”جوڳي جاڳايوسِ، سُتو هوس نِنڊَ ۾“

'فوٽو شاپ' فورم ۾ ابو واصف طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2009۔

  1. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    سنڌ سلامت واسيو! سدائين خوش رهو. گهڻي وقت جي اگهور ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ جڏهن فوٽوشاپ جي سکيا جو سيڪشن کوليم، جنهن ۾ مون ڪافي وقت اڳ فوٽوشاپ جا لنڪ ڊائون لوڊنگ لاءِ رکيا هيم، ڏاڍو افسوس ٿيو ته سواءِ هڪڙي دوست جي جواب کان سواءِ ٻيو ڪنهن جو به جواب موڪليل ناهي. مون کي خبر ناهي ته ٻئي ڪنهن دوست لنڪ ڪاپي ڪيا به آهن يا نه؟ بهرحال هتي آئون ايڊوب فوٽوشاپ CS3 جي انسٽاليشن جو طريقيڪار ٻُڌائي رهيو آهيان. اميد ته دوست مانائتي موٽ ڏيندا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هن سلسلي ۾ دوستن جي سهڪار جاري نه رهي ته متان آئون پڻ ويتر سُست ٿي ويهي رهان.
    ايڊوب فوٽوشاپ CS3 جي انسٽاليشن جو طريقيڪار
    سڀ کان پهريان دوستن کي نماڻي گذارش آهي ته ڏنل لنڪس تان فوٽوشاپ ڊائون لوڊ ڪن، ان کان پوءِ پهرئين پارٽ کي ”ان زپ“ ڪريو. ياد رهي ته پهريون پارٽ ”ان زپ“ ڪرڻ سان توهان کان Password گهرندو، جيڪو هن ريت آهي:
    www.sindhsalamat.com
    پاس ورڊ ڏيڻ کان پوءِ پهريون پارٽ ”ان زپ“ ڪريو۔ ان کان پوءِ ”ان زپ“ ٿيل ڊائريڪٽريءَ ۾ PS.10.Me کي ڊبل ڪلڪ ڪندا ته انسٽاليشن شروع ٿيندي.

    هڪ ضروري وضاحت: هڪ ڳالهه جي وضاحت ضروري ڪندو هلان ته هن انسٽاليشن دوران جيڪڏهن اوهان جو ”ياهو مئسينجر“، ”فائرفاڪس“ يا ڪو ٻيو برائوزر يا پروگرام کُليل هجي ته مهرباني ڪري انهن کي بند ڪندا، ٻي صورت ۾ فوٽو شاپ انسٽال نه ٿيندو.

    سيٽ اپ جو طريقيڪار ته معمول مطابق آهي، يعني اسڪرين تي ڏنل هدايتن جي مطابق عمل ڪريو ۽ انسٽاليشن ٿيڻ کان پوءِ اوهان ڪمپيوٽر کي ”ري اسٽارٽ“ ڪريو.
    هاڻي جڏهن اوهان جو ڪمپيوٽر ٻيهر اسٽارٽ ٿي وڃي ته ٽاسڪ بارڪ ۾ ”Start“ ۾ اچي Programs ۾ اچي Adobe Photoshop CS3 کولڻ سان اوهان کي هن قسم جي اسڪرين نظر ايندي:

    [​IMG]

    هتي اوهان پنهنجو سيريل نمبر ڏيندا، جيڪو توهان جي ”ان زپ“ ٿيل فائلن ۾ __KeyGens جي نالي سان ” Serial-1.txt“ جي نالي سان ”سيو“ ٿيل آهي. سيريل نمبر ”پيسٽ“ ڪري، پوءِ Next ڪريو. هاڻي توهان کي هن قسم جي اسڪرين نظر ايندي:

    [​IMG]

    هاڻي اوهان Activate Now تي ڪلڪ ڪريو. ٿوري دير ۾ اوهان کي هن قسم جي اسڪرين نظر ايندي:

    [​IMG]

    هاڻي اوهان Phone Activation کي ڪلڪ ڪريو. هن کان پوءِ اوهان کي هيءَ اسڪرين نظر ايندي:

    [​IMG]

    هاڻي اوهان پنهنجي ”ان زپ“ ٿيل ڊائريڪٽريءَ ۾ KeyGen_2 کي ان زپ ڪري، ان کي اوپن ڪريو ۽ مٿي ڏنل ايڪٽيويشن نمبر ڪاپي ڪريو۔ هن طرح:

    [​IMG]

    KeyGen_2 جي فائل ۾ Activation Number جي جاءِ تي پيسٽ ڪريو. هن طرح:

    [​IMG]

    ان کان پوءِ Authorization Code کي ڪلڪ ڪندا. ته Authorization Cod ٽائيپ ٿي ويندو. ياد رکو ته Authorization Code جي صرف پنجن خانن کي ڪاپي ڪري Activation Type جي خانن ۾ پيسٽ ڪندا. باقي آخري خاني ۾ هيءُ نمبر پيسٽ ڪندا.
    6459


    [​IMG]

    هاڻي اوهان جي انسٽاليشن مڪمل ٿي چڪي. جيڪڏهن اڃان انسٽاليشن ۾ ڪو ايرر اچي ته اسان جو جادوگر صاحب پاڻهي جادوئي لَٺ گهمائي، ايرر کي ختم ڪندو. تيستائين هن حقير کي دعائن ۾ ياد رکندا.
     
  2. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جزاک الله،
    مون ٻڌايل طريقي مطابق ڦوٽوشاپ انسٽال ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي توهان سبقن جو انتظار آهي.
    مهرباني
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ٻئي سينيئر عهديدار هاڻي ظاهر ٿيا آهن
    سٺي ڳالهه آهي ادا ابوزين ءٌ ابو واصف۔۔۔
    ادا ابو واصف آئون اونئن ته ڪورل ڊرا ۾ ڪم ڪندڙ آهيان پر ڦوٽوشاپ جي ڏاڍي تعريف ٻڌي اٿم۔۔۔ هاڻي بس توهان کان ڪم سکڻ شروع ڪيان ٿو۔۔۔ اوهان مونکي هر سبق ۾ موجود پائيندو۔
     
  4. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    انشاء الله توهان سان ساٿ نڀائبو...
     
  5. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادا دوست ڄامشوراڻي صاحب، تمام خوشي ٿي اوهان به ڪورل ڊرا سُٺو ڄاڻو ٿا. مهرباني ڪري جيڪڏهن ڪلاس شروع ڪري ڇڏيو ته ڏاڍو مزو ايندو. هونئن ته انهيءَ فرض کي مون پنهنجي لاءِ منتخب ڪيو هو، پر ڇا ڪريون ادا هڪ پنهنجون ذاتي مصروفيتون ۽ ٻئي طرف ”سنڌ سلامت“ جون خدمتون...! بس ڪافي ساري دير ٿيندي، انهيءَ ڪري اوهان سان ڪورل ڊرا جي سکيا جي عمل ۾ تمام گهڻومزو ايندو. (مهرباني)
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ابو واصف صاحب توهان جي مهرباني جو توهان مون کي ان فرض لاءِ منتخب ڪيو۔۔
    انشاءَالله جلد ئي اهو ڪلاس شروع ڪبو۔۔ بس ادا نومبر جي شروعاتي ڏينهن کان ڪلاس جي شروعات ٿي ويندي۔۔۔ ڪجهه مصروفيتون آهن انهن کي اُڪلائي وٺان۔۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    واه دوستو۔۔۔
    توهان جي اهڙي ڪچهري صرف اسان موڳن کي ئي فائدو نه ڏيندي پر سنڌ سلامت فورم تي ايندڙ هر رڪن توڙي مهمان انهي مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا۔۔۔۔۔
    ادا ابوزين دير آيد درست آيد جي ڳالهه وانگر توهان آخر ڪار شروعات ڪئي توهان جي ايندڙ سبق جو مون وانگر سموري ساٿ کي انتظار رهندو۔۔۔۔
     
  8. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    ادا جادوگر صاحب! اوهان ته ڪجهه فرق ڪريو ”ابو زين“ ۽ ”ابو واصف“ ۾...!
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    asul mattasul mattasul matt


    :D:D:D:D:Dshal judy hujeen
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي سائين ابو واصف صاحب توهان جي يقين ڪيو ته مان کي به ڦوٽو شاپ جي ڪا خبر ناهي توهان جي ان ٻڌايل طريقي سان انسٽاليشن ڪري ڇڏي آهي ادا توهان جي ٻئي سبق جي انتظار رهندو

    شاک جڙيو هجين
     
  11. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه سائين اوهان ته بالڪل نئين يوزر لاء به آساني ڪري ڇڏ ي آهي الله توهان کي خوش رکي۔
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڙي ادا ابوواصف لڳي ٿو پاڻ به هاڻي ادا علي علي وانگر پوڙها ٿي ويا آهيون.... :D
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو