ڪاڪي آچار جا ڪارناما۔۔ پارٽ 2

'ڪاڪي آچار جي اوطاق' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2009۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ڪاڪو آچار ته سائين سدائين نئين شين جي باري ۾ ڄاڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو، جيڪا نئين شئي ٻڌندو هو، دير ئي نه ڪندو هو ان جي باري ۾ تجربو ڪندو هو۔۔
    يعني سندس مرضي هئي ته هر شئي جو پهريون استعمال ڪندڙ مان هجان۔۔۔ معنيٰ ته کيس ماڊرن ٿيڻ جو وڏو شوق هو۔۔
    ٻڌائين ته نئين شئي آئي آهي چانهه (پتي ) جي نالي سان۔۔ انگريز ۽ ولايتي بابوُ وڏي شوق سان وٺن ٿا۔۔۔ پوءِ ته سائين دير ئي نه ڪيائين ترت وڃي شهر رسيو۔۔۔۔
    وڃي چانهه جي پڇا ڪرائيندي هڪ دُڪان تي پهتو۔۔ دُڪان واري کان پُچيائين ابا هيڏي چانهه ڪيئن ٿو ڏيئين۔۔؟
    دُڪان دار پهرين ته چتائي ڏٺس، هي وري نئين فلم ڪٿان آئي آهي۔۔۔۔؟
    خير چانهه جو اگهه ٻُڌائيائينس۔۔اگهه مهانگو ٻڌي ڪاڪو ٿورو بيٺو۔۔ پر وري ٻيو گراهڪ پاءُ جو آرڊر ڏنو ته ڪاڪي آچار سوچيو وڏي ڪا ڀلي شئي آهي، ماڻهو پاءُ پاءُ وٺي ٿا وڃن۔
    ڪاڪي آچار جو کيسو ٿورو گرم هو ۔۔ باغ جي مقاطعي جا پئسا هئس۔۔ دير ئي نه ڪيائين اڌ ڪلو چانهه (پتي) پيڪ ڪرڻ جو آرڊر ڌنائينس ۔۔ دُڪان دار دير ئي نه ڪئي ۔۔ اڌ ڪِلو پتي توري ڏنائينس۔۔
    ڪاڪو آچار وڏي خوشيءَ سان گهر آيو۔۔۔ گهر ايندي ئي گهر واريءَ کي ڏنائين۔۔ چيائينس ته چانهه تيار ڪري ڏي۔۔ ڪاڪيءَ چيس ۔۔ ائي مُٺيس مان ڪڏهن چانهه تيار ڪئي آهي ۔مان ته نالو اڄ پئي ٻُڌان۔ ڪيئن ٺهندي آهي ڪا ناهي۔۔!
    هاڻي سائين ڪاڪو آچار به ضدجيو۔۔ چيائينس ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي۔۔۔ وجهي پاڻي رکينس چلهي تي۔۔ پوءِ کَٽي ڀاڳ۔۔۔
    ڪاڪيءَ پتيءَ کي رکيو چلهه تي ۽ وڌائينس پاڻي ۽ ٻه ٽي ڪارا مرچ ۽ دال چيني به وجهي ڇڏيائينس۔۔۔
    مطلب ته ڪاڪيءَ پنهنجو وس نه گهٽايو۔۔۔ ٿوري دير کانپوءَ ديڳڙي لاهي ڪاڪيءَ پاڻي سڄو هاريو ۽ پتيءَ کي وڏي ٿالهه ۾وجهي کڻي آئي ڪاڪي آچار وٽ۔۔۔
    ڪاڪي آچار هڪ لَپو هنيو، منهه خراب ٿي ويس پر ڪاڪيءَ اڳيان نه ڪڇيو۔
    hall chari
    جهڙو تهڙو ٻيو لپو هنيائين پوءِ ته مرڳو ئي هانءُ پيو ڪچو ٿيئيس۔ دير ئي نه ڪيائين ٿالهه کي ڪيائين اونڌو۔۔
    ڪاڪيءَ کي چيائين، هي ته ڪو زهر آهه الائي ماڻهن کي ڪيئن ٿو وڻي۔۔پاڻ توبهه ڪئي۔۔
    asul matt
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    lajwab-sharinglajwab-sharing
    asul mattasul mattasul mattasul mattasul mattasul mattasul matt
    shal judy hujeen
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهرباني تعريف ڪرڻ جي
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    بهترين ادا ڄامشورائي صاحب
    لاجواب ادا
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    واهه واهه ڪاڪي آچار واري ڪردار ۾ ڪافي دم آهي، مُنهنجي خيال ۾ آچار وارو نانءُ صرف سنڌي ۾ رکيو ويندو آهي، ادا ڄامشورائي جيڪڏهن هن خالص سنڌي ڪردار کي اڳتي وڌائين مطلب ڪاڪي جا ڪارناما خالص سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي ڀلائي وارا هُجن اُن ۾ خالص مزاح جا چاشني هُجي ته يقين ڄاڻجان سنڌ سلامت تان نروار ٿيندڙ هي ڪردار، تاريخي ڪردار ثابت ٿي سگهي ٿو۔ اميد ٿو ڪريان ته مان جيڪو چوڻ ٿو چاهيان اهو تون ڀليءَ ريت سمجهي ويو هوندين۔ تُنهنجي هن تخليق ڪيل ڪردار قسم سان مُنهنجو من موهي وڌو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين نه نه۔۔۔ منهنجي تخليق ۾ ايترو دم ڪٿي، توهان غلط سمجهيا آهيو۔۔۔۔
    هي پراڻو ڪردار آهي۔۔۔ منهنجو نانو مرحوم مونکي ٻڌائيندو هو۔۔۔۔
    پر فڪر نه ڪريو مون وٽ هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو توهان دوستن جي ذهن کي ڇرڪائي \ڇڏيندو۔۔۔۔
    باقي ڪاڪي آچار جي ڪردار 'کي مان پنهنجي سوچ آهر اڃان اڳتي وڌائيندس۔۔۔ فڪر ناٽ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه سائين واهه تمام بهترين
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    عبدالوهاب سائين اڃان ڪٿي۔۔۔
    مزي وارا قصا ته اڳتي آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    مهربانيون bhali kareaya
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو