
چين جي شهر شنگهائي جي ميونسپل گورنمينٽ طرفان پوري شهر ۾ مفت وائي فائي انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي منصوبي جو آغاز ٿي چڪو آهي۔۔۔ هن منصوبي جو نالو i-Shanghai رکيو ويو آهي۔۔ منصوبي جي تحت سال 2012 جي مڪمل ٿيڻ تي 300 کان وڌيڪ شهر جي جاين تي مفت انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي۔۔۔ 27 جولائي کان شروع ٿيندڙ هن مهم ۾ 30 پبلڪ جڳهين تي مفت انٽرنيٽ مهيا ڪئي وئي آهي۔۔۔ 
مفت وائي فائي انٽرنيٽ ٽرين اسٽيشنن، پارڪن ۽ تاريخي ماڳن تي فراهم ڪئي ويندي ۔۔ حڪومت طرفان مفت انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جو هي منصوبو 2015 شنگهائي وائرليس سٽي جو حصو آهي۔۔۔ هن منصوبي تحت ماڻهون پنهنجي موبائيل نمبر ذريعي رجسٽر ٿي مفت وائي فائي انٽرنيٽ جي لاءِ تفصيل حاصل ڪري سگهندو ۔۔۔ سروس جي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ ان جي غلط استعمال کي روڪڻ لاءِ مفت انٽرنيٽ تي روزانو ٻه ڪلاڪ استعمال ڪرڻ جي حد مقرر ڪئي وئي آهي۔۔ ۽ جيڪي ماڻهون ان کان وڌيڪ انٽرنيٽ هلائڻ گهرندا ته کين ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي۔۔۔
شنگهائي ۾ ان کان اڳ ئي وائي فائي جي حوالي سان مختلف منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي۔۔۔ گذريل سال مارچ ۾ 500 وائي فائي ٽيليفون بوٿ پڻ لڳايا ويا آهن۔۔۔ اميد ڪئي پئي وڃي ته سال 2013 تائين شنگهائي شهر ۾ وائي فائي هاٽ سپاٽ جو تعداد 22000 کان به مٿي ٿي ويندو۔۔۔۔
(دي نيڪسٽ ويب جي ٿورن سان)