باب هيڪنگ. سبق پنڌرهون. توهانجي اي ميلن جي سيڪيورٽي

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏2 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    باب هيڪنگ. سبق پنڌرهون.
    توهانجي اي ميلن جي سيڪيورٽي
    1۔ هاڻ اچو ته جائزو وٺون ته هي اليڪٽرانيڪل خط و ڪتابت ڪيتري سيڪيوئر آهي۔ توهان کي خبر آهي ته هزرن جي تعداد ۾ حملا آهن جيڪي اي ميلس تي ٿيندا رهندا آهن، اهڙا الاهي مٿي ڦريا آهن جيڪي اي ميلن تي حملي ڪرڻ ۾ ماهر ۽ ماسٽر آهن هو بس معصوم ماڻهن کي شڪار ڪرڻ لا ڳوليندا رهن ٿا جيڪي ويچارا هن اي ميل ٽرڪس کان واقفيت نٿا رکن ۽ هُن جي چنبن ۾ آساني سان ڦاسيو پون۔

    2۔ بس توهان کي اهو يقين ڪرڻو آهي ته توهان اهڙن ڪڃرن جا ٽارگٽ ڪونه بڻبئو ان لا توهانکي پنهنجي شناخت ۽ پروفائل کي مضبوط ترين ِ سيڪيوئر بڻائڻو آهي پاڻ کي اهڙن ڀاڙين لا ٽف ٽارگٽ بڻايو۔

    3۔ جيڪڏنهن توهان وٽ آ ڊي (شناخت) آهي ته اهو متان ڀانيو ته جي توهان هيڪ ٿي ويا ته ڇا ٿي پوندو ڇو جو توهانجي ان اڪائونٽ ۾ ڪا خاص انفارميش آهي ئي نه! ۔ پر توهان کي خبر ڪانهين ته اهي شودا جيڪي توهان جي آ ڊي (شناخت) ۽ پاس ورڊ چورائين ٿا اُهي انهي آ ڊي ۽ پاس ورڊ سان ڪنهن به دُنيا جي منسٽري ۽ خبرن جي چئنلن کي ڌمڪين وارا ميسيج به موڪلي سگهن ٿا۔ ها! مٿا ڀُليا آهيو ۽ اڇي مٿي ۾ خواري کڻائي ويهو۔

    4۔ سُهڻا سنڌي معصوم! وڏيرن جا غلام! ۽ انهن جا پير چٽڻ وارا معصوم بي ضرر سنڌيو! حملي آور کي توهانجي ڊيٽا سان ڪو سروڪار ناهي، هو صرف آ ڊي وڪٽم ٿيڻ چاهين ٿا جيڪا کين حملي ڪرڻ لا ڪم اچي، اهو ڪم دهشت گرد تنظيمون گهڻي زور شور سان ڪنديون آهن۔ اهو هڪڙو ئي طريقو ڪونهين، گهڻيون آئڊيو ٺاهڻ وارو سنڌي سٻاجهئو! هڪ هيڪ ٿي ته ٻي ٺاهي ڇا ٿي پيو سمجهڻ وارئو! هن جي استعمال ٻيا به الاهي کوڙ غلط طريقا هوندا آهن۔ مان سمهان ٿو ته ضرور توهان مان ڪي اهڙن مصيبتن ۾ به گرفتار ٿي چُڪا هوندا جڏنهن توهان جو هڪ دوست يا اسڪولي توهان کان آ ڊي وٺي ان سان ٻئي دوست کي ابيوز ڪندو هوندو، ڀلا دوست نه ته ڪنهن ڇوڪري کي! ۽ ڪنهنجي نالي؟ توهانجي نالي! ڪن خراب ڇوڪرين يا ماين ڏي به ته ميل موڪلي سگهي ٿو جڏنهن ته توهان شريف آهيو ۽ پنهنجي آ ڊي هيڪ ٿيڻ جي پرواه به ڪانهين ته ڪنهن ڪڏنهن اها حرڪت ڪري وڌي!
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس سائين هاڻي ته گهڻي خبرداري ڪبي ته انهن نڀاڳن هيڪرن کان بچجي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو