سبق ٽيون. باب ونڊوز هيڪنگ ۽ سيڪيورٽي مضمون سيڪيورٽي اڪائونٽ مئنيجر(ايس اي ايم)

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سبق ٽيون. باب ونڊوز هيڪنگ ۽ سيڪيورٽي مضمون سيڪيورٽي اڪائونٽ مئنيجر(ايس اي ايم)
    1۔ سيڪيورٽي اڪائونٽ مئنيجر، ونڊو جي آپريٽنگ سستم (او ايس) ۾ هڪ ڊيٽا بيس آهي۔ جيڪا يوزر جو نالو ۽ پاس ورڊ محفوظ رکي ٿي۔ ايس اي ايم رجسٽري جو هڪ حصو اهي ۽ ان کي هارڊ ڊسڪ تي ڳولي سگهجي ٿو۔
    2۔ سروس، ان ڳالهه جي جوابدار آهي ته هو ايس اي ايم ۾ پنهنجي ڳنڍ (ڪنيڪشن) رکي ( هن ۾ يوزر اڪائونٽ ۽ گروپ موجود هوندو آهي)۔ ايس اي ايم ڊيٽا بيس کي يا ته لوڪل رجسٽري ۾ رکبو اهي يا ڪنهن ايڪٽو ڊائريڪٽري ۾(جيڪڏنهن موجود آهي ته) ۔جڏنهن سروس ڳنڍڻ شروع ڪندي ته اُها سسٽم کي ٻُڌائيندي ته ايس اي ايم ڊيٽا بيس موجود آهي ته جيئن ٻيون سروسزبه ايس اي ايم ڊيٽا بيسز ڏانهن وڌڻ شروع ڪنديون۔
    3۔ ايس اي ايم ۾ ، هر يوزر اڪائونٽ کي ونڊو ۾ هڪ پاس ورڊ اسائن ٿيندو آهي جيڪو ٽٽل ڦُٽل شڪل ۾ هوندو آهي، ۽ جيڪڏنهن ڪو سسٽم جي لاگ آن ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ يوزر جو نالو يا پاس ورڊ ايس اي ايم ۾ مئچ ٿي ويندو آهي، ته هڪ متواتر ڪم ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن جيڪي بل آخر اُن يوزر کي سسٽم ۾ پُهچڻ جو گس ڏئي ڇڏيندا آهن ۔ ۽ جيڪڏنهن يوزر جو نالو ۽ پاسورڊ ايس اي ايم جي ڪنهن به اينٽري سان چڱي نموني مئچ نه ٿيندو آهي ته ته موٽ ۾ هڪ غلطي ميسيج (ارر ميسيج) ايندو آهي ته انفارميشن ٻيهر وجهو۔
    4۔ جڏنهن توهان پاس ورڊ سان نئون يوزر اڪائونٽ ٺاهيندا آهيو ته اُهو ايس اي ايم فائل ۾ جمع (اسٽور) ٿي ويندو آهي 5۔ ونڊو جو سيڪيورٽي فائل هيٺ ڊرائيو تي لوڊ هوندون آهن
    530 اٽيچمينٽ ڏسو
    6۔ جيئن ئي آپريٽنگ سسٽم اسٽارٽ ٿيندو آهي ته ، ايس اي ايم فائل تي پُهچ بند ٿي ويندي آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو