سائين شمشير الحيدري جن سان سنڌ يوٿ ڊولمينٽ فورم ”ڪراچي“ طرفان عيادت

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
اڄ محترم سليمان وساڻ صاحب جن کي ڪال ڪري ٽائيم ورتو ۽ سائين جن ھميشه جيان مونسان نھ نه ڪئي ۽ سائين جن ٽائيم تي 2 بجين آغا خان پھچي ويا سندن جي مھرباني۔
محترم سليمان وساڻ ۽ امتياز علي سولنگي جن جي اڳواڻي ۾ سنڌ يوٿ جي سنڱت سائين شمشير الحيدري ۽ سنڌ يوٿ جي ھڪ ميمبر عابد علي جن سان عيادت ڪئي۔
سائين شمشير الحيدري ۽ ڀا عابد علي جن لا دعا جي اپيل۔
269599_419997341385205_1191187840_n.jpg
557040_419997458051860_1508123767_n.jpg
599847_419997628051843_732815612_n.jpg
 
شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي
محفل کي مچائيندو، هن جو ئي سخن شايد

سائين شمشير لاء دعائون ته رب پاڪ کيس جلد صحتياب ڪري۔ ڀلاري ۽ نيڪين ڀريي مهيني ۾ سڀني دوستن کي عرض آهي ته سائين شمشير ۽ دوست عابد لاء دعا ڪن۔
 
صاحب ڏيج شفا ميان مريضن کي ۔۔۔۔

اڄ جڏهن محترم سليمان وساڻ بابا سان ملاقات جو احوال ڪيو ته اکين ۾ ڳوڙها تري آيا ۔۔۔

هاءِ ڙي وقت۔۔۔۔ ان پوڙهي کي ليٽائي وڌو اٿئي جيڪو هميشه توکي ملهه ماريندو رهيو آهي ۔۔۔۔
 
Back
Top