سبق پنجويهون. باب هيڪنگ. مضمون فشنگ اسپام ڇا ڇا ٿي سگهن ٿا

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق پنجويهون. باب هيڪنگ. مضمون فشنگ اسپام ڇا ڇا ٿي سگهن ٿا
    1۔ ابا اهي هاڙا اي ميل ٿي سگهن ٿا جيڪي توهانکي دعوتون ڏيندا ته فلاڻو سوشل گُروپ جوائن ڪريو۔۽ پو توهانکي هڪ فارم موڪليندا ته سُهڻا معصوم سنڌي هاڻ ان تي پنهنجو آ ڊي لکي پاس ورڊ وجهو۔
    522 اٽيچمينٽ ڏسو
    2۔ اهو اي ميل چئي سگهي ٿو ته وڏيرا! تُهنجو اي ميل اڪائونٽ لاڪ ٿي ويو آهي، ڀلائي ٿينئي هنميلن تي سائن ان ڪر ته تونهنجي اڪائونٽ جو لاڪ کوليون۔
    3۔اهڙي اي ميل توهانجي طبيعتن کي لڀائيندڙ ڏيندئي ۽ پو پيار سان چوندئي ته مٺا هاڻ هن ۾ پنهنجي فلاڻي فلاڻي اي ميل جو اڪائونٽ ۽ پاس ورڊ ته هڻ۔ سنڌي وڏيرو ڏيندو مُڇ کي تا ۽ ڪندو فارم ڀرڻ۔
    4۔ چوندئي ته او هو ڀلوڙ ڇوري هُن لنڪ تي تُهنجي آسري تي ويٺي آهي، هن کي شايد امريڪا جي گورن ۽ آفريڪا جي ڪارڻ، چين، جاپان جي چٻن کان گهڻون تون وڻيو آهي ته بس ٿي شروع رک دوستي جا پيچرا۔
    بس پو ته خبر اٿو نه غريبج کان ڦريل مال، ملڪيت سڀ ٻاهر ۽ وڏيرو سائن مُڇ تي تا ڏيندو آڪڙ ۾۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو