باب هيڪنگ. سبق تيرهون. اي ميل سرور جا پروٽوڪولس

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب هيڪنگ. سبق تيرهون.
    اي ميل سرور جا پروٽوڪولس
    1۔ ايس ايم ٽي پي (SMTP)
    سمپل ميل ٽرانسفر پروٽوڪول (ايس ايم ٽي پي) استعمال ان وقت ٿيندو آهي جڏنهن اي ميل اي ميل ڪلائنٽ کان نڪرندو آهي جهڙوڪ آئوٽ لوڪ ايڪپريس، کان اي ميل سرور ڏانهن يا جڏنهن اي ميل هڪ سرور کان ٻي سرور طرف ڊيليور ٿيندو آهي۔ ايس ايم سي پورٽ 25 استعمال ڪندو آهي۔

    2۔ پي او پي 3 (POP3)
    پوسٽ آفيس پروٽوڪول 3 (پي او پي 3) هي ۾ پي او پي 3 پروٽوڪول ڪلائنٽ کي ، سرور مان اي ميل ڊائونلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي۔ هي هڪ سادو پروٽوڪول آهي ۽ هن جا فيچر اترا گهڻا ڪونه آهن صرف ڊائون لوڊنگ۔ هن جي ڊزائين سمجهي وڃي ٿي ته اي ميل ڪلائنٽ پنهنجا سڀ اي ميل سرور کان ڊائون لوڊ ڪرڻ ٿو چاهي ۽ سرور مان ئي ڊليٽ ٿو ڪرڻ چاهي، ۽ پو اهو پروٽوڪول ڊسڪنيڪٽ ٿي وڃي ٿو۔ پاپ3 عمومن پورٽ 110 استعمال ڪندو آهي۔

    3۔ آ ايم اي پي (IMAP)
    انٽرنيٽ ميسيج ايڪسيس پروٽوڪول اُهي گهڻائي ساڳيا فيچر شيئر ٿو ڪري جيڪو پاپ3 ڪندو آهي۔ هي به اُهوئي پروٽوڪول آهي جنهن سان ڪلائنٽ (گرهاڪ يا يوزر) اي ميل سرور مان پنهنجا ميسيج وصول ڪري ٿو يا ڊليٽ ڪري ٿو۔ پر تنهن هوندي بي آ ايم اي پي اهڙا گهڻا فيچر رکي ٿوجيڪي پاپ 3 ۾ آهن ئي ڪونه ۔ هي پروٽوڪول ان ڪري ڊزائين ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪلائينٽ کي پنهنجا ميسيج سرور تي رکڻ جي اجازت ڏي۔ هن پروٽوڪول لا سرور تي ڊسڪ جو اسپيس به گهڻو گهُربو آهي ۽ سي پي يو جو به گهڻو استعمال پاپ3 جي ڀيٽ ۾کپي ٿو۔ نوٽ ڪريو ته سڀئي اي ميل سرور تي ئي اسٽور ٿين ٿا۔ هي پروٽوڪول نارملي پورٽ 143 استعمال ڪري ٿو۔
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو