• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽچ اسڪرين مانيٽر... پرنٽر ۽ سڪينر جي خصوصيتن سان گڏ..

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڪثر توهان پنهنجي ڪمپيوٽر تي پرنٽ اسڪرين جي ڪمانڊ استعمال ڪندي فوٽو حاصل ڪندا آهيو پر ٿورو سوچيو جيڪڏهن ائين هجي ته جيڪڏهن توهان پرنٽ اسڪرين ڪمانڊ پريس ڪريو ته توهان جو مانيٽر اسڪرين جي تصوير ڪاغذ تي پرنٽ ڪري توهان جي اڳيان آڻي۔۔۔ جي ها مون ڪنهن پرنٽر جي ڳالهه نه ڪئي ۔۔۔ مون مانيٽر جي ڳالهه ئي ڪئي۔۔۔

CombiMonitor-1.jpg

هڪ ڪوريائي ڪمپني YankoDesign طرفان ڪمپيوٽر مانيٽر جو هڪ ماڊل پيش ڪيو ويو آهي ۔۔ جيڪو ٽچ اسڪرين هجڻ سان گڏو گڏ پرنٽر ۽ اسڪينر جون خصيوصيتون به رکي ٿو ۔۔۔ ۔Combi Monitor نالي هن ڊيزائين ۾ 27 انچ اسڪرين استعمال ڪئي وئي آهي۔۔ مانيٽر جي پوئين سائيڊ تي هڪ ٽري پڻ ڏنل آهي۔۔ جنهن ۾ پرنٽنگ لاءِ پيپر پڻ رکي سگهجن ٿا۔۔ هن نئي مانيٽر جي ذريعي يقينن توهان جي ڪمپيوٽر ڊيسڪ جي ڪافي جڳهه بچڻ سان گڏ خوبصورتي ۾ پڻ اضافو ٿي پوندو۔۔۔ ۽ ان طرح پرنٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مون جهڙن سست ماڻهن کي پرنٽر ڏانهن وڃڻ جي ضرورت به نه پوندي بلڪه ڪرسي تي ويٺي ويٺي پرنٽ سامهون ملي پوندي۔۔ خيال ڪيو پيو وڃي ته هن مانيٽر لاءِ پرنٽنگ جي روايتي مس ۽ ٽونر بجاءِ ڪي ٻيا ذريعه استعمال ڪجن۔۔۔

document_extracter3.jpg

جيڪڏهن مستقل قريب ۾ اهڙا مانيٽر تيار ڪيا ٿا وڃن ته يقينن نه صرف وسيلن جي بچت ٿيندي پر وقت جي ضايع ٿيڻ کي به بچائي سگهبو۔۔۔

document-extractor-combimonitor-04.jpg
توهان جي خيال ۾ هي مانيٽر ڪامياب ويندو يا فيل ٿيندو؟۔۔۔ راين جو انتظار رهندو۔۔۔

(برٽ۔سي او جي ٿورن سان)
 
ها ادا ان جو تجربو اوهان اڪثر مهنجي ڪمپوٽر جي اسڪرين شاٽ وٺي ڪري ڪندا آهيو بهترين ڪوشش آهي ادا اسان به ٽرائي ڪريون ٿا
 
ابا ڀلا ان جي رقم ته ٻڌايو

پرنٽر جي ته خبر ناهي باقي ٽچ اسڪرين وارو ڪم وڻيو۔
 
هڪ شي جڏهن گهڙيون شيون گڏ ٿينديون آهن ته ان جي قيمت وڌي ويندي آهي ۽ معيار ڪري پوندو آهي۔
باقي اسڪرين ۽ ٽچ وارو سسٽم تمام بهترين آهي۔

نئي شي آهي ٿي سگهي ٿو ڪامياب ٿي وڄي

بهترين ونڊ ڪئي آهي
 
ملٽي فنڪشن سسٽم اڪثر ناڪام ويندو آهي، پر اهو اسان جي رينج کان يقينن ٻاهر هوندو، باقي ڀل دنيا وارا استعمال ڪن جڏهن اهي اسڪريپ ٿي پاڪستان آيا ته وٺڻ لا سوچبو۔
 
Back
Top