منهنجو نالو راجا ٿيٻو آهي آئون حيدرآباد قاسم آباد جو رهواسي آهيان۔ آئون توهان جو هي فارم ڏسي ڏاڊو خوش ٿيس ۽ تھ ڪيم تي هاڻ ان جو ڀاتي ٿيڻو آهي۔ توهان سڀني کي منهنجي طرفان سلام۔
وعليڪم منهنجا سڄڻ ڀلي ڪري آئين، اميد ته هن محبتي اڱڻ تي توهان کي پنهنجائپ محسوس ٿيندي، شروع ۾ توهان کي لکڻ ڪرڻ ۾ ٿورڙيون ڏکايون پيش اينديون، پر رتوهان وقت ڪڍي پنهنجا رايا پيش ڪندا رهندا ته يقينن توهان کي سولائي سان هي اڱڻ سمجهه ۾ اچي ويندو، هتي توهان کي هر قسم جو مواد سنڌ جي ڀلوڙ قلم ڪارن طرفان پڙهڻ ۽ لاڀ حاصل ڪرڻ لا ملندو۔ اميد ته ڀيرو وريندا رهندا، جتي به هجو خوش هجو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لا جاکوڙيندا رهو۔ سدائين گڏ
راجا صاحب وعليڪم السلام سنڌ سلامت فورم تي توهان کي ڀليڪار چئجي ٿو اميد ته ساٿ سلامت رهندو 539 اٽيچمينٽ ڏسو
محترم راجا ٿيٻو کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي لاء ڪوشان آهي۔ اوهان جو ساٿ اسان لاء حوصلا افزائي جو سبب بڻجندو ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
پرين راجا کي ڀليڪار ڀلي آئين ڀلا پرين ، ڀلا ٿين توهان جا پير جيڪي ايندي چوني آءُ ، جيڪي ويندي چوني ويه ڇڏي سارو ڏيه ، اڱڻ وڃجي انهن جي
دوست راجه ٿيٻي کي هن فورم تي ڀليڪار ڪريون ٿا۔ ميمبر ٿيڻ شرط ڀا تي لازمي ٿي پيو آهي ته پنهنجي ٽهي کي به هي گس ڏيکارين ته جيئن ملي جلي ڪري اونداهين ۾ گهيرجي ويل سست، ڪاهل، پاڻ پڏائڻ واري قوم لا ڪو دڳ ڳولي ڪڍون ۽ پاڻ به حقيقي معنائن ۾ ٻين قومن وانگر هڪ سولائيزڊ قوم سڏجون جيڪا پاڻ پڏائي پاڻ کي ست هزار سالن جو وارث ته سمجهي ٿي پر عملي ميدان ۾ هڪ نانگ وانگر پنهنجو پاڻ پنهنجا ٻچا کائي ٿي۔ اهو سمجهڻ لا ڀا کي مُهنجو هي چُڀندڙ مضمون پڙهڻو به پوندو ۽ ٻين کي به دعوت ڏئي پڙاهڻو پوندو جنهن جي جواب جو آئون طلبگار آهيان۔ مضمون پڙهڻ لا هتي ڪلڪ ڪريو۔