سڀ کان وڏو ڪير..........؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هيٺين تصوير ڌرتي جي سائيز کي اسان جي نظامِ شمسي جي ٻين گرهن کي ڀيٽيندي ظاهر ڪري ٿي۔۔

    [​IMG]
    هيٺين تصوير اسان جي نظامِ شمسي ۾ موجود ٻين وڏن گرهن کي ڀيٽيندي اسان جي ڌرتي جي سائيز کي ظاهر ڪري ٿي۔۔ ڏسو مشتري، زحل ۽ نيپچون جي مقابلي ۾ اسان جي ڌرتي ڪيتري ننڍي آهي۔۔۔ هڪ اندازي موجب 1400 ڌرتيون گڏجن ته هڪ مشتري ٺهندي۔۔۔​
    [​IMG]
    هيٺين تصوير اسان جي نظامِ شمسي جي وڏن سيارن کي سج سان ڀيٽي رهي آهي۔۔ توهان ڏسو ته مشتري جهڙي وڏي سياري جو به سج سان ڪو جوڙ نه ٿو ٺهي۔۔ هڪ انداز موجب مشتري جهڙا 980 سيار گڏجن ته وڃي سج جي سائيز کي پورو پئجي سگهندو۔۔۔ ته پوء سج سان ڌرتي جو جوڙ ڪيئن رهندو۔۔۔؟​
    [​IMG]
    اسان نظامِ شمسي کان ٻاهر نڪرون ٿا۔۔۔ ڏسو ته ڪائنات ڪيتري وڏي آهي۔۔ هيٺين تصوير ڏسي اندازو ڪيو ته اسان جو سج ٻين نظامن جي سج جي مقابلي ۾ ڪيترو ننڍو آهي۔۔۔ ​
    [​IMG]
    ۽ جيڪڏهن اڃا ٿورو ٻاهر وڃو ته توهان کي حيران ٿيڻ گهرجي۔۔۔ ڇو ته اسان جي سج جي مقابلي ۾ ڪائنات ۾ ڪيڏا نه وڏا تارا موجود آهن۔۔۔ انهن جي مقابلي ۾ اسان جو سج صرف هڪ پڪسل جي برابر آهي۔۔ ​
    [​IMG]
    مٿين تصوير ۾ سڀ کان وڏو ڏسڻ ۾ ايندڙ تارو Antares آهي جيڪو ڪائنات ۾ سڀ کان روشن تارن ۾ 15 نمبر تي آهي۔۔ ۽ اسان کان 1000 سالن جي دوري تي آهي۔۔۔ ​
    هاڻي ٿورو اڃان ٻاهر ٿا نڪرون۔۔۔ ۽ هاڻي ذڪر ٿا ڪريون ان پنهنجي ان ڪهڪشان جو جنهن ۾ موجود 200 کان 400 بلين سج آهن ۽ وري انهن جا نظام ۽ وري انهن نظامن ۾ موجود لاتعداد سياره۔۔۔ هيٺين تصوير ڏسي اندازو ڪري سگهندو۔۔۔؟​
    [​IMG]
    ڳالهه رڳو هتي ختم نه ٿي ٿئي ۔۔۔ ڇو ته هن ڪائنات ۾ رڳو اسان جي ڪهڪشان موجود ناهي پر اسان جي ڪهڪشائن وانگر سَوَن نه پر هزارن نه پر لکن جي تعداد ۾ اهڙيون ڪهڪشائون موجود آهن۔۔۔ اسان جي ڪنهن تيز رفتار راڪيٽ ذريعي سفر ڪري پنهنجي ڪهڪشان کي ڪراس ڪرڻ جو سوچيون ته ان ۾ اسان کي موجوده دور جو تيز ترين راڪيٽ 220 ملين سال لڳاتار هلڻ سان به پورو ڪري نه سگهندو۔۔۔ اهڙي طرح هڪ ڪهڪشان کان ٻي ڪهڪشان جو سفر ٽن ملين سالن جو آهي۔۔۔۔​
    [​IMG]
    افففففففففف
    هاڻي ٻڌايو ته هن ڪائنات ۾ توهان ڪيترا وڏا آهيو۔۔۔؟
    ۽ توهان جون پريشانيون ڪيتريون وڏيون آهن۔۔۔؟
    ۽
    هن ڪائنات جو خلقيندڙ ڪيترو وڏو آهي۔۔۔؟
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هههههه۔ ۔۔۔۔ نه ته ڪي لفظ آهن ۽ نه ئي ڪجهه چوڻ جي قابل آهيون ۔۔۔ ان خالق جي باري ۾ ڳالهائڻ اسانجي وس کان ٻاهر آهي ۔۔۔

    اي انسان تون ڪهڙي ڪهڙي نعمت کي ڪوڙو ثابت ڪندي ۔۔۔

    حيرانگي جي حد آهي ۔۔۔۔ جيڏانهن ڪريان پرک تيڏانهن سڄڻ سامهون

    سبحان الله
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    سڀ کان وڏي منهنجي الله جي ذات هڪ،
    ٻيو ته واه جي ڄاڻ/ معلومات ڏني اٿوَ
    مون کي ڪڏهن به سسٽم شمسي سمجهه ۾ نه ايندو هو، پر توهان جا لک احسان جو هڪ اک ڇنڀ ۾ تمام ڀلي سمجهاڻي ڏني اٿو۔
    سنڌ سلامت هجي شال توهان سميت۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جزاڪ الله، بهترين معلومات ۽ سمجهاڻي۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جزاڪ الله ادا

    ڪهڙي ڳالهه ڪجي پنهنجي پياري پروردگار جي

    سدائين گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ڳاله ڪرڻ ۽ سوچڻ کان وڏي آهي ابا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    خوبصورت شيئرنگ آهي۔

    سچ ته رب جي ذات سڀ کان وڏي آهي، جيڪا جيئن چاهي ٿي پئي ٿو۔ هن ڪائنات جهڙيون ڪيئي ڪائناتون هونديون، ڪيئي گرهه هوندا ۽ ايترو گهڻو ڪجهه به هوندو جنهن جي انسان کي خبر ئي ناهي۔

    بيشڪ هو اڪبر آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    بيشڪ الله پاڪ سڀ کان وڏو آهي ۔ سڀني جهانن جو خلقيندڙ آهي ، ڪجھ علمائن جي مطابق ارڙهن هزار جهان آهن ، والله اعلم
     
  9. جاويد حسين

    جاويد حسين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    546
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    Manager I.T & Finance - Bawany Group Of Companies
    ماڳ:
    حيدرآباد
    من ڪل فاني الله باقي۔ بيشڪ جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجه به اوڏيائي منگان.
     
  10. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    سائين منهنجا رب جي ذات سڀ کان وڏي، لفظ ڪونه ٿا ملن، شاه سائين جي لفظن ۾
    جيڏو تنهنجو نا ٻاجهه به اوڏيائي مڱان،
    ري ٿنڀي، ري ٿوڻين تون ڇپر تون ڇانو،
    ڪڄاڙو ڪهان، توکي معلوم سڀ ڪا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو