سبق اٺون . هيڪر هيڪنگ ڇو ٿا ڪن؟

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق اٺون
    هيڪر هيڪنگ ڇو ٿا ڪن؟
    1۔ هيڪر هيڪنگ ڇو ٿا ڪن؟ ان جو هڪ سادو جواب آهي ته هو ڪنهن پروگرامنگ لينگئيج يا سسٽم کي چچرڻ (هيڪ) ڪري سگهن ٿا۔ بس پو هو هيڪ ڪن ٿا ۽ اها سندن مرضي آهي۔ هيڪنگ ڪن هيڪرس لا ته بس هڪ واندڪائي يا پاڻ کي مصروف رکڻ جو ڪم آهي هو بس هيڪ ڪري ڏسڻ ٿا چاهين ته هو ڇا ڇا هيڪ ڪري سگهن ٿا ۽ ڇا آهي جنهنکي هو هيڪ نٿا ڪري سگهن هو حقيقت ۾ سڀ کان پهرئين پنهنجي ئي سسٽم کي هيڪ ڪرڻ جي ٽيسٽنگ شروع ٿا ڪن ڪي هيڪر ته اُهي ماڻهون يا ڇوڪرا آهن جن کي پنهنجن ادارن مان، يا گورنمينٽ جي نوڪرين مان، يا آ ٽي جي ڪمن مان يا ڪنهن سيڪيورٽي وارن جڳهين ڪڍيو ويو هوندو آهي بس پو هو چڙي ان ادارن جو سسٽم هيڪ ڪري (چيري ڦاڙي) ڇڏڻ چاهين ٿا ۽ اُنهن ادارن جي اسٽيتس کي نُقصان رسائي، اُن مان اُنهن جي خوامخواه اهم معلومات چورائي ڦٽي ڪن ٿا۔
    2۔ انهي ڪوڌن ڪمن مان اهي ”ميليشيئس هيڪر“ جيڪو فائدو حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اُهو آهي سندن ايگو ( آڪڙ، ڦونڊ) ۽ اها عادت وڌي کين انهن ڪمن جو موالي ٺاهيو ڇڏي، اهڙي ئي نموني جيئن وڏيرن جي اوطاقن تي ٺرو پيئندڙ ڦونڊجي هڪ ٻئي کي گهٽ ڏيکارڻ لا ٻه ٽي گلاس لڳاتار چاڙهي آپي کان ٻاهر نڪري ويندا آهن ، هتي به ساڳيو ئي عمل هوندو آهي، جهڙي طرح وڏيرن جي پُڇن ۾ لٽڪيل ۽ پير چٽيندڙ موالي مدهوش ٿي نشائي ۾ آس پاس وارن تي مڇرجي پوندو آهي اهڙي ئي طرهح هي ڪمپيوٽر جا موالي (مئليشيس هيڪرس) به ماڻهن جي زندگي جهنم بڻايو ڇڏين ۽ ڪي ته بس مشهور هيڪر ٿيڻ لا ئي هيڪنگ ڪندا آهن۔ جيڪي عام ترجيحون ماليشيئس هيڪر جون هونديون آهن انهن جا نفسياتي اثر هوندا آهن جنهن سان هو ڪنهن کان بدلو وڄندا آهن، ، ڪنهن جي ڪم کان سڙي عجيب و غريب حرڪت ڪري ان جي محنت کي برباد ڪندا آهن، ، خائف يا چيلينج، يا مالي فائدا لا پروگرامن جي چوري، ِ ڪنهن جو پروگرام خراب ڪرڻ، ڪنهن کي بليڪ ميل ڪرڻ لا، يا ڪمپني (اداري) جي گهڻي ڪم جي ڪري پنهنجي خار ڪڍڻ وغيره۔
    3۔ ڪي هيڪر ته چوندي ٻُڌا ويا آهن ته هو ڪنهن کي نقصان ڪونه ٿا پُهچائين يا پنهنجي هيڪنگ جي عمل سان ڪنهن جي ڪاروبار کي ڪونه ٿا تباه ڪن، جيڪو سندن هيڪنگ جي ڪم ڪرڻ کي جسٽيفائي ڪرڻ جي ڪوشش کان سوا ٻيو ڪُجهه به ڪونهين۔ هو پنهنجو کيسو ڀرڻ لا اڪثر اهو هيڪنگ جو ڪم ڪونه ڪندا آهن پر اهو ضرور چاهيندا آهن ته ڪو سندن ان ڪم تي انعام يا ايوارڊ وغيره ضرور ڏي۔
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا اهڙي هڪڙي ماڻهو جي ڳالھ مون ٻڌي منهنجو دوست هڪ ڪمپني ۾ نيٽورڪ ايڊمنسٽرٽر لڳو آهي ان چيو ته جيڪو همراه پهرين هتي ڪم ڪندو هو ان کي مالڪ ڪنهن ڳالھ جي ڪري نوڪري ۾ ڪڊي ڇڏيو پو ان ڪاوڻ ۾ اچي اتي جو سڄو سسٽم درهم برهم ڪري ڇڏيو۔
    نيٽورڪ جون تارون ڪٽي ڇڏين، جيڪو به ڊيٽا ۽ بيڪ اپ هو اهو ڊليٽ ڪري ڇڏين ان کان علاوه سڀني سسٽمن جي سيٽن به خراب ڪري پوئي ويو هو۔
    چا اهو به هيڪر جي لسٽ ۾ اچي ويو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هيڪر ۽ ڪريڪر توهانکي هر هر ماحول ۽ سبجيڪٽ ۾ ملندا اهي به هيڪر ئي سڏبا، انٽرنيٽ جي وجود ۾ اچڻ کان پهرئين هيڪر هُئا ۽ ڪريڪر هُئا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو