پناهگيرَ۽سنڌي قوم جو حشر!سنڌي ووٽن جي موج ماڻيندڙن جا نعرا(نه ويو اٿئي دٻي رک)واهڙي قوم تُهنجي قسمت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2012۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پناهگيرَ۽سنڌي قوم جو حشر!سنڌي ووٽن جي موج ماڻيندڙن جا نعرا(نه ويو اٿئي دٻي رک)واهڙي قوم تُهنجي قسمت
    ا۔ ٻروچ! بلڪل صحيح ٿا چئو! آئون به انهي قوم جو هڪ فرد آهيان ظاهر آهي ته اهي ڪوتاهيون مون ۾ به گهر ڪري ويون آهن جنهنجي رفليڪِشن اها ئي هُئي جيڪا توهان ڏٺي ۽ اهي ساڳيا لقب مون تي به ٺهي ٺُڪي اچن ٿا اُن ڪري مان پاڻ به انهن مان نڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪريان پر شايد مُهنجا پير به هن وڏير شاهي پهڻ ڪري ڇڏيا آهن، زبان، دماغ، دل ته ساٿ گهڻو پيو ڏي پر ڌوٻڻ ۾ گُهسيل پير آجا نه پيا ٿين ۽ جيڪا قوم سان گڏ مُهنجي حالت آهي سان محسوس ڪري ئي واڪا پيو ڪريان ته پاڻ گس وٺو ته مونکي به هن ڌُٻڻ مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪريو پر شايد زميني حالتن تحت ڪي جنريشن اهو ممڪن نه ٿي سگهي ۽ هاڻ ته مُهنجو ايندڙ نسل به ان ڌُٻڻ ۾ ڳڙڪندجندو وڃي۔
    2۔ هر اُهو اُستاد جيڪو ڪينوس، بورڊ يا يا مانيٽر جي اسڪرين تي جي ڪي سمجهاڻي جا نُقطاا لکندو آهي ته هو اهو پڻ چاهيندو آهي ته مُخاطب ڪَيَل خُطابي اهي چڱي طرح ڏسن، پو ٻُڌن، ۽ پو بحث مُباحثو ڪن ته ٻُڌائيدڙ ۽ ٻُڌندڙ ٻئي ان مان پرائين۔ مان توهانکي هڪ حقيقت کان آگاه ڪرڻ ٿو چاهيان ڀلي ان کي توهان به مُشاهدي ۾ آڻي ڏسو اُها اها ته اڪثر اُستاد خطابين کي درس ڏيندي ڏيندي، اها ڳالهه بار بار ورجائڻ سان پاڻ يا ته رٽجي ويندا آهن يا سمجهي ويندا آهن جنهنجو هڪ ئي مطلب ٿيندو آهي ته خُطابي اُستاد جي ڄاڻ جو سبب بڻبو آهي۔ شايد توهان ڄاڻندا هوندئو ته سي ايس ايس ۾ اڪثر ماستر ئي گهڻا پاس ٿيندا آهن ۽ سي ايس ايس جا آفيسر ۽ ٻيا گروپ جهڙوڪ انجنيئر، ڊاڪتر يا ٻئي ڪنهن پروفيشن سان ته اُنهن جي اينٽري فقط سورس ۽ سفارشي، لاڳاپي سان ٿيندي آهي، خطابين کي پڙهائي پڙهائي اهي سي ايس ايس جا سيليبس ماسترن کي از زبر ياد ٿي پوندا آهن۔ سو مهربان قدر دان جي خطابي سمجهندو ته سندس ٻُڌڻ وارا ننڊن جي نشن ۾ ورتل، پاڻ ۾ سُس پُس ڪندڙ اهن ته هو درس کي اڳتي وڌائڻ ۾ هرگز دلچسپي نه وٺندو، مطلب جي درس نه هليو ته پاڻ به مفهوم سمجهڻ کان آرو هوندو، اتي سوال ٻي جو مقصد ئي اهو هو نه ڪه خود نمائي، 60 سالن جي عمر ۾، سُهڻين سُهڻين پوسٽن تي ڪم ڪندي ڀلا هاڻ ان خودنمائي جي ڪهڙي ضرورت محسوس ٿيندي۔ پو اُستاد ڇا ڪندو يا ته انهن موالي نمان شاگردن کي چاڪ اُڇلائي هڻي اُٿاريندو، يا دانهن ڪندو ته اي ڇورا اک پٽ يا مانيٽر تي اهڙا تير هڻندو جيڪي مون هنيا ته تحت الشعور ۾ غرق غيرت اُٿي اُڀري پوي، ڇا اهو عمل غلط آهي؟ هاڻ خبر ناهي ته توهان ان کي تعريفن جي ٻُڌڻ جي ذمي ۾ ٿا آڻيو يا خطابن جي تحت الشعور کي غيرت ڏئي اُڀارڻ ۾ ۽ انهن جو هڪدم رسپانس وٺڻ ۾ جيئن توهان ڏنو ۽ ظاهر آهي اها مُهنجي نفسياتي ٿيراپي ئي هُئي جنهن توهان کي موٽ ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ توهان مُهنجي ٽرانس جو شڪار ٿي ويا، اهو مون چاهيو ۽ توهان هڪ معمول وانگر عمل ڪيو ۽ آئنده به اوهان تي عمل ڪري موٽ ڏيڻ ته مجبور ڪندس اهائي ته نيشنل انٽريسٽ جي ڳالهه آهي۔
    3۔ بلڪل جي اها اهو مطلب ٿي رکي ته مان خوشامدي ڪلمات ٻُڌڻ لا ٿو ڪريان ته توهان به حق تي آهيو ڇو جو ڀا ڪو به مريض خوشي سان دوا ناهي ڳڙڪائيندو اُن لا ڪي مخصوص طريق اختيار ڪرڻا پوندا اهن ڪو فرق نٿو پوي ته اُهي ڪو ڪهڙي طريقي سان ٿو ادا ڪري مريض جي مُنهن ۾ دوا جا قطرا وجهي، ڪو فرَ نٿو پوي ته مريض لتن جا وار ڪري مُرڳو ڊاڪٽر کي ئي زخمي ٿو ڪري وجهي، من سڀني جو اهو چاهيندو آهي ته مريض کي شفا ملي ۽ ڪا ڳالهه ڪانهين چئي در گُذر ڪري سو آئون به توهانجي ڳالهه کي درگُذر ٿو ڪريان ان ڪري جو مُنهنجو مقصد توهانجي سوچن کان به وڏو اهي۔ (گُستاخي معاف ٻروچ ڀا)
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪجهه ليک اهڙا هوندا آهن جن تي معلومات جي گهٽتائي سبب اسان ٽيڪا ٽپڻي ڪري ناهيون سگهندا۔ اوهان جو هر ليک پڙهيو آهي اها ٻي ڳالهه آهي ته جڏهن ضرورت پوندي آهي ته لاڳاپيل قسم جو مواد ڳولهي، جانچي ان مان مفيد معلومات وٺندا آهيون۔

    ٻي ڳالهه ته جڏهن هڪجهڙا موضوع لاتعداد هڪ ئي ڏينهن شيئر ڪبا اهي به ڊگها ته لازمي آهي ته هتي هر ڪو مصروف رهي ٿو۔ ڪجهه اهڙا دوست به آهن جيڪي صرف سنڌيت جي لاڳاپي جي خيال سان فورمن تي اچن ٿا تنهنڪري شايدا اهڙو ريسپانس اوهان کي ملي ناهي سگهيو۔

    ٽين ڳالهه ته اوهان جا موضوع گهڻو قيمتي آهن جيڪي روايتي تعريف کان وڌيڪ سٺا آهن۔ تنهنڪري اوهان کي ۽ اسان کي پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو