ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
السلام عليڪم
انٽرنيٽ جي مشهور فورم ”سنڌ سلامت“ تي هڪ دوست (رشيد سمون) سان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان ڄاڻ ڀري ۽ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ تمام خوشي محسوس ٿي ته، اسان جا دوست تمام مصروف نوڪريون ڪندي به سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن. جڏهن ته هڪ دوست عزيز مڱريي اهو ارادو ڪيو آهي ته، هو هڪ اهڙي سي ڊي رليز ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪا سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان هڪ مڪمل معاون سي ڊي هوندي. هونئن ته اهو سمورو ڪم سنڌ سرڪار جي آءِ ٽي جي اداري کي ڪرڻ کپندو هو، پر انهن جي خاموشي ۽ نظر انداز ڪرڻ واري عادت انتهائي افسوسناڪ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ انڊيا جي آءِ ٽي جي وفاقي اداري سنڌي ٻوليءَ تي ايترو ڪم ڪيو آهي، جو اهو ڏسي پنهنجي سرڪار جي بي حسيءَ تي حيرت ٿي ٿئي. (اڪبر لاکي جي سنڌ فورم تي انڊيا ۾ سنڌي ٻولي تي ٿيل اهو ڪم ڏسي سگهجي ٿو.) سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪو ٿورو گهڻو ڪم ڪيو ويو آهي ته اهو انفرادي طور تي ڪجهه شخصيتن ئي ڪيو آهي. هن وقت اسان جا ڪافي دوست سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي عام ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهيا آهن ۽ انهن سڀني جو ڪيل ٿورو گھڻو ڪم اڄ ملي ڪري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد بڻجي ويو آهي. مون کي ياد آهي ته، ٽي سال اڳ شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ادل سومري جي چوڻ تي شيخ اياز چيئر لاءِ سنڌيءَ ۾ سائيٽ ٺاهي هئم، شيخ اياز جي قومي ڪانفرنس جي موقعي تي منهنجي جڏهن يونيورسٽيءَ جي آءِ ٽي شعبي وارن سان سائيٽ لانچ ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي ته کين يونيڪوڊ ۽ سنڌي پروگرامنگ جي ڪابه ڄاڻ ڪانه هئي، جڏهن شيخ اياز متعلق سنڌي سائيٽ، پروجيڪٽر تي لانچ ڪئي وئي ته سنڌي فونٽس جو حُسن ڏسي ڪانفرنس ۾ تاڙيون وڄي ويون هيون. (افسوس جو اها سائيٽ صرف هڪ سال بعد ايڪسپائير ٿي بند ٿي وئي، جو اداري وٽ ان لاءِ ٽي هزار جو سرڪاري فنڊ به ڪونه هو.) چوڻ جو مقصد اهو ته وڏن وڏن سرڪاري ادارن کي جيڪو ڪم ڪرڻ گھرجي، اهو هو ڪرڻ کان الائي ڇو لاچار آهن؟
حبيب ساجد
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
sindhsalamatsaathsal