چين جي شهر شنگهائي ۾ وائي فائي انٽرنيت مفت

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]
    چين جي شهر شنگهائي جي ميونسپل گورنمينٽ طرفان پوري شهر ۾ مفت وائي فائي انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي منصوبي جو آغاز ٿي چڪو آهي۔۔۔ هن منصوبي جو نالو i-Shanghai رکيو ويو آهي۔۔ منصوبي جي تحت سال 2012 جي مڪمل ٿيڻ تي 300 کان وڌيڪ شهر جي جاين تي مفت انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي۔۔۔ 27 جولائي کان شروع ٿيندڙ هن مهم ۾ 30 پبلڪ جڳهين تي مفت انٽرنيٽ مهيا ڪئي وئي آهي۔۔۔

    [​IMG]
    مفت وائي فائي انٽرنيٽ ٽرين اسٽيشنن، پارڪن ۽ تاريخي ماڳن تي فراهم ڪئي ويندي ۔۔ حڪومت طرفان مفت انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جو هي منصوبو 2015 شنگهائي وائرليس سٽي جو حصو آهي۔۔۔
    هن منصوبي تحت ماڻهون پنهنجي موبائيل نمبر ذريعي رجسٽر ٿي مفت وائي فائي انٽرنيٽ جي لاءِ تفصيل حاصل ڪري سگهندو ۔۔۔ سروس جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ ان جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ مفت انٽرنيٽ تي روزانو ٻه ڪلاڪ استعمال ڪرڻ جي حد مقرر ڪئي وئي آهي۔۔ ۽ جيڪي ماڻهون ان کان وڌيڪ انٽرنيٽ هلائڻ گهرندا ته کين ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي۔۔۔
    شنگهائي ۾ ان کان اڳ ئي وائي فائي جي حوالي سان مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي۔۔۔ گذريل سال مارچ ۾ 500 وائي فائي ٽيليفون بوٿ پڻ لڳايا ويا آهن۔۔۔ اميد ڪئي پئي وڃي ته سال 2013 تائين شنگهائي شهر ۾ وائي فائي هاٽ سپاٽ جو تعداد 22000 کان به مٿي ٿي ويندو۔۔۔۔

    (دي نيڪسٽ ويب جي ٿورن سان)
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنگهائي جي خوبصورت نظاري تان نظر ئي ڪو نه ٿي هٽي جو متن پڙهجي۔۔ مان سوچيان پيو جيڪڏهن رات جي وقت مان پنهنجي شهر جي تصوير وٺڻ جي ڪوشش ڪيان ته صرف ڪاراڻ نظر ايندي۔۔ نه عمارتون، نه روشنيون، نه پاڻي نه رنگينيون۔۔ اسان سڀ 2012 ۾ ساڳي دنيا ۾ رهون پيا۔۔ پر پاڻ بجلي لاء سِڪون پيا، دنيا مفت انٽرنيٽ جي ڳالهه پئي ڪري۔۔
    بس ڙي يار دينا، ڀِت اِتلي وَل آکي گارا
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا تمام بهترين ونڊ آهي۔
    پهرين به لنڊن اهو اعلان ڪيو هو ته هو فري ۾ وائي فائي جي سروس ڏيندا اڄ وري توهان اها خبر ٻڌائي ته چين جي شهر سنگهائي به ان تي ڪم شروع ڪيو آهي۔
    ادا اهو وقت ڪڏهن ايندو چڏهن سائين قائم علي شاه اعلان ڪندو ته سنڌ ۾ مفت ۾ وائي فائي جي سروس شروع ڪري رهيا آهيون۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ادا قائم علي شاه اهو اعلان نه ڪندو بلڪه اهو اعلان ڪندو ته سنڌ ۾ ڀنگ مفت ڪئي پئي وڃي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چيني قوم جي ترقي ڏسي ڪا حيرت ڪانه ٿي جو هنن پنهنجي ماڻهن کي مفت سهولت ڏني آهي۔ اهڙيون قومون ئي دنيا تي حڪومتون ڪنديون آهن
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ڀلاڙي سالو تهنجا ڀاڳ
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    اسانوٽ هتي قطر ۾ به گذريل چئن سالن کان ڪافي پبلڪ جاين تي وائي فائي فري سروس آهي ، نه صرف ايترو بلڪه انهن جاين تي پارڪ ۽ ويهڻ لاءِ ڪرسيون به گورنمنٽ جي طرفان رکيل آهن
     
  8. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا هتي اها شاهدي به ڏيندا هلو ته انهن بئنچن تي ڪيترا ماڻهو اچي پان کائي ٿُڪون اڇلين ٿا؟ ڪيترا ماڻهو هرو ڀرو جتي سوڌو پير رکي انهن کي ميرو ڪن ٿا؟ ڪيترا ماڻهو انهن کي هرو ڀرو ڀڃڻ جي نه ٿا ڪن؟ ۽ قطر ۾ ٽيڪس پيئر جو تناسب ڪيئن آهي؟ ڪيترا ماڻهو انهي ڳولا ۾ ناهن ته واءِ فاءِ جي لڳل ڊوائيس کي نقصان پُهائڻ يا چورائڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن؟ ڪيترا پوليس وارا اهڙا آهن جن اهڙو ڪو عمل ٿيندي ڏٺو هجي ته انهن ماڻهن خلاف ڪاروائي بجاءِ لکين روپين جي شين جي تباهي عيوض پنهنجي ڏهاڙي جيتري جي چوٿائي رقم وٺي ڇڏي ڏنو هُجي۔

    جي اوهان جو جواب (ڪنهن به سوال لاءِ) ها ۾ آهي ته جلد اُميد رکو ته اسان جي مُلڪ ۾ به اهو دؤر اجهو آيو!۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سٺي ڳالھ آھي، اسان جا اھڙا نصيب ڪٿي، بس اھي ڳالھيون ٻُڌي دل ٿي ڏُکي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو