مائڪروسافٽ ٽي ڏينهن اڳ پنهنجي اي ميل ايپليڪيشن آئوٽ لوڪ کي هڪ نئين انداز سان متعارف ڪرائي ڇڏيو ۽ هاڻي هاٽ ميل جي جاءِ تي مائڪروسافٽ Outlook.com نالي ويب سائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي۔۔۔
هتي دوستن کي اهو ٻڌائيندو هلجي ته گوگل جي سادي ۽ سولي انٽرفيس جي ڪري ئي ڪيترا ماڻهون هاٽ ميل ۽ ياهو کي ڇڏي ڪري جي ميل تي منتقل ٿي چڪا آهن۔۔ پر هاني لڳي ٿو مائڪروسافٽ وارن کي به عقل اچي ويو آهي۔۔
جيتوڻيڪ مائڪروسافٽ وارن طرفان هاٽ ميل سروس کي اڃان ختم نه ڪيو ويو آهي پر آئوٽ لوڪ متعارف ڪرائڻ دراصل هاٽ ميل جي فزيڪل موت ئي چئجي سگهجي ٿو جو مائڪروسافٽ وارن جي پوري توجه هن طرف ئي هوندي۔۔ هاٽ ميل جا استعمال ڪندڙ آئوٽ لوڪ تي آساني سان منتقل ٿي سگهن ٿا پر کين زور زبردستي سان مجبور نه ڪيو ويو آهي۔۔
ايترين سهولتن باوجود هڪ سوال جيڪو هر ٽيڪنيڪل ڄاڻ رکندڙ ماڻهون جي زبان تي آهي ته ڇا آئوٽ لوڪ، جي ميل جي هوندي مقبول ٿي سگهندي۔۔ ؟
خير سوال جو جواب ملي يا نه پر دوستن جي معلومات لاءِ مائڪروسافٽ طرفان آئوٽ لوڪ متعارڪرائيندڙ هنن وڊيوزکي پڻ لڳائيجي ٿو۔۔۔

هن نئين اي ميل سروس ۾ روايتي فيچرس سان گڏو گڏ نيٽ ورڪنگ کي به شامل ڪيو ويو آهي۔۔ مائڪروسافٽ جي هن نئين اي ميل سروس جو انٽرفيس ونڊوز 8 جي ميٽرو انٽرفيس سان مطابقت رکي ٿو ۽ هاٽ ميل جي مقابلي ۾ يقينن انتهائي سادو ۽ آسان آهي۔۔۔هتي دوستن کي اهو ٻڌائيندو هلجي ته گوگل جي سادي ۽ سولي انٽرفيس جي ڪري ئي ڪيترا ماڻهون هاٽ ميل ۽ ياهو کي ڇڏي ڪري جي ميل تي منتقل ٿي چڪا آهن۔۔ پر هاني لڳي ٿو مائڪروسافٽ وارن کي به عقل اچي ويو آهي۔۔

هن نئين اي ميل سروس ۾ مائڪروسافٽ وارن گوگل جي طرز تي ٽيڪسٽ اشتهار پڻ ڏنا آهن جيڪي توهان جي ميل سان مطابقت رکندڙ هوندا۔۔ مائڪروسافٽ مطابق اهي اشتهار صرف نيوز ليٽر يا آفيشل اي ميلز تي ڏيکاريا ويندا۔۔ ان کانسواءِ ان باڪس ۾ سويپ آپشن متعارف ڪرايو ويو آهي ۔۔۔ جيڪو ڪنهن جي به طرفان موڪليل تازي اي ميلز جو ريڪارڊ رکندو ويندو ۽ پاڻمرادو پراڻين اي ميلز کي ڊيليٽ ڪندو رهندو۔۔۔
نئين اي ميل سروس ۾ سوشل نيٽورڪ تي خاص توجا ڏني وئي آهي۔۔۔ ۽ توهان پنهنجي فيس بوڪ ۽ ٽويٽر جي معلومات يا فيڊس آئوٽ لوڪ ۾ رهي ڪري ئي ڏسي سگهو ٿا۔۔۔ اهڙي طرح آئوٽ لوڪ سوشل نيٽورڪس طرفان ايندڙ اي ميلز جي ڀرمارکي پڻ ترتيب ڏيندي الڳ فولڊر ۾ رکي ڇڏي ٿو۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر هاڻي توهان آئوٽ لوڪ ۾ رهي ڪري ئي پنهنجي فيس بوڪ جي دوستن سان چيٽ به ڪري سگهو ٿا۔۔ مائڪروسافٽ مطابق جلد آئوٽ لوڪ ۾ سڪائپ جو پڻ اضافو آندو ويندو ۔۔ اهڙي طرح آئوٽ لوڪ ۾ ئي توهان اسڪائپ تي به لاگ ان ٿي وڊيو آڊيو چيٽ ڪري سگهندو۔۔۔
آئوٽ لوڪ جي ذريعي توهان مائڪروسافٽ جي اسڪائي ڊرائيو پڻ استعمال ڪري سگهندو ۽ ڪا ٻي ايپليڪيشن کولڻ کانسواءِ ئي ورڊ، پاورپوائينٽ ۽ ايڪسل ۾ ڪري سگهندو۔۔جيتوڻيڪ مائڪروسافٽ وارن طرفان هاٽ ميل سروس کي اڃان ختم نه ڪيو ويو آهي پر آئوٽ لوڪ متعارف ڪرائڻ دراصل هاٽ ميل جي فزيڪل موت ئي چئجي سگهجي ٿو جو مائڪروسافٽ وارن جي پوري توجه هن طرف ئي هوندي۔۔ هاٽ ميل جا استعمال ڪندڙ آئوٽ لوڪ تي آساني سان منتقل ٿي سگهن ٿا پر کين زور زبردستي سان مجبور نه ڪيو ويو آهي۔۔
ايترين سهولتن باوجود هڪ سوال جيڪو هر ٽيڪنيڪل ڄاڻ رکندڙ ماڻهون جي زبان تي آهي ته ڇا آئوٽ لوڪ، جي ميل جي هوندي مقبول ٿي سگهندي۔۔ ؟
خير سوال جو جواب ملي يا نه پر دوستن جي معلومات لاءِ مائڪروسافٽ طرفان آئوٽ لوڪ متعارڪرائيندڙ هنن وڊيوزکي پڻ لڳائيجي ٿو۔۔۔