڪنگ جون برانچون
جيئن ته بار بار چئي چُڪا آهيون ته ايٿيڪل هيڪنگ سُٺي مقصد حاضل ڪرڻ جو ٽيسٽنگ ٽول آهي ۽ ٽيڪنالاجي لا بهترين طريقه ڪار آهي ان ڪري ٽيڪنيڪلي ايٿيڪل هيڪنگ مان مُراد پينيٽريشن ٽيسٽر جي آهي جيڪو صرف آ ٽي سسٽم جي سيڪيورٽي کي مضبوط ڪرڻ تي فوڪس رکي ٿو۔
هيڪٽيوزم (ڏڏرڻ، چٿڻ يا چچڙڻ)
هڪ ٻئي قسم جا هيڪرس ٿين ٿا جن کي هيڪٽيوسٽس يعني چچڙڻ وارا، ڏڏرڻ وارا يا چٿڻ وارا چئبو آهي۔ جيڪي پنهنجو سياسي يا سماجي پيغام پنهنجي ڪم تحت نشر ڪرائيندا آهن۔ هيڪٽيوسٽس اهو آهي جيڪو پبلڪ ۾ اُٿارڻ لا پنهنجا اشو ڪمپيوٽر يا ميڊيا جي ذريعي موڪلي ٿو۔ ان قسم جي هيڪٽيوسٽس جي مثال اُهي ويب سائيٽون آهن جيڪي بدشڪل انداز ۾ مذهبي پيغام يا دهشتگردي جا پيغام ڏين ٿيون۔
سائبر ٽيررسٽ يا (ڪمپيوٽر دهشتگرد)
ڪي اهڙا هيڪر آهن جن کي سائبر ٽيررسٽ يا ڪمپيوٽر دهشتگرد سڏيو وڃي ٿو، هي حڪومتن جي ڪمپيوٽرن تي اٽيڪ ڪن ٿا يا وري پبلڪ جي استعمال ۾ ايندر يوٽيلٽيز (سهولتن) تي جهڙوڪ پاور اسٽيشنون، ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول ٽاور، وغيره۔ اهي ڪرٽيڪل سسٽم کي ڪريش ڪري يا حُڪومتن جو ڪلاسفائيڊ معلومات چوري ڪن ٿا۔ هي حوڪومتون پاڻ به ڪن ٿيون جڏنهن هُنن جو ڪنهن مُلڪ خلاف اختلاف ٿي پوي ٿو ۽ حڪومتي هن عملن کي سائبر وار (جنگ) چئي سگهجي ٿو۔ جيڪا انٽرنيٽ جي ذريعي وڙهي وڃي ٿي۔
 
Back
Top