سبق يارهون . اي ميڪ هيڪنگ ۽ اي ميل ڪيئن ٿو ڪم ڪري 1۔ اي ميل جي سينڊنگ (موڪلڻ) ۽ رسيونگ ( وصول ڪرڻ) کي اي ميل سرور ڪنٽرول ڪندو آهي۔ سڀئي اي ميل سرورس پرووائيڊر پنهنجي اي ميل سرور کي پهرئين ڪنفگر ڪن ٿا، ان کان پهرئين جو ڪو ان ۾ پنهنجي اڪائونٽ ۽ پاسورڊ کي سائين ان يا سائين آئوٽ ڪري ڊجيٽيلي پيغام رساني شروع ڪري ڏي۔ 2۔ هڪ دفعو جڏهن سرور ڪم ڪرڻ لا ڪنفگر ٿي تيار ٿي وڃي ٿو ته يوزر، پوري دُنيان مان پاڻ کي ان سرور جي اي ميل ۾ رجسٽر ڪرڻ شُروع ڪري ٿا ڏين ۽ پنهنجو اي ميل اڪائونٽ سيٽ اپ ڪن ٿا، جڏنهن هنن کي مُڪمل ڪم ڪرڻ واري اڪائونٽ ۾ پُهچ ملي وڃي ٿي ته هو پنهنجي اڪائونٽ ۾ سائين ان ٿين ٿا ۽ ٻين يوزرن سان ڳنڍجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا انهي اي ميل سرور جي ذريعي۔