سبق ٽيويهون. باب هيڪنگ. مضمون اي ميل پاس ورڊ هيڪنگ 1۔ ڪو خاص قسم جو حملو موجود ڪونهين ته هڪدم بس اي ميل موڪلي پاس ورڊ کي قبضي ۾ ڪري ڇڏجي۔ ۽ اهو ايترو به آسان ڪونهين جو ياهو ميل، جي ميل يا هاٽ ميل سرور کي چيٽ ڪري يوزر جي پاس ورڊن تي حملو ڪرڻ شروع ڪري ڏجي۔ 2۔ اي ميل پاس ورڊ هيڪنگ لا توهان کي ڪلائنٽ کي پنهنجي گرفت ۾ آڻڻو ٿو پوي اُن تي ڪي پاسيرا حملا ٿا ڪجن، ڪنهن مخصوص ميل سرور جهڙوڪ ياهو يا هاٽ ميل يا جي ميل جي فوٽن جو سهارو وٺي ڪلائنٽ کي جواب لا مجبور ٿو ڪجي ۽ هو ان دام يا ڪنهن لالچ ۾ ڦاسي پنهنجو اي ميل پاسورڊ ۽ آ ڊي پنهنجو پاڻ ئي حوالي ٿو ڪري ڇڏي۔ 3۔ اسان هتي الاهي اهڙا ورڪشاپ ڪنداسون جنهن سان توهانکي پنهنجي پاسورڊ يا آِ ڊي کي بچائڻ جا طريقا بيان ڪنداسون پر پهرين هڪ مشهور حملي (فسنگ اٽيڪ) جو ذڪر ڪرڻ ٿا چاهيون