مست
سينيئر رڪن
ڪاڪو آچار ته سائين سدائين نئين شين جي باري ۾ ڄاڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جيڪا نئين شئي ٻڌندو هو، دير ئي نه ڪندو هو ان جي باري ۾ تجربو ڪندو هو۔۔
يعني سندس مرضي هئي ته هر شئي جو پهريون استعمال ڪندڙ مان هجان۔۔۔ معنيٰ ته کيس ماڊرن ٿيڻ جو وڏو شوق هو۔۔
ٻڌائين ته نئين شئي آئي آهي چانهه (پتي ) جي نالي سان۔۔ انگريز ۽ ولايتي بابوُ وڏي شوق سان وٺن ٿا۔۔۔ پوءِ ته سائين دير ئي نه ڪيائين ترت وڃي شهر رسيو۔۔۔۔
وڃي چانهه جي پڇا ڪرائيندي هڪ دُڪان تي پهتو۔۔ دُڪان واري کان پُچيائين ابا هيڏي چانهه ڪيئن ٿو ڏيئين۔۔؟
دُڪان دار پهرين ته چتائي ڏٺس، هي وري نئين فلم ڪٿان آئي آهي۔۔۔۔؟
خير چانهه جو اگهه ٻُڌائيائينس۔۔اگهه مهانگو ٻڌي ڪاڪو ٿورو بيٺو۔۔ پر وري ٻيو گراهڪ پاءُ جو آرڊر ڏنو ته ڪاڪي آچار سوچيو وڏي ڪا ڀلي شئي آهي، ماڻهو پاءُ پاءُ وٺي ٿا وڃن۔
ڪاڪي آچار جو کيسو ٿورو گرم هو ۔۔ باغ جي مقاطعي جا پئسا هئس۔۔ دير ئي نه ڪيائين اڌ ڪلو چانهه (پتي) پيڪ ڪرڻ جو آرڊر ڌنائينس ۔۔ دُڪان دار دير ئي نه ڪئي ۔۔ اڌ ڪِلو پتي توري ڏنائينس۔۔
ڪاڪو آچار وڏي خوشيءَ سان گهر آيو۔۔۔ گهر ايندي ئي گهر واريءَ کي ڏنائين۔۔ چيائينس ته چانهه تيار ڪري ڏي۔۔ ڪاڪيءَ چيس ۔۔ ائي مُٺيس مان ڪڏهن چانهه تيار ڪئي آهي ۔مان ته نالو اڄ پئي ٻُڌان۔ ڪيئن ٺهندي آهي ڪا ناهي۔۔!
هاڻي سائين ڪاڪو آچار به ضدجيو۔۔ چيائينس ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي۔۔۔ وجهي پاڻي رکينس چلهي تي۔۔ پوءِ کَٽي ڀاڳ۔۔۔
ڪاڪيءَ پتيءَ کي رکيو چلهه تي ۽ وڌائينس پاڻي ۽ ٻه ٽي ڪارا مرچ ۽ دال چيني به وجهي ڇڏيائينس۔۔۔
مطلب ته ڪاڪيءَ پنهنجو وس نه گهٽايو۔۔۔ ٿوري دير کانپوءَ ديڳڙي لاهي ڪاڪيءَ پاڻي سڄو هاريو ۽ پتيءَ کي وڏي ٿالهه ۾وجهي کڻي آئي ڪاڪي آچار وٽ۔۔۔
ڪاڪي آچار هڪ لَپو هنيو، منهه خراب ٿي ويس پر ڪاڪيءَ اڳيان نه ڪڇيو۔
hall chari
جهڙو تهڙو ٻيو لپو هنيائين پوءِ ته مرڳو ئي هانءُ پيو ڪچو ٿيئيس۔ دير ئي نه ڪيائين ٿالهه کي ڪيائين اونڌو۔۔
ڪاڪيءَ کي چيائين، هي ته ڪو زهر آهه الائي ماڻهن کي ڪيئن ٿو وڻي۔۔پاڻ توبهه ڪئي۔۔
asul matt