عورت کي مرتبه انسانيت کان ڪرئڻ ۽ ذليل ترين مخلوق ثابت ڪرڻ ۾ خود عيساين ۽ يهودين وڌي ڌي حصوورتو تحرير ۽ تحقيق عبدالرزاق ميمڻ عورت کي مرتبه انسانيت کان ڪرئڻ ۽ ذليل ترين مخلوق ثابت ڪرڻ ۾ خود عيساين ۽ يهودين وڌي ڌي حصو ورتو، چوٿين صدي عيسويءَ ۾ جڏنهن عيسايت جو زور هو، ۽ جڏنهن شريعت عيسوي تمام يورپ جي قانون ۾ مآخذ بڻجي وئي ته ان جي مطابق عورتن جا اهي سڀئي حق جيڪي فلاسفه يونان ۽ روما جي صدين تائين ڪوشس جي سبب مسلم پئي ٿيندا ويا ۽ قطعن سلب ٿيڻ لڳا ۽ عورت کي ڪمزور مخلوق جي ڪري ڀرح طرح طريقن سان بيحرمتي ڪري غليّظ نالن سان پُڪارڻ لڳو ويو مثال طور عيسائي بُزرگن ۾ (1) ٽرتلين چيو” عورت شيطان جو درواز، خوبصورت دلڪش مُصيبت آهي، (2) سينٽ گريگري چيو ” ازدهي کان وڌيڪ خطرناڪ، افعي کان وڌيڪ چالاڪ، (3) سينٽ جيروم چيو” عورت مڙني خرابين ۽ بُرائين جي پاڙ آهي، (4) سينٽ اگسٽائن چيوـ عورت آدم کان الله جي حڪم جي نافرماني ڪرائڻ ۾ شيطان جي ڀائيوار ۽ مددگار آهي۔ ۽ هي ئي اُهي عيسائين جا ولي هُئا جن تي عيسائي مذهب جو دارو مدار هو. واقعو اچي ٿو ته ڏيڍ هزار سالن تائين ڪليسائن انهن ئي ڳالهين جي تعليم ڏني ۽ تاڪيد ڪئي ته جيستائين ممڪن ٿي سگهي انهن کان فاصلو رکيو وڃي ڇو جو ازدواجه رشتو ڪيترو ئي ضروري ڇو نه هُجي پوءِ به هڪ گُناه ۽ جهنم جي باه جي گهير آهي. اسان کي انهن قولن کي پڙهي تعجب نه ٿيو جيترو هنن قول مسيح جي باري ۾ لکيو چنن ٿا ته انجيل ۾ لکيل آهي ته عيسي ا عليه السلام پنهنجي والده ماجده سان نهائيت سختيءِ ۾ ڳالهائي چيو ته ”ائي پوڙهي ! تون ڇو ٿي اچين! تُهنجو موسان ڪهڙو ڪم! ظاهر آهي ته هي نبيءَ جي زبان ٿي به نٿي سگهي، هي انهن ئي دعويداران انجيل جو ڪوڙ گهڙيل آهي جيڪ هو عيسي ع جي نالي سان منسوب ڪن ٿا۔ . 1850 عيسويءَ ۾ انگريزي قانون مُطابق مهذب مُلڪ مغرب عورت جي حال تي جيڪي نوازشون ڪيون آهن اسان کي هنن جي خالن تي گهڻو تعجب به نٿو ٿئي، (هسٽري آف وومينس سفرج جلد3، صفحج 290) تي لکيل آهي ته مغربي قانون ۾ عورت ڪنهنشي تي قابض نعي ٿي سگهي خواه اها سندس ٺاهيل ئي ڇو نه هُجي يا اُن کي وراثت ۾ ملي هُجي، بحالت مجبوري هوءَ مجبور آهي ته ان کي ڪنهن وٽ امانت رکي ڇڏي ۽ ان جي مرضيءَ جي ڪاربند رهي. اگر هُوءَ شادي ڪرڻ چاهي ۽ پنهنجي مال تي قبضو به رکڻ چاهي ته هُوءَ قانونن مجبور آهي ته هو پنهنجي آئينده مُڙس سان هڪ معاهدو ڪري جنهن جو مُطابق هو پنهنجي سموري ملڪيت ان جي حوالي ڪري ڇڏي. زال جو درجو (ماما) جهڙو اهي وڌيڪ نه. انگريزي قانون مطابق سندس مڙس هن جو مالڪ ۽ آقا آهي هن کي زال جي ذات ۽ نابالغ ٻارن تي مُڪمل اختيار هوندو هو زالکي اهڙي ڏنڊيءَ سان ماري سگهندو جنهن جي ٿوله سندس آڱوٺي جيتري ٿُلهي هوندي، (دي امين آف رومن) ۾ جوزف ميڪ ڪب لکيو آهي ته متحده امريڪا جي قانون ۾ عورت کي ۽ مرد کي (شخص واحد) قرار ڏبو. مڙس پنهنجي زال کي وصيت سان تمام جائدا ئي نه پر خود ان جي ملڪيت کان محروم ڪري سگهي ٿو، زال پنهنجي مُڙس جي مرضءَ ۽ منشا کان سواءِ نه ئي ڪا وصيت ڪري سگهي ٿي ۽ نه ئي ڪو معاهدو ۽ نه ئي ان کي جائدا منتقل ڪرڻ جو اختيار آهي، سندس لباس ان جي ملڪيت ناهي، ايستائين جو هو پنهنجي جان کي به پنهنجو نٿي چئي سگهي. هن جو مڙس هن جي ٻارن کي ڇني سگهي ٿو، هن جا ڪپڙا لاهي سگهي ٿو، هن جي اولاد کي بُيو مارائي سگهي ٿو، پر عورت لاءِ ڪنهن به قانوني چاره جوئيءِ جي اجازت ناهي. عرب ۾ جيڪو نياڻين کي زنده دفن ڪرڻ جو رواج هو اهو انهيءِ عيسائين جي تبليغن جو نتيجو هو، سندن اڪثر قبيلا مڪي ۽ اطراف ۾ آباد هئا ، ۽ نبي سائن جن جي اچڻ کان قبل جڏنهن هنن ۾ ڇوڪريءَ جو جنم ٿيندو هو ته هو مايوس ٿي ويندا هُئا ۽ ڇوڪري پئدا عيڻ ڪري پنهنجي قوم کان لڪندا وتندا هُئا، لت کي دٻائڻ لاءِ کين مري دفن ڪري ڇڏيندا هُئا. قرآن ۾ تڏنهن اچي ٿو ته”وَ اذا بشر احدهم بالانثي اظل و جهر مسودا و هو ڪءيم يتوري من القوم من سوع و ابشر بهِ امسڪهُ علي هون آم يدسهُ في التراب. اهوئي سبب آ اسلام ۾ عورت کي عزمت ملي ۽ گهڻين شادين جي ضرورت به تڏنهن ٿي پر انصاف ۽ هص زوجيت ۾ برابريءِ سان. نبي سائين جن 11 شاديون ڪري عورت جي هر مقم کي عزت ڏياري ۽ جاهليت جو عيسائي سماج واريو عرم ۾ پيل رسمون ختم ڪرايون.