سبق نائون. هيڪرن کان بچان وٺڻ جا طريقا

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق نائون
    هيڪرن کان بچا وٺڻ جا طريقا
    1۔ پنهنجي پروگرامن ۽ ويب سائٽن ۾ ڪو خلا نه ڇڏيو جنهن ۾ هيڪر جو ڪوڊ اچي ويهي رهي۔
    2۔ انفارميشن سيڪيورٽي ٽيم رکڻ ضروري آهي جيڪي ڪنهن به سافٽ ويئر يا پروگرامنگ لينگئيج يا سسٽم ۾ ڇڏيل ڪنهن هول (خال) کي ڳولي لهن ۽ وينڊر (پروگرام وڪڙندڙ) کي ان مُتعلق ٻڌائين انم کان پهرئين ته ڪو هيڪر ان ۾ پنهنجو ڪوڊ گهُساڙي ان کي تباهه ڪري ڇڏي۔
    3۔ مئليشيئس هيڪر ۽ ايٿيڪل هيڪرس وچ ۾ مالي فائدي وارا مُقابلا هُئڻ گهُرجن جنهن ۾ هڪ گروپ سافٽويئر جي هول (خالن) ۾ تباهي وارو ڪوڊ وجهي ته ٻيو گُروپ اُن پروگرام مان تباهي وارو ڪوڊ ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪري يعني هڪ کي اجازت ڏجي ته سيڪيورٽي بريچ ٽوڙي ۽ ٻيو ان جو دفاع ڪري۔ اهو مُقابلو ڪنهن به سافٽ ويئر جي مڪمل ٿيڻ ۽ حفاظت لا نئون بهترين ۽ سيڪيرٽي پوروف پروگرام ڊزائين ڪرڻ ۾ مدد ڪندو ۽ ان سان تمام پيچيدهه گُر ۽ جُڳاڙي ڪم ڪرڻ به سکي سگهبا۔
    4۔ بچا ڪرڻ وارو هيڪر ڊٽيڪشن سسٽم ٺاهي جنهن سان حملو ڪندڙ هيڪر کي ڳولي لهجي، جڏنهن ته حملو ڪندڙ هيڪر سسٽم يا سافٽ ويئرس کي با پاس ڪرڻ جا جُڳاڙي ڪوڊ ٺاهي، جنهن سان لازمي به لازمي هڪ وڏي پيماني جو بهترين ڊٽيڪٽنگ ۽ ٽريڪنگ سسٽم ٺهي پوندو ۽ هُن جي نيٽ رزلٽ هميشه پازيٽو يا فائدي واري ملندي ڇو جو ان کي دُنيا جا ماهر هيڪر ٺاهيندا جنهن سان سسٽمن جو سيڪيرٽي نظام بهتر ٿيندو، بهترين ۽ مظبوط سافٽويئر ٺهندو۽ ايجاد ٿيندڙ پروگرام مالي فائدا به ڏيندا۔
    5۔ هاڻ جڏنهن توهان هيڪرن کان بچا جا طريقا ٿا ڳولڻ چاهيو ته توهان کي پهرئين مدد لاِ ڪنهن کي سڏڻ گهُرجي۔ جي ها! توهان هيڪرن کان بچا لا سڀ کان پهرئين (ايٿيڪل هيڪر) کي ئي سڏندئو۔ اٿيڪل هيڪر اهي سڀ خُصوصيتون، ڪوڊ، ٽول ۽ امارٽنٽ ته مائينڊ سيٽ رکي ٿو جنهن سان توهان مئليشس هيڪر جي حملن جو ٽوڙ ڪري سگهو ٿا ڇو جو اُهو ئي قابل اعتبار هوندو آهي۔ ايٿيڪل هيڪر ائين ئي ڪم ڪندو آهي جيئن توهان ڪو سيڪيورٽي جو سافٽ ويئر پنهنجي ڪمپيوٽر جر ارر _غلطين) کي ڳولڻ لا استعمال ڪندا آهيو۔
    6۔ جيئن ته ايٿيڪل هيڪنگ ڪي پينيٽريشن ٽيسٽنگ يا وائيٽ هَيٽ هيڪنگ به چئبو آهي، هو اُهي سطئي ساڳيا ٽولز استعمال ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هوندو آهي جيڪو مئليشيئس يا بليڪ هَيٽ هيڪر ڪندو آهي پر فرق ٻنهين ۾ صرف مائينڊ سيٽ جو هوندو اهي۔
    7۔ اٿيڪل هيڪنگ جي سائيبر قانون ۾ اجازت آهي۔
    8۔ اٿيڪل هيڪنگ مالڪ جي مرضي سان ڪبي اهي ڇو جو ايٿيڪل هيڪر جو ارادو هوندو ئي آهي هيڪر پوئنٽ آف ويو کان خاميون جانچڻ جو ته سسم جي سيڪيورٽي کي مضبوط کان مضبوط ڪري سگهجي۔ ايٿيڪل هيڪنگ هڪ مُڪمل (رسڪ مئنيجمينٽ پروگرام) سان لاڳاپيل آهي جيڪو ان ڳالهه جي اجازت ڏي ٿو ته آن گوئنگ سيڪيورٽي امپروومينٽ ڪندي وڃجي۔ ايٿيڪل هيڪنگ وينڊر (وڪڙندڙ) کي به يقين ڏياري ٿي ته سندس پروگرام جي سيڪيورٽي جي ڪليم کي قانوني تحفظ ۾ رکي۔
    9۔ جيئن ئي هيڪر پنهنجي ناليج ۾ اضافو ڪندو ويندو اهو اوهان ڏانهن به مُنتقل ٿيندو ويندو ۽ توهان به پنهنجي سسٽم کي بچائڻ جو سوچيندا رهندا۔ توهان به هڪ ايٿيڪل هيڪر طور ڄاڻي سگهندئو ته هيڪر پنهنجون ڪرتون ڪيئن ٿا ڪندا وڃن ۽ انهن جي مئليشيئس ايڪشن کي ڪيئن روڪي سگهبو، توهان به ڄاڻڻ شُروع ٿي ويندئو ته ته ڇا ڇا ڳولڻ گهُرجي ۽ ۽ انهن معلومات (انفارميشن) کي ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪري سگهبو ۽ هيڪر برخلاف ڪهڙا عمل ڪتب ايندا۔
    10۔ توهان پنهنجي سسٽم کي هر طرف کان نٿا بچائي سگهو ۽ توهان ڪري به نٿا سگهو۔
    12۔ بس هر طرف جي حملن کان بچا ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته توهان پنهنجي سسٽم جو پاور سوئچ ئي بند ڪري ڇڏيو ۽ ان کي لاڪ رکو جو ٻيو ڪو اُن تي ڪم نه ڪري سگهي ۽ نه ئي توهان پاڻ خود۔
    13۔ اها انفارميشن سيڪيورٽي لا ڪا سُٺي سوچ به ڪانهين۔ امپارٽينٽ ڇا آهي ته توهان کي پنهنجو سسٽم بچائي رکڻوآهي ته معلوم ٿيندڙ خامين ۽ هيڪرن جي حملن ڪرڻ کان۔
    14۔ بلڪل ممڪن آهي ئي ڪونه ته توهان پنهنجي سسٽم جي نازڪ شين کان مُڪمل بچا ڪري سگهو، توهان هر ممڪن حملي جي بچا لا پلان ڪري ئي نٿا سگهو، ، خاص طور اهڙن ڪوڊس کان جيڪي اڃا معلوم ئي نه ٿي سگهيا آهن جن کي (زيرو ڊي) ايڪسپلائيڊس (ڦاٽڻ) چيو وڃي ٿو۔ هي اُهي حملا آهن جن کي اڃا دُنيا به ناهي سُڃاڻي سگهي، بحرحال ايٿيڪل هيڪنگ ۾ توهان مختف ڪمبينيشن ٽرا ڪري راز ڳولي سگهو ٿا، جيترو گهڻو توهان گهڻن سسٽمن کي ٽيسٽ ڪندئو نه ڪه هڪ ئي ماڊل يا سسٽم کي ته ته چانس آهي ته توهان نازڪ نازڪ خرابيون ڳولي ڪڍي سگهو۔
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس اهو ڪم ته اسان جي ٽيڪنيڪل ٽيم جو آهي ته اسان جي ويب ۾ به ڪا خلا نه ڇڏين ۽ هيڪرن لاء ڪو رستو نه ڇڏين۔

    ڪجهه وقت اڳ جڏهن سنڌ سلامت تي سعودي هيڪرن حملو ڪيو هو ته مان به حيرت ۾ هوس ته اهو ڪيئن ٿيو۔ خير هاڻي دوست سيڪيورٽي طرف وڌيڪ توجهه ڏئي رهيا آهن۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو