ڪمپيوٽر رجسٽري ڇا آهي ۽ ڇو ٿي استعمال ۾ اچي جي توهان ڪمپيوٽر جي دُنيا ۾ نوان داخل ٿيا آهيو يا سيکراٽ آهيو ته مان توهنکي توهانجي پنهنجي ڀلائي لا انتباهه ٿو ڪرڻ چاهيان ته خوامخواهه ڪنهن به رجسٽري کي ڊليٽ يا موڊيفا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪريو، نه ته ڇا ٿيندو جو اوهان ممڪن آهي ان حرڪت ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر کي ناڪاره ڪري وجهو۔ 545 اٽيچمينٽ ڏسو
ونڊو رجسٽري ڇا آهي؟ ڪنهن به آپريٽنگ سسٽم جو دماغ، ڪمپيوٽر جي رجسٽريز (سيل) هوندو آهي مُشاهدي ۾ اچي ٿو ته اڪثر دوست رجسٽري جي استعمال کان نا واقف هُئڻ ڪري هتان هُتان نوٽس جمع ڪري پنهنجي ئي ڪمپيوتر جي رجسٽرين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪري ويهندا آهن جيڪو هڪ انتهائي خطرناڪ عمل اهي ۽ توهانجي ڪمپيوٽر کي نقصان رسائي سگهي ٿو۔ احتياط ڪريو! 546 اٽيچمينٽ ڏسو
رجسٽري ڪيئن ٿي کُلي صرف توهان کي ناليج ڏيڻ لا ته پهرئين اسٽارٽ ٽيب کي ڪل ڪري، رن ٽيب ۾ وڃو ۽ اُتي رج ايڊٽ ڪمانڊ لکو ته توهانجي رجسٽري هن (هيٺين تصوير) پينل سان کُلي ويندي۔ 547 اٽيچمينٽ ڏسو
تفصيل سان هاڻ هن پينل ۾ توهان ڏٺو ته رجسٽري کي پنجن ڪلاسن ۾ ورهايو ويو آهي۔ 1۔ ايڇ ڪي_ڪلاسسز_رُوٽ 2۔ ايڇ ڪي_ ڪرنٽ _يُوزر 3۔ ايڇ ڪي_ لوڪل_ مشين 4۔ ايڇ ڪي_يُوزرس 5۔ ايڇ ڪي_ڪرنٽ_ڪنفگ 548 اٽيچمينٽ ڏسو
هاڻ اچو ته هنن ڪلاسز جي ڪمن کي سمجهون 1۔ ڪرنٽ يُوزر هي ڪمپيوٽر ۾ انسٽال ٿيل اپليڪيشن ۽ اُن سان لاڳاپيل ايڪسٽينشنس کي مينٽين ٿو ڪري۔ 2۔ لوڪل مشين هي ڊيٽا يا لاگنگ ٿيل يُوزر جي ترجيهُن کي مئنيج ٿو ڪري۔ 3۔ لوڪل مشين هي مشين جي سسٽم کي ڪنٽرول ٿو ڪري جيڪي پوري آپريٽنگ سسٽم ته اثر انداز ٿين ٿا۔ 4۔ ڪرنٽ ڪنفگ جڏنهن ڪمپيوٽر ري اسٽارٽ ٿئي ٿو يا يُوزر تبديل ٿئي ٿو ته هي اُن جي ڊيٽا کي ۽ اُن جي تبديلين کي هتي رکي ٿو 549 اٽيچمينٽ ڏسو
رجسٽري ڪلينر تائن پُهچڻ ۽ اُن ۾ تبديليون آڻڻ رجسٽري کي هٿ سان تبديل ڪري سگهجي ٿو ان لا جنهن به رجسٽري ڪلاسز جي فولڊر ۾ وڃبو، ان ۾ واڌو سائين لڳل هوندي ۽ جيڪا به رجسٽري گهُربل هوندي هيٺ ويندي اُن ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي يا ڪا اهڙي اينتري به جيڪا هنن فولڊرن سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿي اُها نئين سر لکي سگهجي ٿي ته جيئن نئين اينٽري سان سسٽم جي فنڪشنن کي ڪلنٽرول ڪري سگهجي۔ 550 اٽيچمينٽ ڏسو
رجسٽري مٽائڻ جي ضرورت ڇو ٿي پوي جيئن ته رجسٽري ڪلينر (مٽائڻ) ڪمپيوٽر کي ڪمپيوٽر جي ڌاڙيلن، دهشتگردن، ڏوهارين، ڪمپيوٽر جي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن ۽ اهڙين سيکڙاٽ شودن جيڪي تخريبي ذهن رکن ٿا کان بچا ڏياري ٿو۔ اهي سڀ شوديباز ايٿيڪل يا نان ايٿيڪل هيڪرس (پروگرامر) ٿين ٿا جيڪي پنهنجي پروگرامن يا ويب سائيٽن جي مشهوري لا توهانجي ڪمپيوٽرن ۾ مالويئر اُماڻين ٿا، رجسٽرين وسيلي انهن کي مٽائي صاف ڪرڻ ممڪن ۽ ضروري آهي۔ 551 اٽيچمينٽ ڏسو
ٻين کُليل لفظن ۾ کڻي ائين چئجي ته توهانجو ڪمپيوٽر انهن رجسٽرين ۾ ردوبدل ڪرڻ جي صلاحيتن ڪري اهرن شوديبازن سان وڙهڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ 552 اٽيچمينٽ ڏسو
رجسٽري ڪلينر آخر اهي ڪهڙي بلان سٻاجهڙئو! رجسٽري ڪلينر هڪ سافٽ ويئر پروگرام اهي جيڪو مائڪرو سافٽ ونڊوز جي آپريٽنگ سسٽمس لا ٺهيو اهي ته جيئن ان مان فالتو ۽ غير پسنديهه داخل ڪيل ڪچرو ڪڍي رجسٽري صاف ڪري سگهجي ۽ توهانجو ڪمپيوٽر تيز ۽ توهانجي ضرورتن تحت هلي۔ 553 اٽيچمينٽ ڏسو
هي رجسٽري پروگرام ڪيئن ٿا ڪم ڪن هي پروگرام، سسٽم کي اسڪين ڪري، بيڪار ۽ آئوٽ ڊيٽيڊ ڊيٽا ڳولين ٿا ۽ پو چکين اينٽرين کي رهڻ ڏين ٿا ۽ بُڇڙين اينٽرين کي لوڌي ڪڍڻ ۾ مدد ڪن ٿا ۽ توهانجو ڪمپيوٽي خامين کان پاڪ ٿي وڃي ٿو۔ 554 اٽيچمينٽ ڏسو رجسٽري ڪلينر يا ايڊٽ پروگرام ڪهرين ويب سائيٽن کان حاصل ڪجن مٿي ڏيکاريل سورس فائلون ۽ ويب سائيٽون توهان جي مدد ڪرڻ لا تيار ويٺيون آهن۔ بس دير توهان ۾ آهي۔
مختصر پر تمام ڀلو لڳو۔۔۔ هڪ صلاح توهان کي ڏيڻ گهرندس ته تصويرن ۾ موجود سنڌي لفظن کي تصوير سان گڏ ٽيڪسٽ طور به لکي موڪليو ته جيئن گوگل ۾ توهان جو هي موضوع تحريرن سميت شامل ٿي سگهي۔۔۔ ائين ڳولا ڪندڙ به آساني سان ڳولا ڪندي هن لنڪ تي پهچي سگهندو۔۔۔
بهترين موضوع آهي پر يار سنڌي اکر سمجھ ۾ نه پيا اچن ادا رشيد واري صلاح ته تصويرن سان گڏ ٽيڪسٽ ۾ به سنڌي لکي موڪليو مهرباني
بهتر آهي ته رجسٽري سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وڃي پر جيڪڏهن ڪير ڪري به ٿو ته زياده کان زياده ونڊوز خراب ٿي سگهي ٿوجيڪو ٻيهر آساني سان انسٽال ڪري سگهجي ٿو.
مان ڏيڻ جي مهرباني۔۔۔ اميد ته سلسلي کي جاري رکندا۔۔۔ ۽ صرف فائيدي وارين ٽپس کي ونڊ ڪندا ته جيئن توهان جي چواڻي دوست بلاوجه رجسٽري سان ڇيڙ خاني نه ڪري سگهن۔۔۔
رجسٽري بابت سٺي ڄاڻ ملي يار پاڻ کي ته ڪا ڄاڻ ئي ناهي، تنهنڪري رجسٽري سان ڪجهه گهٽ ته ڇا پر بلڪل به ڇيڙ ڇاڙ ناهيون ڪندا۔
رجسٽري بابت سٺي ڄاڻ مهيا ڪئي آهي۔ اميد آهي اوهان اهڙيون لکڙيون جاري رکندا جيئن اسان جهڙي گهٽ علم ماڻهو ان مان فاعدو حاصل ڪندا