Sindhi Media
سينيئر رڪن
هر نماز ۾”انفرادي“هُجي يا ”امام پويان “سوره” فاتحه پڙهڻ لازمي آهي نه ته نماز ناقص ٿيندي حديثن مان وضح آهي. والله اعلم بثواب
سوره فاتحه قُرآن مجيد جي سڀ کان پهرين صورت آهي جنهنکي حديثن ۾ وڏي فضيلت مليل آهي. فاتح جي معني آهي آغاز ۽ ابتدا اُن ڪري اُن کي الفاتحه يعني فاتحهُ الڪتاب چئبو آهي. هن جي ٻيا نالا به حديثن مان ثابت آهن مثلا” اُم الَقرآن،السُبعُ المثاني، الَُقرآن العظيم، الرُقبه.جهڙي طرح هڪ اصحابيءَ وڇونءَ سان ڏنگجڻ کي ان تي دم ڪيو ته اُن کي آرام اچي ويو نبي سائين پڄڇيس ته توکي ڪيئن خبر پئي ته دم آهي. حوالو صحيح بُخاري حديث2276،ضحيح مُسلم65_2201 و غيرها من السماءِ هن جو هڪ اهم نالو الصلاه” به آهي.والله اعلم بثواب
حديث قُدسي ۾ اچي ٿو ته الله تعالي فرمايو”قَسمتُ الصلاه” بيني و بين عبدي..(صحيح مُسلم، حديث38_(395)” مون صلاه”(نماز) کي پاڻ ۽ پنهنجن ٻانهن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. مُراد سوره فاتح آهي جنهن جو اڌ حصو الله تعالي جي حمد و ثنا، اُن جي رحمت، ربوبيت ۽ عدل، ۽ بدشاهت جي بيان ۾ آهي ۽ اڌ حصي ۾ دُعا ۽ مناجات آهي جيڪو بندو الله جي بارگاه ۾ پني ٿو. هن حديث ۾ سوره فاتحه کي ؟نماز“سان تعبير ڪيل آهي ثابت ٿيو ته ان جو نماز ۾ پڙهڻ لازمي آهي. والله اعلم بثواب.
نبي سائينءَ صلي الله عليه وسلم هن طرح سان وضاحت ڪئي آهي”لا صلاه” لمن لم يقراءُ بفاتحه الڪتاب“ صحيح بخاري، حديث756، صحيح مسلم 34_394، اُن شخص جي نماز ئي نه ٿي جنهن سوره فاتحه نه پڙهي” هن حديث ۾ (من) جو لفظ عام آهي جيڪو هرنمازيءَ لاءِ آهي اهو اڪيلو نماز پڙهي يا امام جي پُٺيان، سري نماز هُجي يا جهري، فرض نماز هُجي يا نفلي، هر نماز سان سوره فاتحه پڙهڻ لازمي آهي. والله اعلم بثواب
حديثن ۾ اچي ٿو ته هڪ دفعو نماز فجر ۾ ڪي اصحابي نبي صلعم جن سان گڏ نماز ۾ قُرآن پڙهندا رهيا جنهن جي ڪري پاڻ صلعم تي قراءَت وزن بڻڻ لڳي نماز ختم ٿيڻ کان پوءِ پاڻ صلعم”پُڇيائون ته ڇا توهان (رضه) به گڏ گڏ پڙهند پئي ويئو، ها ۾ جواب ملڻ تي فرمايائون” لاتفعلُوا اِلا بام القرآن فَاِنهُ لا صلاه” لِمَن لَم يقراءُ بها“ توهان ايئن نه ڪريو البته صوره فاتحه ضرور پڙهو ڇو جو اُن جي پڙهڻ کان سواءِ نماز ڪانه ٿيندي حوالا(سُنن ابي دائود حديث823، جامٿ ترمذي حديث311، سنن الثاني حديث921. والله اعلم بثواب
حضرت ابو هُريره رضه کان مروي آهي ته نبي صلعم فرمايو”من صَلي صلا” لم يقراءُ فيها بام القرآن فهي خداجُ ثلاثا غير تسهام” جنهن بغير فاتحه جي نماز پڙهي اُها ناقص ۽ نامُڪمل آهي ٽي دفعا فرمايائون ” ابو هُريرا رضه چيو” انا نڪون وراءَ الامام(اما جي پُٺيان به پڙهون ٿا ڇا ڪريون) ابو هُريرا فرمايو” اقرا ءَ بها في نفسڪ( امام جي پُٺيان سوره فاتحه پڙهو پر دل ۾) صحيح مسلم حديث 38_395. والله اعلم بثواب
ذڪر ڪيل حديثن مان واضحٿيو ته قرآن مجيد ۾ جيڪو اچي ٿو(واِذا قُريءَ القُرآن فاستَبعُوا لهُ وَانصُِتُوا) الاعرف 7(204) ”جڌنهن قرآن پڙهيو وڃي ته توجه سان ٻُڌو ۽ خاموش رهو“ يا حديث”وَ اذا قراءَ فانصِتُوا)”جڏنهن امام قراءَت ڪري ته خاموش رهو“ جو مطلب هي آهي ته جهري نمازن ۾ مقتدي سوره” فاتحه کان علاوه باقص قراءَت خاموشيءَ سان ٻُڌن. امام سان گڏ قُرآن نه پڙهن يا امام سوره” فاتحه جو آيتون وقفن سان پڙهي ۽ مُقتدي انهن وقفن ۾ سوره” فاتحه پڙهي ٻنهين تي عمل ٿي وڃي ٿو.