خدا حافظ هاٽ ميل........... آئوٽ لوڪ کي ڀليڪار....

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏4 آگسٽ 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مائڪروسافٽ ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي اي ميل ايپليڪيشن آئوٽ لوڪ کي هڪ نئين انداز سان متعارف ڪرائي ڇڏيو ۽ هاڻي هاٽ ميل جي جاءِ تي مائڪروسافٽ Outlook.com نالي ويب سائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي۔۔۔

    [​IMG]
    هن نئين اي ميل سروس ۾ روايتي فيچرس سان گڏو گڏ نيٽ ورڪنگ کي به شامل ڪيو ويو آهي۔۔ مائڪروسافٽ جي هن نئين اي ميل سروس جو انٽرفيس ونڊوز 8 جي ميٽرو انٽرفيس سان مطابقت رکي ٿو ۽ هاٽ ميل جي مقابلي ۾ يقينن انتهائي سادو ۽ آسان آهي۔۔۔
    هتي دوستن کي اهو ٻڌائيندو هلجي ته گوگل جي سادي ۽ سولي انٽرفيس جي ڪري ئي ڪيترا ماڻهون هاٽ ميل ۽ ياهو کي ڇڏي ڪري جي ميل تي منتقل ٿي چڪا آهن۔۔ پر هاني لڳي ٿو مائڪروسافٽ وارن کي به عقل اچي ويو آهي۔۔

    [​IMG]
    هن نئين اي ميل سروس ۾ مائڪروسافٽ وارن گوگل جي طرز تي ٽيڪسٽ اشتهار پڻ ڏنا آهن جيڪي توهان جي ميل سان مطابقت رکندڙ هوندا۔۔ مائڪروسافٽ مطابق اهي اشتهار صرف نيوز ليٽر يا آفيشل اي ميلز تي ڏيکاريا ويندا۔۔ ان کانسواءِ ان باڪس ۾ سويپ آپشن متعارف ڪرايو ويو آهي ۔۔۔ جيڪو ڪنهن جي به طرفان موڪليل تازي اي ميلز جو ريڪارڊ رکندو ويندو ۽ پاڻمرادو پراڻين اي ميلز کي ڊيليٽ ڪندو رهندو۔۔۔

    [​IMG]
    نئين اي ميل سروس ۾ سوشل نيٽورڪ تي خاص توجا ڏني وئي آهي۔۔۔ ۽ توهان پنهنجي فيس بوڪ ۽ ٽويٽر جي معلومات يا فيڊس آئوٽ لوڪ ۾ رهي ڪري ئي ڏسي سگهو ٿا۔۔۔ اهڙي طرح آئوٽ لوڪ سوشل نيٽورڪس طرفان ايندڙ اي ميلز جي ڀرمارکي پڻ ترتيب ڏيندي الڳ فولڊر ۾ رکي ڇڏي ٿو۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر هاڻي توهان آئوٽ لوڪ ۾ رهي ڪري ئي پنهنجي فيس بوڪ جي دوستن سان چيٽ به ڪري سگهو ٿا۔۔ مائڪروسافٽ مطابق جلد آئوٽ لوڪ ۾ سڪائپ جو پڻ اضافو آندو ويندو ۔۔ اهڙي طرح آئوٽ لوڪ ۾ ئي توهان اسڪائپ تي به لاگ ان ٿي وڊيو آڊيو چيٽ ڪري سگهندو۔۔۔

    [​IMG]
    آئوٽ لوڪ جي ذريعي توهان مائڪروسافٽ جي اسڪائي ڊرائيو پڻ استعمال ڪري سگهندو ۽ ڪا ٻي ايپليڪيشن کولڻ کانسواءِ ئي ورڊ، پاورپوائينٽ ۽ ايڪسل ۾ ڪري سگهندو۔۔
    جيتوڻيڪ مائڪروسافٽ وارن طرفان هاٽ ميل سروس کي اڃان ختم نه ڪيو ويو آهي پر آئوٽ لوڪ متعارف ڪرائڻ دراصل هاٽ ميل جي فزيڪل موت ئي چئجي سگهجي ٿو جو مائڪروسافٽ وارن جي پوري توجه هن طرف ئي هوندي۔۔ هاٽ ميل جا استعمال ڪندڙ آئوٽ لوڪ تي آساني سان منتقل ٿي سگهن ٿا پر کين زور زبردستي سان مجبور نه ڪيو ويو آهي۔۔
    ايترين سهولتن باوجود هڪ سوال جيڪو هر ٽيڪنيڪل ڄاڻ رکندڙ ماڻهون جي زبان تي آهي ته ڇا آئوٽ لوڪ، جي ميل جي هوندي مقبول ٿي سگهندي۔۔ ؟
    خير سوال جو جواب ملي يا نه پر دوستن جي معلومات لاءِ مائڪروسافٽ طرفان آئوٽ لوڪ متعارڪرائيندڙ هنن وڊيوزکي پڻ لڳائيجي ٿو۔۔۔

     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه واهه ٿي وئي

    نئين سسٽم کي ڀليڪار ڪجي ٿي۔ پر يار اه ٻڌاء ته هاٽ ميل جا پراڻا يوزر هن تي ڪيئن منتقل ٿين۔ مطلب ايڊريس ساڳي هجي پر نئين سسٽم يعني آئوٽ لُڪ تي اچي وڃجي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڇا هن نئين تي سائن اپ ٿيڻو پوندو يا
    پرانو جيڪو هاٽ ميل ۾ آهي اي ميلز ٺهيل؟
     
  4. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا نئين آئوٽ لوڪ ۾ توهان ساڳي ايميل کي استعمال ڪندو ۽ ساڳو رڪارڊ به توهان رهندو مثال توهان ايميلون توهان جا ڪونٽينٽ ۽ ٻيو ڪجھ۔
    تمام بهترين انٽرفيس آهي۔

    ادا رشيد جون لک مهربانيون جو اهڙي ڪارائتي معلومات ونڊ ڪرائي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا مون هن کي آزمايو آهي تمام بهترين آهي
    توهان پنهنجي پراڻي اي ميل جيڪا ايٽ هوٽميل واري آهي ان کي ايٽ آئوٽ لوڪ ۾ تبديل ڪري سگهو ٿا
    توهان کي ٻنهي ايميلن تي ايميل اينديو رهنديون ايٽ هوٽميل واري تي به ۽ ايٽ آئوٽ لوڪ واري تي به۔

    هاڻ تا ساگو جيميل جهڙو ٿي ويو آهي هاٽميل۔
    ٻي ڳالھ ته آئوٽ لوڪ پراڻي هوٽميل کي وڌيڪ فاسٽ تيز آهي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    نواڻ سٺي آھي، ياھو جي ميل ھاٽ ميل استعمال ڪري ڪري بور ٿي ويا ھئاسين۔
     
  7. Asif Ali Jhatial

    Asif Ali Jhatial
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2010
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    109
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    جونيئر ايگزيٽو_نادرا
    ماڳ:
    گلشن حديد ڪراچي
    ڇا هي فائدو جيميل جا يوزر وٺي سًگهن ٿا ؟

    دعاگو

    آصف علي جهتيال
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جي ها جي ميل به هاڻي ڪجهه تبديليون آنديون آهن۔۔ جهڙوڪ نئون ٽيب سسٽم جنهن تحت اي ميلز کي فلٽر ڪرڻ آسان آهي۔۔۔ باقي ياهو جي سستي لڳي ٿو سندن ٻيڙو ٻوڙيندي۔۔۔:)

    [​IMG]
    ۔۔۔​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    آئوٽ لوڪ تمام خوبصورت ۽ آسان آهي، آ به ڪافي پهرين هوٽميل کان آئوٽ لوڪ تي منتقل ٿي چڪو آهيان، تمام خوبصورت۔
    ۽ جيميل وارن به سٺي تبديلي آندي آهي ادا رشيد جي ڏنل تصوير جيان۔۔۔
    اهڙي ريت اوهان ياهو ۾ به پنهنجي جيميل يا فيس بوڪ ذريعي لاگ ان ٿي سگهو ٿا، ان سان گڏ ياهو وارن به پنهنجي ايميل ۾ ڪافي خوبصورتي ۽ تبديلي آندي آهي۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو